ڪراچي، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ برسات، مختلف واقعن ۾ عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

ڪراچي/حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڪراچي، بدين، نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته برسات شروع ٿيندي ئي اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، ڪراچي جي ملير، صدر، نمائش  چورنگي، لياقت آباد، ناظم آباد، گلشن اقبال، گلشن معمار، شاهراهه فيصل، اسٽيڊيم روڊ، سرجاڻي ٽائون ۽ ڀرپاسي برسات پئي، گهگهر جي علائقي وڪيل ڪالوني ۾ لوڪ راڳي شبير بگٽي جي 2 نينگرين مٿان ڌماڪي سان ڀت ڪري پئي، نتيجي ۾ 8 ورهين جي نينگري انيلا ٿڏي تي فوت ۽ شهنيلا زخمي ٿي پئي. ٻئي طرف سرجاني سيڪٽر 7 اي ۾ دڪان جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، گلشن معمار ۾ تيز هوائن سبب هڪ سائن بورڊ همراهه مٿان ڪري پيو، جيڪو زخمي ٿي پيو. هوڏانهن ٿرپارڪر ضلعي ۾ به برسات پئي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر سميت ٻين علائقن تي هلڪي هلڪي برسات پئي، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي هلڪي هلڪي برسات دوران ڳوٺ ڦولپرو ۾ گهر تي وڄ ڪِرڻ سبب 28 سالن جي عورت اميان زال ميگهراج ڪولهي ۽ سندس ٻن سالن جو معصوم پٽ نريش ڪمار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنري ۾ به وسڪارو پيو، برسات بعد پاڻي جي کوٽ جي ستايل پڇڙي جي آبادگارن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون.بدين ۾ برسات بعد انتظاميا جي پت وائکي ٿي پئي، ڪجهه منٽ برسات بعد روڊن رستن تي پاڻي جمع ٿي ويو ۽ هيٺائين وارا علائقا ٻڏل نظر آيا، جڏهن ته صفائي عملو يا مشينري ڪٿي به نظر نه آئي.

Rain Sindh incident

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.