سفارتي اڪيلائي بابت مايوسي پکيڙڻ بند ڪئي وڃي: نائب وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سفارتي اڪيلائي جي بيانيي کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لاءِ سفارتي سطح تي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، پاڪستان سفارتي اڪيلائي مان نڪري چڪو آهي. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي به شرڪت ڪئي. سينيٽ جي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائي جو بيانيو  بي بنياد آهي، حڪومت جي پهرين 100 ڏينهن ۾ اعليٰ سطحي سفارتي دورا ٿيا آهن، سفارتي سطح تي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ملڪ ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ اندروني خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي. ملڪ ۾ تمام گهڻو قرض ورتو ويو، وزيراعظم واضح چيو ته هو دوست ملڪن کان ڪنهن به قسم جو قرض نه گهرندو. ھاڻي ھڪڙو ئي رستو آھي ۽ اھو آھي برآمدات جو رستو. اسحاق ڊار ٻڌايو ته ٻاهران جيڪي اربين ڊالرز جون آڇون ٿيون آهن انهن تي ڪم ٿي رهيو آهي، وزيراعظم پاڻ انهن معاملن جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ مايوسي پکيڙي رهيا آهن، اهڙا عنصر عوام ۾ مايوسي پکيڙڻ بند ڪن، پاڪستان وٽ اربين ڊالرن جا قدرتي وسيلا آهن. افغانستان جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) هن وقت افغانستان ۾ موجود آهي، افغانستان سان اسان جا تمام ويجها لاڳاپا هئا ۽ رهندا، توهان پنهنجا پاڙيسري تبديل نٿا ڪري سگهو. هن چيو ته بدقسمتي سان داسو حملي ۽ ان کان اڳ چيني شهرين تي حملا ڪري ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چين جو واضح موقف آهي ته جتي سيڪيورٽي  مسئلا هوندا اتي ماڻهو نه موڪليندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.