زرعي صنعت ملڪ جو مستقبل آهي، سمجهه نه رکندڙ دوست انڪم ٽئڪس پيا هڻن\صدر زرداري

لاهور(م ڊ) صدر آصف زرداري چيو آهي ته ايگرو فارم، ايگرو انڊسٽري ملڪ جو مستقبل آهي، ڪجهه دوستن تي سمجهه ۾ نه ٿو اچي اهي انڪم ٽئڪس لڳائڻ چاهين پيا.  لاهور ۾ وارث مير سيمينار کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته وڏن زميندارن تي انڪم ٽئڪس لڳندو، اهو آءِ ايم ايف جو شرط آهي. ملڪ هلائڻ لاءِ صرف ماليات نه پر ٻين شين جي به ضرورت هوندي آهي.  آصف زرداري چيو ته زراعت تي ٽئڪس لڳائڻ لاءِ تيار آهيون پر ٽئڪس صوبا هڻندا. ان ۾ خرچ، منافعو ۽ هاري جي حصي جو حساب ڏسڻو پوندو، نفعو ملندو ته ان مان اوڳاڙي ڪئي ويندي. آصف زرداري چيو ته صحافت جي آزادي سان گڏ آهيان، اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، ڪو به ماڻهو پنهنجي ڳالهه دنيا آڏو رکي سگهي ٿو پر ان ۾ به گروپنگ نظر اچي ٿي، ان خلاف آهيان .ميڊيا تي جيتري مون مٿان تنقيد ٿي آهي شايد ڪنهن تي به نه ٿي هجي، مان ٽي وي ناهيان ڏسندو ۽  گلا کي پنهنجي لاءِ ثواب سمجهندو آهيان. صدر زرداري چيو ته زندگي ۾ هر قسم جي آزمائش ايندي آهي ۽ هر آزمائش کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اڄ محترمه فاطمه جناح جو ڏينهن آهي، ان جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. هن جو چوڻ هو ته ميڊيا تي جيتري مون مٿان تنقيد ٿي آهي شايد ڪنهن تي به نه ٿي هجي، مان ٽي وي ناهيان ڏسندو، گلا کي پنهنجي لاءِ ثواب سمجهندو آهيان. آصف علي زرداريءَ چيو ته پروفيسر وارث مير کان شهيد بينظير ڀٽو صلاح مشورا ڪندي هئي. هن چيو ته دنيا جي مخصوص لابي مسلم دنيا ۾ ڌڙا بندي چاهي ٿي، مودي کي ارب پتي ماڻهن هتي پهچايو. هن چيو ته ٻه سئو سال پراڻي جمهوريت آمريڪا ۾ به اڳوڻين چونڊن بابت اها راءِ آئي ته ٽرمپ جي دولت مند ماڻهن مدد ڪئي.   ٻئي طرف چوڌري شجاعت سان ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي بهتري ۽ ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو.صدر آصف زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ چوڌري شجاعت سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ملاقات ۾ سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چوڌري شجاعت پاڪستان لاءِ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان موقعي تي چوڌري سالڪ حسين، شفيع حسين ۽ چوڌري موسيٰ الاهي پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.