پنجين پيڙھي جي ابلاغي جنگ

تحرير: نصرت جاويد

 دهشتگرديءَ جي خلاف  جڏھن بھ ڪنھن ”آپريشن“ جو اعلان ٿيندو آهي ته عوام جي اڪثريت  جي ذهن ۾ سوات ۽ ان کان پوءِ ڪجهه سال اڳ تائين ”قبائلي“ سڏجندڙ علائقن ۾ ٿيل فوجي آپريشن دوران اڀرندڙ منظر ياد اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. دهشت گردن ۽ انهن جي پناهه گاهن کي  چٿڻ ۽ ختم ڪرڻ کان اڳ اتي جي رهاڪن کي قافلن جي صورت ۾ اباڻن گهرن کان ”محفوظ هنڌن“ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مائل ڪيو ويو ھو. ان حوالي سان جڏهن به سوات مان لڏپلاڻ جا منظر ياد اچن ٿا ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ اداس ٿي ويندوآھيان.

بھرحال  وڏي پيماني تي ٿيل لڏپلاڻ کان پوءِ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي هوائي حملن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. جنگي ٻولي ۾ مٿي بيان ڪيل مضبوط قلعن جي تباهي کان پوءِ "نرم” ٿيل جنگ جي ميدان ۾ وري فوجي پيش قدمي ٿئي ٿي. محفوظ پناهگاهن کان محروم، دهشتگردن کي زميني حملن ذريعي ماريو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو. آخرڪار،جن  علائقن کي ھدف بڻايو ويو ھو انھن جي  "صفائي” جو اعلان ٿئي ٿو.ماڻهو پنهنجي اباڻي گهرن ڏانهن موٽڻ شروع ٿي وڃن ٿا. لڏپلاڻ دوران ٿيل تڪليفن بعد واپس موٽي آيل عام ماڻھن کي آپريشن دوران سندن گهرن ۽ دڪانن جي ٿيل تباهيءَ  وڌيڪ ڏکارو ڪري ٿي ڇڏي.حڪومت کان گڏيل طور تي انھن جي بحاليءَ لاءِ مناسب سهڪار نه ملڻ جي شڪايتن  جا ڍڳ لڳڻ شروع ٿي ٿا وڃن.

”آپريشن عزم استحڪام“  جي اعلان کان پوءِ جيڪڏهن عوام جي اڪثريت ماضي ۾ دهشتگرديءَ خلاف ٿيندڙ وڏين آپريشنز سان ڀيٽ ڪندي پنھنجي خدشن جو اظھار ڪيو تھ  انھن کي ڏوھ ڏيڻ سراسر  زيادتيءَ ٿيندي. عوام جا جيڪي خدشا اڀريا آھن،ان جو تحريڪ انصاف ئي نھ پر مولانا فضل الرحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن به جارحاڻي انداز ۾ اظهار ڪيو آھي. بدقسمتيءَ سان اهو تاثر به اڀريو ته ”هڪ ڀيرو ٻيهر“ پختون علائقن کي ”جنگ“ جو ميدان بڻائڻ جي تياري ٿي رھي آھي. ان تاثر جي ازالي لاءِ سومر جي شام وزير اعظم هائوس مان گھٻرائٽ ۾هڪ  پريس پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. ان ذريعي عوام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ”آپريشن عزم استحڪام“ ماضي ۾ٿيل فوجي ڪارروائين کان بلڪل مختلف هوندو. ان جو بنيادي مقصد امن امان جي ذميوار سمورن ادارن جي وچ ۾ جامع ۽ متحرڪ تعاون ذريعي دهشتگردن خلاف انٽيليجنس ايجنسين پاران مهيا ڪيل معلومات جي بنياد تي ڪارروايون  ٿينديون. ڪنهن به علائقي کي ”نوگوايريا“ شمار ڪندي ۽ اتي رهندڙ عام شهرين کي لڏپلاڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو. سومر جي شام وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پريس رليز پڙهندي مون کي منير نيازي جو ”هميشه دير ڪري ڇڏيان ٿو “ وارو قصو ياد اچي ويو. حيرت ٿي ابلاغ  جي جديد ترين ذريعن تي مڪمل  ھڪ ھٽي  جي باوجود  حڪومت حقيقي صورتحال عوام جي سامهون ڇو نه رکي سگهي آھي؟

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس مددگارن جي وڏي اڪثريت  1985ع جي غيرجماعتي چونڊن ذريعي قائم ٿيل اسيمبلين ۾ اچڻ جي بعد سياسي ميدان ۾ متحرڪ ٿي ھئي. پنھنجي اقتدار دوران شهباز صاحب جي نسل جا سياستدان حڪومتي قدمن کي رڳو اخبارن ذريعي ئي عوام تائين پهچائڻ تي مجبور ھئا. ان کان سواءِ ”ذهن سازي“ لاءِ پي ٽي وي  تي مڪمل ڀاڙڻ جي عادت پئجي وئي ھئي.

ھلندڙ صديءَ جي شروعات  ٿيندي ئي  ”نجي“ ٽي وي چينلز جي شروعات ٿي.جن  جي بدولت حڪومتي موقف ماڻھن ۾ ھميشھ بدنيتي تي ٻڌل  ڪوڙ ئي ماڻھن کي محسوس ٿيڻ شروع ٿيو.ڀوڳ اھو بھ  ٿيو ته نھايت اعتماد ۽ مان سان پاڪستان ۾ نجي شعبي کي ”آزاد“ ٽي وي نيٽ ورڪ متعارف ڪرائڻ جي اجازت ڏيندڙ جنرل مشرف جو زوال بھ غير سرڪاري ٽي وي چئنلن جي ئي مهربانيءَ سان ٿيو. عدليه جي آزادي واري تحريڪ جي 24/7 ڪوريج ان جو سبب بڻي.

2008ع کان پوءِ قائم ٿيل پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي به ”آزاد“ ميڊيا ”آزاد“ ميڊيا جي پٺڀرائي هڪ پل لاءِ سک ڪرڻ نه ڏنو. ان وچ  ۾  رياست جي مستقل ادارن دريافت ڪري ورتو تھ ”آزاد“ ميڊيا جي هوشياريءَ سان سياسي راڄ کي ان جي ”اصل اوقات“ ۾ رکي سگهجي ٿو. ان جو ڀرپور مظاهرو اسان کي نواز شريف جي ٽين حڪومت دوران ڏسڻ  لاءِ مليو.”آزاد“ ٽي وي چينل پنهنجي ريگيولر پروگرام ۽انھن جي لاءِ بڪ ٿيل اشتھار روڪي ڪري عمران خان ۽ طاهر القادري جي اسلام آباد جي ڌرڻن کي سڌي ريت  ڏيکارڻ شروع  ٿي ويا.

ڌرڻو ختم ٿيو ته پاناما دستاويز ڌماڪي سان ڦاٽي پيا.سپريم ڪورٽ کي انھن جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي فضا پئدا ڪرائي وئي.جنھن جي نتيجي ۾ نواز شريف  وزارت عظميٰ کان فارغ ٿيو ته تحريڪ لبيڪ جا ڌرڻا شروع ٿي ويا. سماج ۾ وڳوڙ  پکيڙڻ جي حوالي سان انهن ڌرڻن جي ڊگھي مدي جي اثرن تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ اسان صحافين جي اڪثريت ”پنجين پيڙھي جي ابلاغي جنگ“ وڙهڻ ۾ مصروف ٿي وئي. مان بدنصيب ان جنگ جو حقيقي مقصد اڄ تائين سمجهي نه سگهيو آهيان.

”آزاد“ ٽي وي ” پنجين پيڙھي جي ابلاغي جنگ “ ۾ مصروف ٿي ويو، تھ سوشل ميڊيا ”حق سچ“ جي حقيقي ترجماني ڪندي محسوس ٿيڻ لڳي. اڄڪلهه ان ميڊيا  تي بنيادي طور اھي ” ماھر“  ڇانيل آھن، جن کي اسان جي رياست جي چند فردن  ”پنجين پيڙھي جي ابلاغي  جنگ” جي لاءِ تيار ڪيو ھو.

1990ع واري ڏهاڪي ۾ سکيل ”چالاڪين“ ذريعي عوام جي ”ذهن سازي“ جي عادي شھباز حڪومت، ان کي سمجھي نھ رھي آھي تھ 2024ع ۾ حڪومت کي پنهنجو بيانيئو  وڪڻڻ لاءِ ڪهڙا حربا ۽ ذريعا استعمال ڪرڻ گهرجن.

ڪجهه ڏينهن اڳ چين جو هڪ وزير پاڪستان تشريف کڻي آيو. جنھن سان اسان جي تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين جي وفدن  ملاقات پڻ ڪئي.حڪومتي۽ غير سرڪاري ماڻهن سان ٿيل ملاقاتن دوران چيني وزير بار بار پاڪستان ۾ سي پيڪ تحت هلندڙ منصوبن تي سندن ملڪ جي آيل سيڙپڪارن ۽ ھنرمند  جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندو رھيو.ھنجي  وطن واپس موٽڻ جي ڪجھه ئي گھڙين بعد رات ٿيڻ کان اڳ هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي  ان ذريعي ”آپريشن عزم استحڪام“ جو اعلان ڪيو ويو ۽ عوام جي اڪثريت کي 2009ع جي آپريشن دوران ٿيل لڏپلاڻ جا منظر ياد اچڻ لڳا. انگريزي وارو ڊيميج  "(نقصان)“ ٿي ويو تھ، سومر رات وضاحتي بيان جاري ڪيوويو آھي. ڪاش ٰ ان جي ضرورت پيش نھ اچي ھا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.