حيدرآباد: هجوم هٿان مبينا تشدد ۾ مارجي ويل ناصر شاهه جي وارثن جو عورت تي رٿابندي جو الزام

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھجوم ھٿان مبينا تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، وارثن پاران مقتول نوجوان ناصر شاهه جي قتل جو ھڪ عورت تي رٿابندي سان چوري جو ڪوڙو الزام ھڻي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، پوليس مقتول جي وارثن بدران پاڻ ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن حالي روڊ ٿاڻي جي حد پھنور ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۾ داخل ٿيڻ جي الزام هيٺ ھجوم ھٿان نوجوان ناصر شاھه جي مارجڻ وارو معاملو سامهون آيو هو، جيڪو معاملو نئو رخ اختيار ڪري ويو آهي. ان حوالي سان پراڻي وحدت ڪالوني واسي مقتول نوجوان ناصر شاھه جي ڀاءُ عامر شاھه جو چوڻ هو ته سندس ڀاءَ ناصر صحت کاتي ۾ ملازمت ڪندو هو، ھن جا پھنور ڳوٺ ۾ رھندڙ ھڪ عورت ڏانھن پيسا ھئا جيڪي ھو وٺڻ ويو ھو ته اتي رھندڙ ماڻھن ھڪ خاص منصوبو جوڙي ڀاءُ تي گھر ۾ گھڙڻ ۽ چوري ڪرڻ جو الزام مڙهيو ۽ پوءِ ھجوم کي گڏ ڪري ڀاءُ کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنھن ۾ هو شديد زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ واقعي بابت پوليس جي فريادي داخل ايف آئي آر تي عدم اعتماد ڪندي چيو ته پوليس اسان وارثن کي ٻڌائڻ بنا پاڻمرادو ايف آئي آر داخل ڪري خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، وارثن جي فرياد تي اسان جي مرضي مطابق ايف آئي آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن حالي روڊ پوليس مقتول جي وارثن بدران سرڪار جي فرياد تي پاڻ ئي ڪيس داخل ڇڏيو جنھن ۾ چئن نامزد ۽ 10/12 اڻڄاتل ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو، اي ايس آئي مبارڪ علي لاشاري جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ قلم 302 بدارن 322، 147 ۽ 149 شامل ڪيا ويا، فريادي موجب پنھور ڳوٺ جا رھواسي نواز پنھور، جھانگير ملاح، عمران مڱڻهار ۽ ذيشان سيد ھڪ لوڊر رڪشا ۾ نوجوان کي ٿاڻي تي کڻي آيا جن ٻڌايو ته نوجوان ڪنول نالي عورت جي گھر ۾ چوري ڪرڻ جي نيت سان داخل ٿيو ھو، عورتن جي رڙين تي ھو اتان نڪري عمران جي گھر ۾ داخل ٿيو جتان ھن کي پڪڙي ٻاھر ڪڍيو ويو، ان دوران علائقي واسي گڏ ٿي ويا جن نوجوان کي مارڪٽ ڪئي جنھن ۾ ھو بيھوش ٿي ويو آھي، فريادي موجب قانوني گھرجون پوريون ڪري نوجوان کي کڻي اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن ھن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، ھن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش کي اسپتال ۾ رکيو ويو جتي عامر شاھ پھچي ھن جي پنھنجي ڀاءُ طور سڃاڻپ ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش کڻائي ويو، فريادي موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ فوتي جي وارثن مان ڪير به نه آيو انھن جي عدم دلچسپي کي ڏسي سرڪار طرفان واقعي جو ڪيس نوجوان کي لوڊر رڪشا ۾ کڻي ايندڙ چئن ڄڻن ۽ 10/12 اڻڄاتل ماڻھن خلاف داخل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.