موسميات کاتي جا اوزار اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ وڏا فنڊ گهرجن: شيري رحمان

اسلام آباد (م ڊ) موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته گرانٽس نه هجڻ سبب  موسميات کاتي جا اوزار اپ ڊيٽ ناهن، جديد اوزارن لاءِ وڏا فنڊ گهرجن. اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پريشاني جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ سڀ فنڊز متاثر علائقن لاءِ رکيا ويا.  اجلاس کي اين ڊي ايم اي چيئرمين بريفنگ ڏني ته نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر 6 کان 8 مهينا اڳ آفتن جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، جولاءِ جي ٻئي ۽ ٽئين هفتي ۾ برساتن جي اڳڪٿي آهي، ڀارتي درياهن مان پاڻي وهڪرو وڌڻ جو امڪان آهي.  اجلاس ۾ سينيٽر قرت العين مري موسميات کاتي جي ويب سائيٽ 10، 10 ڏينهن اپ ڊيٽ نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي.  ڊي جي موسميات کاتي وضاحت ڪئي ته اسان جي ويب سائيٽ روز اپ ڊيٽ ٿيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.