ڏيهي خوراڪ جي برآمد سبب پيدا ٿيل بحران

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

ھڪ خبر سامهون آئي آھي جنهن ڇرڪائي ڇڏيو آھي.تنهن ۾ چيو ويو آھي. بي ترتيب خوراڪ جي برآمدات بابت جيڪي گهريلو صارفين کي رڪارڊ قيمتون ادا ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي خوراڪ جي برآمدات ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

ڪچي کاڌي جي شين جي برآمد جي قيمت 2023-24 ۾ 8 بلين ڊالر تائين پهچي وئي آھي جيڪا پڻ گذريل سال جي 5.8 بلين ڊالر جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.اهڙي طرح  چانورن جي برآمدات 78.26 سيڪڙو وڌي وئي،2.17 بلين ڊالر کان 3.8 بلين ڊالر تائين وڃي پهتي آھي.ايئن ئي وري گوشت جي برآمدات 17.66 سيڪڙو وڌي وئي، جيڪا پڻ 431 ملين ڊالر کان  وڌي وڃي 507 ملين ڊالر تائين پهتي آھي.تر جي ٻج جي برآمد ۾ 171 سيڪڙو اضافو ٿيو،جيڪو پڻ 151 ملين ڊالر کان وڌي وڃي  410 ملين ڊالر تائين تي پهتو آھي.جڏهن ته  مڪئي جي ايڪسپورٽ ۾ 121 سيڪڙو اضافو ٿيو،جيڪو پڻ 190 ملين ڊالر کان ”وڌي وڃي 421 ملين ڊالر تائين پهتو آھي.جڏهن ته گذريل جي ڀيٽ ۾ بصر جي ايڪسپورٽ  4024 سيڪڙو وڌي وئي، جيڪا پڻ 5.4 ملين ڊالر کان  وڌي وڃي 224 ملين ڊالر تائين پهتي.هوڏانهن انبن، مصالحن ۽ چيري جي برآمد ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي.

هتي ٿئي ڇا ٿو ته ٽماٽو هجي،بصر هجي،ڪڻڪ هجي،کنڊ،داليون،مطلب ته گوشت ڏيندڙ جانورن تائين جو ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ھتان جو عوام دشمن ڪاروباري حلقا ملڪ جي ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪاروباري فيصلا ڪندڙ اسٽيڪ هولڊرز کي رشوت ڏئي فيصلا پنهنجي مفاداتي حقن ۾ ڪرائن ٿا جنهن سان ملڪ تباھ ٿئي ٿو،عام ماڻھو متاثر ٿئي ٿو،فوڊ سيڪيورٽيءَ  جا مسئلا سامهون اچي رهيا آھن.

اوهان هن وقت به ملڪي سروي ڪيو ڪنهن به شين کي سروي ڪيو سبزيون هجن،داليون هجن،گوشت هجي پر انهن جو ملھه مختلف ايندو.ايتري تائين جو ٻاڪرو گوشت شھرن ۾ 2 هزار کان مٿي روپين ۾ ملي ٿو،منهن ۽ ڳئون جو گوشت 12 کان 15 سو تائين مارڪيٽ ۾ ملي ٿو.جيڪا پڻ سراسر زيادتي آھي.هنن حالتن ۾ ملڪ ڪئي ٿو هلي؟ڪنهن جي رحم وڪرم تي ٿو هلي سا پڻ ڪائي خبر نٿي پوي.سمجهون ٿا ته 18 ترميم بعد اختيار صوبن ڏي هليا ويا آھن پر ايڪسپورٽ پاليسي ته وفاق کي ئي واضع ڪرڻي آھي.اسٽريٽجڪ اسٽاڪ صوبن وٽ ھجڻ کپي پر ايڪسپورٽ امپورٽ کي ڏسڻ پاليسي تيار ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آھي.هاڻي ڪڻڪ آھي،چانور آھي ايتري قدرجو کنڊ ۽ گوشت جو اسٽريٽجڪ اسٽاڪ صوبن وٽ هجڻ ضروري آھي.ان کي لازمي آھي ته ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ پاليسيءَ  مطابق وفاق کي ڪنٽرول ڪرڻو آھي.گوشت جي ايڪسپورٽ ڪنٽرول نه ڪئي وئي ته ملڪ جي ٻن اهم صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جانور ن جي  لا محلا واڌ ويجهھ جي کوٽ پيدا ٿي پوندي ۽ پوءِ لازمي آھي ته ان سان جي گوشت جي گهٽتائي ٿيندي ۽ مهانگي گوشت ڪري جتي غريب ماڻھون خريد کان پري ٿيندو ته اتي ڪمزوريءَ  سبب انساني بيماريون جنم وٺنديون،۽  ان سان گڏوگڏ جڏهن جانورن جي کوٽ ٿيندي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بيروزگاري وڌندي.

ان ۾ ڪو شڪناهي ته عرب ملڪن جا ماڻھون پاڪستاني جانور جي گوشت کي پسند ڪن ٿا ۽ پئسا ڏين ٿا پر ان عمل سان جانور ايڪپورٽ ٿي ويندي ۽ ان جو Reproduction سسٽم ختم ٿي ويندو.سنڌ جو ٿر ۽  درياهه جي ڪچي جو ماڻھون جانورن جي پالنا ڪري ٿو جنهن ذريعي هو رزگار پڻ ڪري ٿو اهڙي طرح بلوچستان به ان ايڪسپورٽ واري عمل سان بحران جنم وٺندو ۽ ملڪ ۾ فاقاڪشي وڌندي.ان ڪري حڪومت کي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جا انگ اکر هر ٽن مهينن ۾ ظاهر ڪرڻ کپن.ڇو ته اسٽريٽجڪ اسٽاڪ کي سامهون رکي ملڪ جي جانورن کي جتي سنڀالڻو ۽ تيار ڪرڻو آھي ۽ ان مطابق ته جيئن جانور واڌ ويجهھ جي عمل ۾ به رهي ته وري ان جي نسل ڪشي به نه ٿئي.عمران خان حڪومت دوران جانورن جي پالنا لاءِ ۽ نسل ڪشيءَ  کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خاص طور گوشت ڏيندڙ جانور جيڪو پڻ کير به ڏئي ٿو ۽ اهو ٻنهي صورتن ۾ جيترو ايڪسپورٽ لاءِاهم سمجهيو وڃي ٿو،اوترو نه پر ان کان وڌيڪ پنهنجي ملڪي ضرورتن لاءِ ضروري آھي.هن وقت ملڪ جي جيڪا اندرني صورتحال پڻ آھي سا ڏاڍي ڏکي آھي،ان جي مقابلي ۾ ملڪ جي همدرد حلقن ۽ زميواري اختيارين کي کپي ته رياست جي بنيادن سان کيڏندڙ مفاداتي گروهن  جي فوري طور نشاندهي ڪري رياستي ادارن جي اندر ٿيندڙ مداخلت کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.ملڪ جي زرعي معيشت سان ۽ خاص طور ايڪسپورٽ امپورٽ سان واسطو رکندڙ  ڪاروباري اسمن تي ملڪي پاليسين موجب پڻ ڪنٽرول ڪيو وڃي.ايندڙ پڇتاءَ کان اڄوڪو پڇتاءُ بهتر ٿيندو جيڪو پڻ ملڪ ۽ رياست جي بهتريءَ  لاءِ بهتر رهندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.