وفاقي حڪومت 9 ۽ 10 محرم تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  وفاقي حڪومت 9 ۽ 10 محرم تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 9 ۽ 10 محرم تي عام موڪل جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 16 ۽ 17 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت محرم جي دوران سڄي ملڪ ۾ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري جي به منظوري ڏني آهي جڏهن ته موبائل فون، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس جي بندش تي به صوبن سان مشاورت ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.