عدالتي ٽرائل درست نه هو ته پوءِ سزا به ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي: شازيه مري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شازيه مري ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي آجيان ڪندي  راءِ ڏيندي چيو آهي ته اڃا ٿورڙي ٿڪاوٽ نظر اچي رهي آهي، سپريم ڪورٽ کي چوڻ گهرجي ته سزا غلط هئي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏيارڻ ۾ چاليهه سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو، عدالتي ٽرائل درست نه هو ته پوءِ عدالتي فيصلو به ڪالعدم آهي، شهيد ذوالفقار ڀٽو جمهوريت لاءِ زندگي قربان ڪئي. هن چيو ته آرڊر جي صفحي نمبر 18 موجب جاچ ٻيهر کولڻ جو ذڪر آهي، پيپلز پارٽي ان حڪم کي ڀليڪار ڪري ٿي، ان سزا بابت اڃا ٿوري جهول آهي ڇو ته اها سزا به ڪالعدم ٿيڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، اسان مطالبو ڪيو آهي ته قرداد ۾ سزا ڪالعدم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.