اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چوماسي جي مند ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اين ڊي ايم ايموجب چوماسي جو نظام 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، سسٽم سان ڪشمور، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، عمرڪوٽ، بدين، مٺي ۽ ٿرپارڪر متاثر ٿيندا. برساتن سبب مقامي شهري ٻوڏ، ڍنڍن ۾ چاڙهه ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي تياري رکن. خطري هيٺ علائقن جا رهواسي مقامي عملدارن جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ عوام وقت سر الرٽس لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ موبائيل ايپ ڊائون لوڊ ڪري.