نصرالله گڏاڻي جو قتل حق ۽ سچ جو قتل آهي: فرحان لاڙڪ

ڪراچي (پ ر) قومي عوامي تحريڪ ڪورنگي پاران شھيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل حق ۽ سچ جو قتل آهي  سنڌ ۾ حق ۽ سچ لکندڙ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو. جيڪي صحافي سچ لکن ٿا، پنھنجي ضمير موجب لکن ٿا، انھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وڃي. حادثن، قبيلائي جھيڙن ۽ ٻين سازشن ذريعي صحافين کي اغوا يا قتل ڪرايو وڃي ٿو. فرحان لاڙڪ چيو ته نصرالله گڏاڻي کان اڳ ۾ جان محمد مھر،عزيز ميمڻ، اجي ڪمار، اصغر کنڊ ۽ ٻين صحافين کي شھيد ڪيو ويو، سنڌ حڪومت انھن خونن جي ذميوار آھي، انھن قتلن ۾ ملوث دھشتگردن کي سزا اچڻ گھرجي. رڳو ڪرائي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ گھرجن، قتل جي سازش ۾ ملوث سمورن ڏوھارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪو به واقعو ڪجھه ڏينھن ھاءِ پروفائيل رھندو آھي ن کانپوءِ وري ڪو نيون سانحو سامھون ايندو آھي، جنھنڪري گذريل واقعو سڀني کان وسري ويندو آھي ۽ پوءِ قوم ايندڙ نئين سانحي تائين خاموش رھندي آھي. اھو بنيادي سبب آھي جو سنڌ ۾ انصاف ناھي، قانون ناھي، ڪا عدالت ناھي، سنڌ سرداري، جاگيرداري، ظالم وڏيرڪو نظام آھي. پيپلز پارٽي 16 سالن جي حڪمرانيءَ ۾ اھو عوام دشمن نظام مظبوط ڪيو آھي، قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ ڪاشف خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.