ماني تي ودهولڊنگ ٽيڪس خلاف فلور ملون بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ماني تي به ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، فلور ملز ايسوسيئيشن ڪڻڪ جي  هٿرادو ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف اڄ کان ڪڻڪ جي واشنگ روڪڻ ۽ سڀاڻي کان اڻڄاڻايل مدي تائين فلور ملون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چوڌري عامر عبدالله ٻين عهديدارن سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت لاءِ هي آخري الٽيميٽم آهي، جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيا ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ جون فلور ملون بند ڪنداسين. پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ماني تي به ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، حڪومت عام ماڻهو جي ماني تي نظر رکڻ بدران ودهولڊنگ ٽيڪس واپس وٺڻ جو اعلان ڪري، ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان في ڪلو اٽي جي اگهه ۾ 8 رپيا واڌ ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.