پي ٽي آءِ اميدوار عبدالقادر پٽيل خلاف قانوني نڪتا عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود اليڪشن ٽربيونل ۾ تحريڪ انصاف جي اميدواران جي اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، اين اي 243 ڪياماڙي کان تحريڪ انصاف جي  شجاعت علي ايڊووڪيٽ پ پ جي عبدالقادر پٽيل جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي، درخواستگذار قانوني نڪتا عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته عبدالقار پيٽل کي به نڪتن کي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي 6آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، پي ايس 118تي تحريڪ انصاف جي صالح زاده جي اپيل تي ايم ڪيو ايم جي نصير احمد سميت ٻين کي 2آگسٽ جا نوٽيس جاري ڪيا هئا .

  1. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ انور مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

ڪراچي (رپورٽر)بئنڪنگ عدالت ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿي .عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته ڪيس جي فائل اڃا تائين نيب حوالي ناهي ڪئي  وئي آهي .جاچ آفيسر چيو ته نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. جوابدارن جي  وڪيل چيو ته نيب چيئرمين کي نوٽيس جي ضرورت ناهي، فريال ٽالپر جي وڪيل شيراز شوڪت چيو ته ڪيس جي فائل حاصل ڪرڻ جاچ آفيسر جي ذميواري آهي. جوابدار انور مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري کي صدارتي استثنيٰ حاصل آهي،عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي فائل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .جڏهن ته عدالت فريال ٽالپر جي پيشي دوران ذاتي سيڪيورٽي  اهلڪارن صحافين سان بدتميزي ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.