ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي مک قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي اعلانيل ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ اٿلي پئي، ڌرڻي ۾ ننڍن وڏن شهرن مان هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.
ڌرڻي ۾ شهيد جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي ، پٽ ارسلان گڏاڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي پارٽي مان نيڪالي جو مطالبو ڪيو.
شهيد جي امڙ سنڌ واسين جو ٿورو مڃيندي چيو ته سنڌ واسي نصر الله جي قاتلن خلاف سڏ کي لبيڪ چوندي ڪراچي ۾ گڏ ٿيا آهن، شهيد سان انصاف لاءِ اسلام آباد تائين وڃڻو پيو ته وينداسين.
Pakistan Sindh JusticeForNasrullahGadani