جيئن ئي محرم مهينو شروع ٿيڻ وارو هوندو هيو ته امان ڪارا ڪپڙا ڪڍي ڌوئي صاف سٿرو ڪري رکندي هئي ته پهرين تاريخ تي پائيندس پوءِ جيئن پهرين محرم ٿيندي هئي امان پنهجون واليون پنهجا ڪنگڻ لاهي رکي ڇڏيندي آهي آئون ننڍڙي هوندي امان کان پڇندي هيس ته امان ڇو صفا پاڻ کي ٻسو ڪريو پئي ھلين ته امان صرف اهو چوندي هئي ته ٻچا امام حسين جي شهادت جو غم ايترو ته گهڻو آهي جو هنن ڏينهن ۾ ان جي قرباني ياد ڪري ڪجهه به کائڻ پئين يا پائڻ وڻندو نه اٿم.
اھا ته هئي امڙ جي عقيدت مولا حسين سان پر جڏهن مون هوش سنڀاليو ته مولا تي ڪجهه لکان ته منهجي سامهون اهڙا ته منظر اکين اڳيان ترڻ لڳا جو لکڻ تي مجبور ٿي پيس.
هر سال اهو بحث هلندو آهي ته ڪربلا جي جنگ صرف هڪ جنگ هئي ائين ان ۾ جيڪي شهيد ٿيا ته شهيد زندھ هوندا آهن پوءِ انهن تي افسوس ڪرڻ ضروري ناهي.
توهان کي ٻڌائيندي هلان ته ڪربلا رڳو هڪ جنگ ڪونه هئي ڪربلا جي ميدان ۾ جيڪي معصوم ٻارڙن کي پاڻي ڏيکاري ڏيکاري نه ڏنو ويو.
حضرت عباس کي رڳو شهيد ڪونه ويو هيو پر ان جا هٿ به ڪٽيا ويا هيا جن هٿن ۾ هو مشڪ ڀري 6 مهينن جي علي اصغر لاءِ پاڻي کڻڻ لاءِ ويو هيو.
اھو سڀ اسان جي پياري نبي جي اولاد سان ٿيو ڪر بلا اسان کي سيکاريو آهي ته ڀيڻ ڀاءُ جي. محبت ڇا هوندي آهي ڪربلا سيکاريو آهي ته وفا ڪئين ڪبي آهي.
مولا حسين جو سمورو ڪٽنب ان جي اکين جي اڳيان شهيد ٿيندو پئي ويو پر مولا آڻ نه مڃي مولا حسين پوري انسانيت جو درس ڏنو مولا اسلام جو سربلند ڪيو.
انسانيت ۾ ان کان وڏي ڪا قرباني کان ٿي ئي نٿي سگهي جيڪا ڪربلا جي ميدان ۾ مولا حسين ڏني.
ڪربلا هڪ اھڙو نان آهي جيڪو ٻڌڻ سان اکيون ڇلڪي ٿيون پون ڏسڻ سان اسان ڇا کلي سگهنداسين ڇا جي سگهنداسين ڪربلا هڪ درسگاه آهي ائين مظلومن جي سرزمين آهي.