190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ نيب طرفان ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ قومي احتساب بيورو طرفان ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو  امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ضمني ريفرنس ۾ بشريٰ بي بي کي به جوابدار نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي. ضمني ريفرنس منظوري لاءِ نيب ايگزيڪٽو بورڊ ۾ پيش ڪيو ويندو. ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ منظوري کانپوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو، نيب جي ٽيم جاچ مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي رپورٽ هيڊ ڪوارٽر کي موڪليندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نجي سوسائٽي ۾ ڇاپي دوران حاصل ٿيل ثبوتن کي به ريفرنس جو حصو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.