اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ

تحرير: عاطف ملاح

لبنان سان گڏ اسرائيلي سرحد تي هڪ ننڍو درياهه وهي ٿو. جنهن کي نهرالداني چيو وڃي ٿو. هن درياهه وٽان ڪجهه جاين کان 15 ۽ ڪن جڳهين کان 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي اسرائيلي بارڊر آهي. لبنان جي غير سرڪاري طاقتور فورس حزب الله جي هڪ برگيڊ هن ئي درياهه جي علائقي مان آپريٽ ٿئي ٿي. ان برگيڊ جو نالو آهي رضوان فورس. هن برگيڊ جو ڪم اسرائيلي ملٽري بابت انٽيلجنس معلومات گڏ ڪرڻ، يهودي علائقن ۾ اندر وڃي آپريشن ڪرڻ ۽ جاسوسي ڪندڙ اسرائيلي ڊرونز کي ڪيرائڻ هن جي ڪمن ۾ شامل آهي. سن 2000ع کان هي برگيڊ ان ئي علائقي ۾ ڪم ڪري رهي آهي پر 2008ع ۾ حزب الله جي هڪ ماهر حاج رضوان جي نالي پٺيان هن فورس جو نالو رکيو ويو. رضوان برگيڊ حزب الله جي فرنٽ لائين برگيڊ آهي. جڏهن کان اسرائيل فلسطين مٿان حملا ڪيا آهن تڏهن کان حزب الله جي غزه اسرائيل جنگ پاليسي کي رضوان برگيڊ ئي اڳتي وڌائي رهي آهي.

حزب الله هن جنگ ۾ سڌي ريت ته اسرائيل سان نٿو اچي پر هن جو مقصد اسرائيلي فوج جي راهه ۾ اهڙيون رڪاوٽون پيدا ڪرڻ آهي جو اسرائيل پنهنجا ناپاڪ مقصد آساني سان حاصل نه ڪري سگهي. ان پاليسي تحت رضوان برگيڊ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ڊرونز، ميزائيلز وغيره اسرائيل مٿان فائر ڪري چڪو آهي. ان سب 10 عام شهري ۽ 18 يهودي مارجي چڪا آهن. ڪجهه چيڪ پوسٽن کي به نقصان پهتو. هن ڪري 2 لک اسرائيلي اتر پاسي کان وچ اسرائيل ۾ پناه وٺڻ تي مجبور ٿيا آهن. هو واپس تيسين پنهنجي گهرن ۾ نه وڃي سگهندا جيسين حزب الله لبنان واري پاسي کان جنگبندي نٿو ڪري. حزب الله غزه ۾ مستقل جنگبندي تائين پنهنجا حملا جاري رکندو. اسرائيل هڪ 1982 ۽ ٻيو 2006 ۾ حزب الله مٿان حملا ڪيا هئا. ٻنهي حملن ۾ اسرائيل کي جيت حاصل نه ٿي سگهي هئي. ٻنهي جنگين سياسي ۽ فوجي طرح سان حزب الله کي مضبوط ڪيو. 2006 جي ”33 ڏينهن جنگ“ ته اقوام متحده جي قرارداد 1701 تحت ختم ٿي هئي. اسرائيل هن دفعي آمريڪا سان گڏجي حزب الله خلاف جنگ ڇيڙڻ چاهي ٿو.

7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين لبنان جي اندر 380 ماڻهن کي اسرائيل ماري چڪو آهي. ان ۾ 80 عام شهري به آهن. هنن ۾ حزب الله جا ٻه اهم ڪمانڊر به شامل آهن. هن وقت اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ تازي وڌندڙ ڇڪتاڻ جو هڪ سبب انهن ٻنهي ڪمانڊرن جو قتل پڻ آهي. 8 جنوري 2024 تي رضوان برگيڊ جي ڊپٽي ڪمانڊر وسام الطويل کي اسرائيل نشانو بنايو. 11 جون 2024 تي خبر آئي ته رضوان فورس جي اولهه واري فرنٽ جي ڪمانڊرطالب سمي عبدالله المعروف ابو طالب کي اسرائيلي ڊرون پنهنجو نشانو بڻايو آهي. هي ڪمانڊر اسرائيلي بارڊر ۽ نهر ال لداني درياهه جي وچ واري علائقي جو آپريشنل هيڊ هيو. هي حزب الله جو سينيئر ليڊر هو. 1992 ۽ 1994 ڌاري بوسنيا ۾ به هن ڪمانڊر بوسنيا جنگ ۾ حصو ورتو. هن اسرائيل جي حملن ۾ به حزب الله طرفان جنگ وڙهي هئي. 7 آڪٽوبر کان پوءِ حزب الله طرفان اسرائيل مٿان حملن ۾ به هن جو وڏو هٿ هو. هن اسرائيلي دفاعي نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي حڪمت عملي تي به ڪم ڪيو. جهڙوڪ پهرين آئرن ڊوم تي حملو ڪري پوءِ ميزائيل وغيره فائر ڪرڻ واري پاليسي. هي ڪمانڊر قاسم سليماني جو به دوست هو. 12 جون 2024 تي اسرائيلي فوج موجب حزب الله 200 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا جيڪي هن ڪمانڊر جي موت جي بدلي طور فائر ڪيا ويا. اهي ڪيترائي ميزائل آئرن ڊوم ناڪام ڪيا پر ڪافي ميزائل مختلف جڳهين تي ڪريا پڻ. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ان ئي ڏينهن اتر اسرائيل جي علائقن جو دورو ڪري حزب الله خلاف ويڙهه جا اعلان ڪيا. حزب الله وٽ لکن جي تعداد ۾ گائيڊڊ ميزائيل آهن جن کي روڪڻ اسرائيلي دفاعي نظام لاءِ به مشڪل هوندو. هن جنگ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته عزه ۾ جاري نسل ڪشي کي روڪيو وڃي.

31 مئي تي بائيڊن پنهنجو جنگبندي پلان وائٽ هائوس ۾ پيش ڪيو هو. هي معاهدو چار صفحن تي مشتمل آهي. هي 3 مرحلن تي ٻڌل آهي. هن ۾ پهريون مرحلو فوري جنگبندي آهي. مسقتل جنگبندي نه! يعني اسرائيلي فوج غزه ۾ ئي رهندي پر شهري آبادي کان ٻاهر نڪري ايندا. غزه جا ڏيڍ ملين مهاجر واپس پنهنجي تباهه حال گهرن جي ملبن ڏانهن وڃي سگهندا. 600 ٽرڪن جي امداد جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان روز غزه ۾ پهچندو. اسرائيلي ۽ فلسطيني قيدين جي مٽاسٽا پڻ ڪئي ويندي. اهو فيز ڏيڍ مهيني تائين هلندو. ان کانپوءِ ٻين فيز ۾ تمام زنده فلسطيني ۽ اسرائيلي قيدين کي ڇڏيو ويندو. هن فيز ۾ اسرائيلي فوجون غزه بارڊر کان ٻاهر هلي وينديون. ڪو به علائقو اسرائيلي فوج جي قبضي ۾ نه هوندو ۽ ان ئي مرحلي ۾ مستقل جنگبندي ڪئي ويندي. ان کانپوءِ ٽئين مرحلي ۾ عالمي امداد وسيلي غزه جي نئين سر تعمير جو عمل شروع ٿيندو جيڪو 2 کان 5 سالن تائين هلندو. اهي تجويزون گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل مان پڻ منظور ٿي چڪيون آهن. هن کانپوءِ نيتن ياهو چيو ته اسرائيل پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ کانسواءِ مستقل جنگبندي نه ڪندو. هن معاهدي ۾ حماس پنهنجا ڪجهه تفصيل پڻ شامل ڪيا آهن جن ۾ جنگبندي جي ڊيڊ لائن ڏيڻ ۽ غزه جي مصر بارڊر کان به اسرائيلي فوجن جي واپسي جو شرط رکيو ويو آهي.

حماس مستقل گهيراءُ نه هجڻ جي نقطي تي زور ڏئي رهيو آهي. نومبر ۾ آمريڪي اليڪشن ۾ صدر بائيڊن کي غزه جنگبندي واري ڪارنامي کي پنهنجي ووٽرن کي ڏيکارڻو آهي. جڏهن ته معاهدي موجب ٻيو فيز آمريڪي چونڊن کانپوءِ پورو ٿي سگهندو جنهن ۾ بائيڊن جو مطالبو هوندو ته صرف هو ئي صدر ٿيڻ شرط مستقل جنگبندي ڪرائيندو. آمريڪي صدر معاهدي جو پهريون فيز ئي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو جيئن چونڊن جو مرحلو ٿي وڃي. هن معاهدي ۾ رفع ۽ ڏکڻ غزه ۾ آيل 10 لک ماڻهن جي واپسي جو ڪو نقطو شامل ناهي. انهن جي واپسي ٿيندي يا نه؟ ان بابت آمريڪي معاهدو خاموش آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.