ايف بي آر پاران ڪسٽم ۽ ان لينڊ روينيو آفيسرن جي ٻٽي شهريت جا تفصيل طلب

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ايف بي آر ڪسٽم ۽ ايف بي  آر ان لينڊ روينيو سروس آفيسرن جي ٻٽي شهريت جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ايف بي آر هيڊ ڪوارٽرز کان سڄي ملڪ جي فيلڊ فارميشنز کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ٻٽي شهريت ۽ ڪسٽم ۽ انلينڊ روينيو سروس جي گريڊ 1 کان 21 تائين جي ملازمن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ايف بي آر طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ ملازمن جا تفصيل 15 جولاءِ تائين فراهم ڪيا وڃن. خط موجب ڪسٽم ۽ ايف بي آر ملازمن ۽ سندن گهرن جي پرڏيهي شهريت جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن. ايف بي آر هيڊڪوارٽرز کان سڄي ملڪ جي فيلڊ فارميشنز کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.