ڪراچي مان ڏيڍ ڪروڙ رپين جون پرڏيهي دوائون هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) سان گڏيل ڪارروائي دوران اڍائي ڪروڙ روپين جون غير رجسٽرڊ، غير قانوني ۽ مڌي خارج دوائون هٿ ڪري ورتيون آهن، ايف آءِ اي جي ترجمان موجب اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي سان گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران جوابدار انوپ ڪمار وٽان مختلف پرڏيهي ڪمپنين جون غير رجسٽرڊ/ غير قانوني/ ختم ٿيل دوائون هٿ ڪيون ويون، ڪارروائي گلشن رومي ملر ڪينٽ ويجهو ڪئي وئي. ترجمان موجب جوابدار وٽان هٿ آيل دوائون آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين جون آهن، جيڪي دوائون جوابدار پنهنجي آفيس ۾ رکيا هئا، جتان هو فيس بڪ ذريعي آن لائين دوائون وڪرو ڪندو هو. جوابدارن انوپ ڪمار ولد لالچند ۽ ديپڪ ڪمار خلاف ڊرگ ايڪٽ 1976 ۽ پاڪستان ڪسٽم ايڪٽ 1969 تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا پڻ هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.