باقي دنيا ۾ جمهوريت نمبرز گيم سمجهي ويندي آهي. يعني جنھن سڀني کان وڌيڪ سيٽون کٽيون ان کي حڪومت ٺاهڻ ۽ آئيني مدو پورو ڪرڻ جو حق حاصل آهي. پر اسان وٽ جنھن نمبرز گيم جي سراب جو دوکو کاڌو اھو ڄڻ بي موت ماريو ويو.
ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت کٽيل سيٽن جي تعداد تي يقين ڪرڻ جي باوجود پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهي آهي.
زور وہ اور ہے پاتا ہے بدن جس سے نمو
لاکھ کودے کوئی ٹانگوں میں دبا کر موصل
( سلیم احمد )
مجيب الرحمان متحده پاڪستان جي پهرين ۽ آخري بالغن جي ووٽ وارين چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪري ڇا ڪمائي ورتو ؟ ڀٽو ”في فرد في ووٽ“ جي بنياد تي ڪيترا سال حڪومت ڪري ورتي؟
محمد خان جوڻيجي جي سادي اڪثريت واري حڪومت جنرلز کي سوزوڪي ۾ ويھارڻ جي اعلان ڪرڻ بعد ڪيترا ڏينهن پورا ڪري سگهي ٿي؟
انهن موزي نمبرن بينظير ڀٽو جو ٻنهي ڀيرن ڪيترو ساٿ ڏنو.جيتوڻيڪ کيس بار بار اڻ سڌي طرح خبردار ڪيو ويو ته اوهان پنھنجي حامي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڳڻڻ بجاءِ اھا ڳڻپ ڪريو ته ڪيترا حساس ادارا اوهان جو ساٿ ڏئي سگهن ٿا ؟
اھڙي طرح نوازشريف جڏھن ٻئي ڀيري ٻھ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي تھ ھن جي چال ئي بدلجي وئي ۽ پوءِ انھيءَ اڪثريت جي رسي سان ھن جي ڏورن کي ڇڪيو ويو.
مس وڃي ٽئين ڀيري نمبرز جي دوکي کائڻ بعد ھن کي سمجھھ ۾ آيو تھ ووٽ کي بس ايتري عزت ڏيو جيتري عام ماڻھو کي ھن ملڪ ۾ حاصل آھي.اعتبار ڪرڻو آھي تھ ووٽ ڳڻڻ وارن تي ڪريو.
جڏهن نواز شريف جي پارٽي کي اهو فارمولو سمجهايو ويو ته، ڏسو پوءِ ڇا ٿيو. ايوان ۾ ميمبرن جي تعداد جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي هئڻ جي باوجود ٽئين،چوٿين ۽ پنجين نمبر کي ساٿ کڻي ھن جي جماعت کي اقتدار تائين آندو ويو.
سبق ڪھڙو مليو؟ سبق اهو مليو ته اسان سان ٺاھي رکندا،تھ ھر فرمائش پوري ٿيندي ۽ ُسٺن ٻارن جيان ھلندا تھ فارم پنجيٽاليھھ فارم ستيتاليھھ ۾ضم ٿي ويندو.
اسان جي ٻليِ اسان کي ميائون، جو رستو اختيار ڪندي، ته پوءِ ايوان ۾ سڀني گهڻيون سيٽون هئڻ جي باوجود، هڪ مقدمي کان ٻئي مقدمي تائين جتيون گسائيندا ڦرندا.
اھو راز ھڪ زماني تائين ھن ملڪ جي سڀ کان مقبول جماعت پيپلزپارٽي کي سمجھڻ ۾ چاليهه سال لڳا.نوي جي ڏھاڪي جي سڀ کان مقبول جماعت مسلم ليگ نون کي اھا ئي سادي ڳالھھ سمجھڻ ۾ ٽي اليڪشنن جو وقت لڳو ۽ ھاڻي نسبتاً گرم رت رکندڙ پي ٽي آءِ کي پڻ اھا ئي ڳالهه سمجهائڻ جي پوري ڪوشش ٿي رهي آهي ته جنهن به عدالت جو دروازو چاھي کڙڪائي وٺو. جيترن ئي نشستن جا نتيجا چئلينج ڪرڻاآهن ڪري وٺو. جيتريون ضمانتون وٺڻيون آھن وٺي وٺو، ٻاهرين ملڪن ۾ جيتري لابنگ ڪرڻي آھي ڪري وٺو. پر جڏھن ٿڪجي پئو ۽ سمورا ارمان پورا ٿي وڃن تڏھن اچجو. ڪجهه نھ ڪجھ ايڊجسٽمينٽ ڪري وٺنداسين.
هاڻي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي فيصلي تي جيئن جو تئين عمل ٿي وڃي ٿو تھ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو انگ ٻيانوي مان وڌي هڪ سئو چوڏهن تائين پھچي ويندو. اهڙي طرح اها اڪثريتي جماعت بڻجي ويندي، پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي جيڪا سادي اڪثريت گھربل آھي ان تائين پھچڻ جي لاءِ اٺونجاهه اضافي ميمبرن جي حمايت گھرجي.
هڪ رستو تھ اهو آهي ته عدليھ جي زنجير لوڏي فارم پنجيتاليھھ ۽ ستيتاليھھ جي ڀيٽ ڪرائي ڪجھھ وڌيڪ سيٽون ڇڏارئي وٺجن ۽ پر اهو ڪم ايترو ئي سولو هجي ھا ته پوءِ اٺ فيبروري جي چونڊن جي انتظام ڪندڙن کي ايتري محنت ۽ خرچ ڇو ڪرڻو پيو ھو. تنهن ڪري، ان آپشن تي هٿو هٿ قانوني ۽ قانون کان ھٽي ڪري جنگ ڪرڻ کان سواءِ عمل نه ٿو ٿي سگهي.
ٻيو رستو اهو آهي ته اقتدار ورھائيندڙ ڌرين سان ڪجھھ ڏي وٺ ٿي وڃي ۽ انهيءَ ڏي وٺ جي نتيجي اڳ جيان ھاڻي بھ ليز تي ڪجھھ جماعتن جون بيساکيون فراھم ڪيون وڃن. پر اهو رستو بد ظني جي موجوده ماحول ۾ ڪاوڙ ۽ انتقام جي جنگ سان لٽيو پيو آھي. جيستائين ”اوھين رھندا يا اسين “ جو موڊ ٻنھي پاسي طاري آھي،اھڙي ڪا سودي بازي ناممڪن آھي.
اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي طاقت ۽ ڪمزورين جو تھ اندازو آهي پر خان جي موڊ جو ڪو ادراڪ نھ آھي.بلڪھ خان کي بھ نھ آھي.
اسٽيبلشمينٽ بادشاھ گر جي طور تي پنھنجين ڪاميابين جي رڪارڊ جي سروُُر ۾ مبتلا آهي ۽ خان کي مستقبل جي خوابن اڃان تائين کڙو رکيو آهي.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته عدالتون ڀلي ڪنهن به دستوري غلطي کي سڌو ڪري وٺن.انهن فيصلن جي باوجود ويجهي مستقبل ۾ سياسي استحڪام اچڻ جو ڪو امڪان نھ آھي. ڪنهن سياسي و غير سياسي قوت وٽ ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جو ڪو به بيلو پرنٽ ناھي. ھاڻي تھ پري پري تائين ڪو بھ نوابزاده نصرالله خان به ناھي.
هن ملڪ ۾ ڪڏھن ڪو بحران نه آيو آهي. پر پهريون ڀيرو سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام، لاقانونيت ۽ دهشتگردي جا ڦٽڪا گڏ وگڏ وسي رھيا آهن.
اهڙي صورت ۾ ڪو بھ کٽي پر پاڪستان ھڪ وڏي مارجن سان هارائي رهيو آهي.