اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ نئين پروگرام تي جاري فاصلاتي ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي عالمي اداري ايندڙ پروگرام لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسٽاف سطح معاهدي کي ايندڙ ايندڙ ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان جاري ورچوئل اجلاس ۾ نئين پروگرام بابت تقريبن سمورن مقصدن ۽ شرطن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان کي 10 جولاءِ کان اڳ ڪجهه هدف ۽ شرط پورا ڪرڻا هئا ۽ جيڪي پورا ڪيا ويا آهن.