لاهور ۾ ڇوڪرين پاران کلڻ تي نوجوان مٿان تشدد، فوٽيج وائرل

لاهور (م ڊ)لاهور جي علائقي گارڊن ٽائون ۾ پيٽرول پمپ ٽِڪ شاپ جي سيلز مين کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ ڇوڪرين خلاف متاثر نوجوان ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، لاهور ۾ 2 ڏينهن اڳ ڪجهه ڇوڪرين هڪ نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻايو هو ۽ مٿس هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو هو، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڇوڪرين کي ٽڪ شاپ جي ڪيش ڪائونٽر تي ڪافي مگ کڻي بيٺل ڏسي سگهجي ٿو، کلڻ تي نوجوان سيلز مين ڪيشئر مٿان ڪاوڙ ڪندي تشدد ڪندي نظر اچي رهيون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج موجب هڪ ڇوڪري سيلز مين جي ڳچيءَ کي پڪڙي کيس چماٽ هڻي رهي آهي، ٻيون ڇوڪريون سيلز مين کي وارن کان پڪڙي تشدد ڪري رهيون آهن،پوليس پهريان ڇوڪرين جي درخواست تي يوسف نالي هڪ سيلزمين خلاف ڪيس داخل ڪرايو،  جيڪو بعد ۾ خارج ڪيو ويو، هاڻي يوسف ڇوڪرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.

  1. فيصل آباد ۾ بس اسٽاپ تان عورت اغوا ڪري اجتماعي زيادتي

فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ بس اسٽاپ تي بيٺل عورت کي اغوا ڪري ساڻس اجتماعي زيادتي ڪئي وئي. تاندليانوالا تعلقي ۾ متاثر عورت مڙس سان ڪاوڙجي گهران نڪتي هئي، رات نائين وڳي نهر بنگلا اسٽاپ تي موٽرسائيڪل اڻڄاتل جوابدارن کيس اغوا ڪري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. سي پي او ڪامران عادل موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 2 ٽيمون قائم ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.