ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي، ڪراچي رينج ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ، ڪراچي جي عھدي تي ذميواريون ادا ڪندڙ عمران يعقوب منھاس کان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي رينج جي اضافي چارج واپس وٺي ان عھدي تي سنڌ پوليس ۾ ڪم ڪندڙ 19 گريڊ جي آفيسر جاويد عالم اوڍو کي ٻيھر ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آھي. سنڌ حڪومت پاران اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.جاويد عالم اوڍي کي 2 سال اڳ 2 جون 2022ع تي ڪراچي پوليس چيف مقرر ڪيو ويو هو، نگران حڪومت جي دور ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون هنيون.
JavedAlamOdho Karachipolicechief SindhPolice