تاج جويي جي ڪتاب ”ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا“ جو اڀياس

تحرير: حافظ سڪندر تنيو

تاج جويو سنڌي ادب جو سج جيان جرڪندڙ اديب آهي. کيس سنڌ کان سواءِ هند ۾ پڻ ادبي دنيا جا ماڻهو عزت ڀرئي نظر سان نهاريندا آهن، کيس هندوستان جي ادبي پروگرامن ۾ ڪوٺيو ويندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري ٽي ڀيرا رهي چڪو آهي.سندس جيل ڊائري  روشني پبليڪيشن تازو ڇاپي آهي، ڪتاب جو نالو”ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا“ رکيو اٿس، هن کان اڳ سندس جيل ڊائري جو ئي هڪ ڪتاب،، کولي تي چنڊ چمڪيو،، پڻ ڇپجي چڪو آهي، ان کان اڳ هندوستان ، خاص ڪري عبدالواحد آريسر جا ڪتاب هن ئي ترتيب ڏيئي ڇپرايا آهن، محترم جي ايم سيد جي ڪتابن جو پڻ هي مرتب ڪندڙ ماڻهو آهي. هي سن نالي هڪ عالمي سڃاڻپ رکندڙ ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو آهي، سندس تعلق نهايت غريب گهراڻي سان رهيو آهي، آڻين ۽ چاڙهين واري چوڻي تاج مٿان فٽ بيهي ٿي، هي ٻالڪ هوندي غربت جي گهاڻي ۾ پيڙبو رهيو آهي، ڳوٺ ۾ صندل تي يا ڳوڻ وڇائي گدرا وڪڻڻ جو پورهيو هن پئي ڪيو آهي، سندس اکر موتي داڻا آهن، نامياري سياستدان، عالم، ڏاهي شخص محترم جي ايم سيد، هن جا اکر ڏسي، کيس پنهنجي ڪتابن جي ڪاتب جو ڪم معاوضي عيوض ڏنو، هن جون ڪچهريون سن ۾ سيد جي اوطاق تي، سيد ۽ سندس ايندڙ سياسي، ادبي، علمي ماڻهن سان ٿينديون رهيون، جتان هن کي ادب ۽ سياست جا سبق حاصل ٿيا.

هي ڪل وقتي سياست ته  ڪري نه  سگهيو، پر حال آهر سياست کي پنهنجو وقت ڏيندو رهيو.

هن سياست جي ڏکئي پنڌ واري واٽ وٺڻ جو فيصلو ڪندي، قومي سياست جي چونڊ ڪئي. ذوالفقار ڀٽي ۽ جنرل ضياءُ الحق جو دور قومي ڪارڪنن لاءِ قيامت جي ٻڌائي ويندڙ عذاب کان ڪنهن به  طرح گهٽ ڪين هئو، سنڌ ۾ ڀٽي ۽ ضياء الحق جي پوليس قومي ڪارڪنن لاءِ قهر فرعونيت هئي، قومي ڪارڪنن کان سواءِ سندن پيرسن پيئرن پوڙهي مائرن، ڳڀرو ڀائر ۽ پٽن کي پڻ گرفتار ڪري ٽارچر ڏنا ويندا هئا. سندن ملاقاتون پڻ بند هيون. جنهن تي سنڌ ۾ ٿيل شاعري ان ظلم جي عڪاسي ڪري ٿي.

هوائون نه  روڪيو، صدائون نه  روڪيو،

نه  روڪي سگهو ٿا، وطن سان وفائون اسان جون،

اهي جسم سگريٽ جن تي وساڻا،

مقدر جنين جا بڻيل جيل ٿاڻا،

انهن جي ملاقات لاءِ ايندڙ،

ڀيڻون ۽ مائون نه  روڪيو،

هوائون نه  روڪيو.

تاج جوئي کي هالا مان ڀٽائي جو ڏهاڙو ملهائڻ ڪري ٻڌي کيس هالن ۾ لاڪپ ڪيو ويو، جتي هي اڪيلو واڙيل هئڻ ڪري اٻاڻڪو پئي ٿيو، انسان انسيت مان ورتل آهي، کيس ماڻهن سان گڏ رهڻ ۾ ئي راحت ملندي آهي، جن ماڻهن کي تنهائي جي قيد ۾ رکيو ويندو آهي، سي چريا ٿي ٻاهر نڪرندا آهن. هالا لاڪپ ۾ سنڌي پوليس وارن جو رويو وري به  چڱو هيس، کيس ماڻهن سان ملاقاتون ڪرائيندا هئا. ماني پڻ، مشهور سفرناما نگار الطاف شيخ جو ڀاءُ کڻي ايندو هيس. پر هالا ۾ لطيف ڏهاڙي ملهائڻ وارو ڪيس مٿس ثابت ڪرڻ پوليس لاء مٿي جو سور بڻجي ويو هيو، جو کين اهڙي ڪا ثابتي يا شاهدي ملي نه  پئي سگهي، نيٺ اتان کڻي کيس حيدرآباد ۾ لطيف آباد ٿاڻي تي کيس آڻي، مٿس نئون ڪيس غير سنڌي صوبيدار داخل ڪيو. لطيف آباد جي لاڪپ ۾ هالا لاڪپ کان وڌيڪ سهوليت اها  مليس، جو اتي هن سان گڏ ٻيا ماڻهو قيد ۾ گڏ هئا.

هي ڪتاب انهن خطن تي ٻڌل آهي، جيڪي تاج جويي سڪرنڊ جي پير سيد منير شاه زاڪري کي لکيا هئا، منير شاه پڻ نوابشاهه جي سنڌي ڪانگريسي ۽ جمعيت علماء هند سنڌ جي ڪارڪن، مولوي معاذ جيان، جنهنجي معاذ ٿاڌل پرڏيهھ تائين مشهور آهي، ان جيان وٽس پڻ سنڌي قومي ورڪرن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو. جنهن وٽ آريسر صاحب ۽ تاج جويو ۽ ٻيا وٽس وڃي رهندا هئا، جنهن ڪري سيد منير شاه زاڪري سان سندن صحبت سنگت ٿي هئي.

لکي ٿو جبار ڀٽو لاڪپ ۾ سست ٿي پيو هيو، پر سندس ٻڍڙي امڙ کيس آٿت ڏيندي هئي ته  ڇو ٿو گهٻرائين. توسان گڏ هي ٻچا پڻ جهليل آهن، ڪوڙو ڪيس آهي جلدي آزاد ٿي ويندين، سندس لاءِ مولانا جان محمد عباسي ۽ هڪ ٻن رٽائرڊ ميجرن ڪوششون ڪيون، کيس ضمانت ملي ۽ هو آزاد ٿي ويو.اهڙي طرح قيدي روز ايندا ويندا هئا، پوليس پيسن ڪمائڻ خاطر بي ڏوهي ماڻهو کڻي بند ڪندي هئي، جيب ڪترا، چرسي، موالي جلد پيسا ڏيو ڇٽي ويندا هئا، بنا پيسي ڏيڻ وارا سڃا قيدي ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ڪيا ويندا هئا، لطيف آباد ٿاڻي تي گهڻائي پوليس وارن جي پنجابي ۽ مهاجرن جي هئي جيڪي سنڌين سان خدا ڪارڻ دشمني رکندا هئا، صوبيدار چاند خان لالچي، پيسي جو پوڄاري هيو، جبار ڀٽي جي ضمانت ٿيڻ باوجود کيس آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو، هن وٽ رحمدلي جو ذرو احساس نه  هيو، ڪالھه سنڌي جمعدار رسول بخش ٻڌايو ته  تاج توتي هالا جو ڪيس ثابت نٿا ڪري سگهن، انڪري نئون ڪيس هن ٿاڻي تي داخل ڪري نئين گرفتاري ڏيکاري توکي نائين مئي 1981 تي ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ، هن چيس خير آهي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏبو، وڌ ۾ وڌ جيل وڃبو ٻيو ڇا ٿيندو.

وطن جي حب ۽ آجپي جي الزام ۾جيڪڏهن سزا به  آئي ته  خوشي سان سهبي.

،، هنن مونکي جيل جي بلند و بالا ديوارن ۾ قيد ته  ڪيو آهي، مونکي ماڻهن سان ملڻ کان ته  روڪيو آهي، پر هيءَ  جا صبح جي هير لڳي رهي آهي، هي پکي مٺيون لاتيون لنوي رهيا آهن، پهاڙن تان گلن جي سرهاڻ کولي ۾ اچي رهي آهي، تن تي ڪير بندش وجهندو،، ان جيان اسان کي پڻ سنڌي ماڻهن سان ملڻ کان روڪيو ويو آهي، پر جيل ۾ ته  سنڌي ماڻهو رهن ٿا ان سان ته  ملي سگهون ٿا.

هينئر جيئي سنڌ جا ٽي ميمبر الطاف تنيو، ستار موريو۽ شفيع محمد سرڪي به  اسان سان گڏ رهيل آهين، هن نئين سنگت مان الطاف تنيو مولائي مڙس آهي، موالڙي پڻ آهي، تحريڪي ڄاڻ گهٽ رکي ٿو مونکي چوندو آهي ته  اسانکي ڪجھه  پڙهاءِ. ستار موريو جي طبيعت عام قيدين کي پسند ناهي جو هو پاڻ کي قربانين ڏيڻ ڪري ڪجھه  مٿڀرو سمجهندو آهي.

تاج جويي کي هڪ سال قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ملي هئي جيڪا تشدد ۽ قيد بابت لکيل ڊائري هئي، جيڪي خط لکيا هيس، سي يا ته  جيل وارن جي ور چڙهي ويا، يا گم ٿي ويا کيس 8جولاءِ 1981 تي هڪ سال جي سزا ملي هئي، ان بابت لکي ٿو ته ،، اسان جو جيڪو مقصد آهي، ان مقصد تي هلندي سرڪار طرفان جيڪا هيءَ  معمولي سال جي سزا ملي آهي ان تي پاڻ مُڇَ به  نه  ڇنڊيون ،جيڪي اُکرين ۾ مٿا وجهندا سي، مُهرين کان ڇا ڊڄندا، اسان جنهن واٽ جا مسافر آهيون، ان جي هر ور ۽ هر موڙ تي سوين هزارين نانگ ويٺا آهن، چوڌاري طلسمي ڪڙو چڙهيل آهي، پر اسان ان ڪاڪ محل کي ڪيرائڻ جو عزم ڪري چڪا آهيون.

بھرحال ڪتاب تي ايترو ئي مختصر تبصرو ڪري سگهبو آهي، وڌيڪ دوستن کي عرض آهي ته  هي ڪتاب جيل جي دنيا ۾ ٿيندڙ حرام پائين، پوليس جي منحوس ۽ مڪروه ڪردار کي وائکو ڪري ٿو، اڄ به  پيرسني جي ڄمار ۾ تاج جا جذبا جوان آهين، اڄ به  هو ٿڪيو ۽ وڪيو ناهي. اچو ته  هي ڪتاب پڙهون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.