سنڌ جا حقيقي مسئلا ۽ غير ضروري تڪرار!

منظور کوسو

سماج ۾ پيدا ٿيندڙ هر بحث ضروري ناهي ته اهميت جوڳو ۽ ماڻهن جي زندگين لاءِ ضروري هجي ڪيترائي اهڙا موضوع به هوندا آهن جيڪي اوچتو عوامي گفتگو جو مرڪز بڻجي ويندا آهن يا بڻايا ويندا آهن ۽ معاشري کي درپيش بنيادي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويندا آهن.سياسي ۽ سماجي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مفادن جي دنيا ۾ ماڻهن جي توجهه جو رخ تبديل ڪرڻ هڪ پراڻي حڪمت عملي رهي آهي.جڏهن عوام روزگار، مهانگائي، تعليم، صحت،امن و امان، انصاف، بدعنواني يا معاشي اڻبرابري بابت سوال ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته اڪثر اهڙا موضوع سامهون آندا وڃن ٿا جيڪي جذباتي ڇڪتاڻ ۽ انتشار ته پيدا ڪن ٿا، پر عوامي زندگيءَ جي حقيقي مسئلن سان انهن جو ڪو واسطو ڪين هوندو آهي، ان لاءِ هر دور ۾ گهڻو ڪري اسان وٽ مذهبي معاملن کي استعمال ڪيو ويندو آهي۔ هن قسم جي بحث جو وهڪرو اهڙو ته تيز هوندو آهي جنهن ۾ اڪثر چڱا ڀلا پڙهيا لکيا ۽ ساڃهوند ماڻهو به لڙهي ويندا آهن. تاريخدان ان حالت کي "Scapegoating” سڏين ٿا، يعني هروبرو جا بحث پيدا ڪري،اصل مسئلن جي ذميواري ڪنهن ٻئي تي اڇلي عوامي راءِ کي هڪ نئون رخ ڏيڻ۔ نيل پوسٽمين پنهنجي مشهور ڪتاب Amusing Ourselves to Death ۾ خبردار ڪري ٿو ته سماج جيڪڏهن سنجيده فڪر جي بدران مسلسل شور، تماشي ۽ جذباتي ردعملن ۾ گم ٿي وڃي ته پوءِ عوامي شعور ڪمزور ٿي ويندو آهي.

"ماني ۽ تماشا” (لاطيني: Panem et Circenses) هڪ مشهور سياسي ۽ سماجي اصطلاح آهي،جيڪو رومي شاعر جووينال (Juvenal) پهرين ۽ ٻي صدي عيسويءَ جي شروعاتي دور ۾ استعمال ڪيو هو.سياسي مفهوم ۾ هن اصطلاح جو مطلب اهو آهي ته عوام کي اصل مسئلن کان بيخبر ۽ لاتعلق رکڻ لاءِ،سٺي حڪمراني، بهتر عوامي خدمتن يا مؤثر پاليسين تي ڌيان ڏيڻ بدران، ماڻهن کي عارضي سهولتن،کيل تماشي يا ڌيان هٽائيندڙ سرگرمين ۾ مصروف رکيو وڃي.

ڏٺو وڃي ته ساڳيو ئي حال اسان جو آهي، هڪ طرف قوم کي قطارون ڪري خيرات تي هيرايو ويو آهي ته ٻئي طرف حڪومتي سرپرستي ۾ مندائتا اڻ مندائتا ميلا ملاکڙا به جام آهن۔ جديد انفارميشن ايج ۾ سوشل ميڊيا هن رجحان کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي.اڄ ڪالھه ڪنهن به غير اهم موضوع کي چند ڪلاڪن ۾ سوشل ميڊيا تي قومي بحث جو مرڪز بڻايو وڃي ٿو.ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن اهڙن تڪرارن تي بحث ڪندا رهن ٿا،جن جو سندن زندگيءَ جي معيار سان ڪو سڌو سنئون تعلق نه هوندو آهي.ان دوران تعليم جي زوال، اسپتالن جي حالت، پاڻيءَ جي کوٽ،وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، امن و امان،بيروزگاري ۽ معاشي بحران جهڙا مسئلا بحث جي دائري کان ٻاهر رهجي ويندا آهن.هن وقت قوم جي اجتماعي مسئلن کي ڇڏي اسان وٽ مذهب کي بحث جو موضوع بڻايو ويو آهي جيتوڻيڪ مذهب جي معاملي ۾ ماڻهو ڪافي حد تائين جذباتي ٿين ٿا هن قسم جو تڪرار نه فقط قوم ۾ انتشار پيدا ڪري ٿو پر ان کي ورهائڻ جو سبب به ٿي سگهي ٿو سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ۽ ڀڳڙن مٺ وڪرا،ميرٽ جو قتل اسان جو نوجوان ڊگرين جا فائيل بغل ۾ دٻايو در در تي ذليل ۽ خوار پيو ٿئي بيروزگاري انهن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آهي!!ڪهڙو مسئلو ڪهڙي آفت آهي جيڪا سنڌ جي ڳچي ۾ ناهي انهن سڀني مصيبتن کي وساري هاڻي اسان مذهب تي ويٺا بحث ڪيون هي انتها پسندي Extremism ناهي ته ٻيو ڇا آهي۔انتها پسندي ڪنهن به صورت ۾ ڇونه هجي مذهبي هجي يا غير مذهبي سماج لاءِ هاڃيڪار ۽ غيرتعميري عمل آهي۔ سوشل ميڊيا تي هر روز نئون اشو پيدا ڪرڻ، ماڻهن جي معيارِ زندگي طرف ڪو ڌيان نه ڌرڻ،زندگي جي اهم معاملن تي سانت ڇانيل آهي اهڙين حالتن مان اهوئي نتيجو ٿو نڪري ٿو ته انتها پسندي هر شعبي ۾ موجود آهي،پر اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته اهو لاڙو معاشري لاءِ نهايت ئي خطرناڪ آهي۔اديبن،ليکڪن،دانشورن ۽ سماج جي ٻين مڙني ساڃاهوندن کي پنهنجون سوچون معتدل رکڻ گهرجن اهڙيون سوچون ۽ نقطهء نظر جيڪو ڪنهن لاءِ به دل آزاري يا معاشري لاءِ انتشار جو سبب نه بڻجي۔جيڪڏهن ڪو سنڌ جي سڄڻ هئڻ جي دعوا ڪري ٿو ته ان کي سماج جي اجتماعي مسئلن تي گڏجڻ گهرجي اهائي وقت جي اهم ضرورت آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.