دنيا جي هر قوم اکين ۾ خوشحالي جا خواب سجائيندي آهي، هر ڪوئي سُٺي زندگي گذارڻ جو خواهشمند هوندو آهي، دنيا جي ڊوڙ هوندي ئي ان ڪري آهي ته منهنجو سٺو گھر سهولتن سان آراسته هجي، سٺي نوڪري هجي ٻچا سکيا هجن، اهي محفوظ هجن، ڪاروبار محفوظ هجي، مطلب ته زندگي سڪون واري هجي، بدقسمتي سان اسان جي سنڌ مان سُک موڪلائي ويا آهن، قانون نالي جي ڪا شيءَ نه رهي آهي، قانون جا رکوالا اڪثر قانون ٽوڙيندي نظر پيا اچن، سيڪيورٽي ادارن جي هوندي به هر ڪو غيرمحفوظ آهي، عوام جي بيچيني ۾ هر روز اضافو ٿي رهيو آهي، آخر ڪنهن کي دانهن ڏجي؟ ڌاڙا، ڦرون، سينا زوري، داداگيري، اغواگيري لاقانونيت آخر ڪيستائين رهندي؟
ڪيستائين هي عوام دربدر هوندو؟ رشوت جي بازار ڪيستائين گرم هوندي؟ عوام کي ذلت ۽ رسوائي کان سوا مليو ڇاهي؟ جيڪڏهن پوليس ڪنهن ڏوهاري ۾ هٿ وجھي ٿي ته اهو ڏوهاري ڌمڪائي ٿو ته “مان ڦلاڻي خان جو ماڻهو آهيان” غريب جو ٻار پڙهي لکي تڏهن به هت وڏي نوڪري حاصل نه ڪري سگھندو ڇاڪاڻ ته هو غريب آهي ڇاڪاڻ ته هن وٽ نه ئي پئسا آهن نه ڪنهن خان جي هن وٽ سفارش آهي، هن وقت مجموعي طور ڏٺو وڃي ته صورتحال سنگين آهي، غريب ماڻهو ٿاڻي تي وڃي شڪايت ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا ڇاڪاڻ ته اتي اڪثر بدمست صوبيدار ويٺا آهن جيڪي فريادن جي فرياد ٻڌڻ بجاءِ کين ڌمڪائن ٿا.
ننڍڙا گلن جهڙا ٻارڙا نٽهڻ اس ۾ پورهيو ڪندي نظر اچن ٿا، پيٽرول جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافي کان بعد ماڻهن جي پريشاني ٻيڻي ٿيندي وئي آهي، آخر ڇا ڪري ڇا ڪجي؟ کاڌ خوراڪ جي فڪر ڪجي، هن مهانگائي جي عالم ۾ ٻارڙن جي تعليم جو خرچ، دوائن جو خرچ، اُٿي ويٺي، لٽو ڪپڙو، آخر ڪيئن پورت ڪجي؟ حڪومت جي بيضابطگين عوام کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.
روزانو نين ٽيڪسن جا بار هي عوام برداشت ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي، ارباب اقتدار کي گذارش آهي ته اجاين دلاسن بدران عملي طور ڪم ڪري، عوام کي رليف ڏنو وڃي جيڪو ان جو بنيادي حق آهي، ترقي يافته ملڪن جون اهي خاصيتون هرگز نه هونديون آهن، بلڪه ترقي يافته ملڪ عوام جو رت پيئڻ بدران عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندا آهن، اهي پنهنجي عوام جي جياپي جا قدردان هوندا آهن، اهي پنهنجي عوام کي ذلت ۽ رسوائي کان بچائڻ لاءِ عملي ڪم ڪندا آهن، اسان جو ملڪ خوشحال آهي پر پوءِ به عوام بدحالي جو شڪار بڻيل آهي، عوام جي بدحالي ڏسي دل روئي چوي ٿي ته “آخر هي ڪهڙي ڏوھ جا ڏوهاري آهن؟” ڪهڙي سبب جي هي هر حق کان محروم بڻيل آهن؟ جنهن ڌرتيءَ کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي امن واري ڌرتي سڏيو آهي اتي هي قتل عام ڇا جو آهي؟ آخر لاقانونيت جي بازار هت ڇو گرم ڪئي وئي آهي؟ هت تعليم کي ڪنهن طبقاتي بڻايو آهي؟
عورتن جي آواز کي ڇو دٻايو ويو آهي؟ مسڪينن جا حق ڇو ٿا کاڌا وڃن؟ حق جو نعرو هڻندڙن کي ڇو ٿو گم ڪيو وڃي؟ آخر هن افراتفري جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان وٽ هر بنيادي سهولتن جو وڏو فقدان آهي، هت صاف پاڻي جو به ڪو جوڳو بندوبست ٿيل نه آهي، هت بجلي جي به هٿرادو لوڊشيڊنگ هلي رهي آهي، سئي گئس هت اڻلڀ آهي، خدارا عوام تي ڪجھه رحم به ڪيو حڪمرانو! بنيادي حقن جي اهڙي ته لتاڙ نه ڪيو، طبقاتي تعليم به هن ملڪ ۾ عام جام آهي، حقيقت ۾ غريب توڙي امير جي ٻار کي علم حاصل ڪرڻ جو جڪ جهڙو موقعو ملڻ گھرجي ته جيئن حقيقي فلاحي رياست جا اڻپورا خواب پورا ٿي پون، حڪومت کي گهرجي ته صحت ۽ صفائي تي به سنجيدگي جو مظاهرو ڪري، جعلي دوائن ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي انهن کي سخت سزا ڏني وڃي، ڊاڪٽر حضرات کي به فرض شناسي جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن مريض دربدري کان بچي سگھن، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سڀ سهولتون ڪامورا شاهي لاءِ مخصوص آهن يا عوام کي به انهن سهولتن کان آراسته ڪيو ويندو؟
آخر ته ظلم جي رات کٽندي هڪ ڏينهن ضرور هر ڪو پنهنجي چهري تي مرڪون سجائيندو، بيروزگاري نوجوانن ۾ اشتعال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ميرٽ جو صرف نالو ئي باقي رهيو آهي، گريڊوائيز نوڪرين جون ٻوليون لڳايون وڃن ٿيون، هي سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي، نوجوانن جي بيقدري آهي هن تماشي کي ختم ڪري نوجوانن کي نج ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن، انقلاب آڻڻ لاءِ ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ هڪ اداري کي نه، هڪ فرد کي نه بلڪه هر اداري ۽ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، فرد فرد سان معاشرو ٺهندو آهي، جنهن جي وس ۾ جيترو هجي ملڪ ۽ قوم جي بقا لاءِ پاڻ پتوڙي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿئي، ته جيئن طاقتور ڪمزور کي نه ستائي، هر ڪو خوش زندگي گذاري، اسين بس اهو چاهيون ٿا ته عوام تي مهانگائي جا بم نه وسايا وڃن، حڪمران عوام کي قدر جي نگاھ سان ڏسن، ڪنهن جي حق تلفي نه ڪئي وڃي، معاشري مان ڪوڙ ختم ٿي وڃي، عورتن جي آواز کي نه دٻايو وڃي بلڪه انهن کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي، فقيرن غريبن ۽ مسڪينن جي پرگھور ٿئي، سنڌ ترقي ڪري، آبادگار خوشحال ٿين، مزدورن جي ڪلهن جا بار هلڪا ٿين، تعليم عام ٿئي، لساني ۽ قومي جھيڙا ختم ٿي وڃن، عدالتن مان انصاف ملندو رهي.