پي ٽي سي ايل انتظاميا جي لاپرواهي، ايڌي ايمبولينس جو عوام سان رابطو ڪٽيل

ڪراچي ( رپورٽر) پي ٽي سي ايل جي لاپرواهي سبب ڪراچي شهر جي سڀ کان وڏي ايڌي ايمبولينس سروس جي گذريل 24 ڪلاڪن کان عوام سان رابطو ڪٽيل آهي،  115 ايمرجنسي سروس گذريل 48 ڪلاڪن کان خراب آهي، پي ٽي سي ايل شعبي کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪير به ڌيان ناهي ڏئي رهيو ۽ نه ئي ڪو ٻڌڻ وارو آهي، گرمي جي شدت ۾ واڌ ۽ محرم الحرام مهيني دوران  اسپتال ويندي مريضن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام کي گذارش آهي ته مريضن کي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ ويجهي ئي ايڌي سينٽر ۽ ايمرجنسيپوسٽ سان پاڻمرادو رابطو ڪيو وڃي،ايڌي ترجمان جو چوڻ آهي ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾ پي ٽي سي ايل تعاون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ، گذريل هڪ سال کان شڪايتون ڪري رهيا آهيون پر پي ٽي سي ايل انتظاميا ان تي ڪا به ڌيان ناهي ڏئي رهيو.

PTCL EDHI Karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.