ڊاڪٽر آفتاب ابڙو: شاهه لطيف جي فڪر ۽ ٻوليءَ جو سنجيده محقق

ڊاڪٽر پروين موسيٰ

آفتاب ابڙي جو جنم حافظ سعيد الله جي گهر پهرين مارچ 1956ع تي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ئي تر ۾ ورتائين اڳيان هلي ايم اي سنڌي ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر آفتاب پي ايڇ ڊي جي ڊگري بعنوان ”سنڌي رسم الخط جي اوسر“ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان مڪمل ڪئي. ايم اي سنڌيءَ ۾ هن ” شاهه جي رسالي جو لساني اڀياس“  عنوان سان مونوگراف ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ لکيو، جنهن ۾ ٽن سُرن ڪلياڻ ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات جو اڀياس شامل آهي.

ڊاڪٽر آفتاب جي لکيل ايڊٽ ۽ ترتيب ڏنل ڇپيل ڪتابن ۾ گهڻا ڪتاب لغت ۽ لطيف شناسيءَ تي آهن، جيئن”شاهه جي ٻولي“، ”انگريز دور ۾ سنڌي رسم الخط جي ترقي“، ”ماحوليات“ (ٻاراڻو ڪتاب)، ”جديد سنڌي گرامر“، ”برطانوي دور ۾ سنڌي صورتخطي“، ”ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو“، ”ڀٽائي آدرشي انسان“، ”سنڌو لکت تي ٿيل تحقيق جو جائزو“، ”مختلف دورن ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي“، ”علم لغت“، ”شاهه لطيف عظيم مفڪر“ ۽ ٻيا آهن.

ڊاڪٽر آفتاب سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان لاڳاپيل رهيو. رٽائرمينٽ جي زندگي گهاريندي پڻ هو علمي ۽ ادبي دنيا کان رٽائر نه ٿيو آهي،  پنهنجي قائم ڪيل پبليڪيشن جي اداري ”پيڪاڪ، پبلشرز“ ڪراچيءَ جي ڪتابن تي هُن جا لکيل، پبلشر نوٽ انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ بابت اُتساهيندڙ ۽ وزنائتا آهن.

سندس تحريرون وزنائتيون آهن، ڇپيل لطيفي ڪتاب هيٺين ريت آهن. شاهه جي ٻولي: سنڌي ڪتاب گهر ڪراچي 153 صفحن تي 1990ع ۾ شايع ڪيو، اها سندن تحقيق پنجن بابن تي ٻڍل آهي، ٻه اکر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه طرفان آهن، ته مقدمو ڊاڪٽر نواز علي شوق جو لکيل آهي، اصل تحقيق جو عنوان ” شاهه جي ڪلام جو لساني ۽ لغوي جائزو آهي،  جنهن جو بعد ۾ عنوان ” شاهه جي ٻولي“ لکيو ويو، پهرين باب ۾ سنڌي ٻولي ۾ تاريخ ۽ اصليت، مختلف نظريا، مختلف لهجا ۽ سنڌي ٻوليءَ جون  لساني خوبيون بيان ڪيل آهن، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي ڇپيل ڪتابن جي آڌار تي بحث ڪيل آهي، ٻيو باب شاهه لطيف کان اڳ جي سنڌي ٻولي ۾ موضوع جي چٽائيءَ لاءِ آفتاب ابڙي شاهه کان اڳ جي ڪلاسيڪل شاعرن قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون عيسو ۽ ميون شاهه عنات رضوي ذڪر ڪيا آهن، سندن شاعريءَ جا مثال ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته لطيف سرڪار مٿين شاعرن جي ٻوليءَ ۽ اسلوب کان متاثر هيو، سنڌي لغت جي ارتقا جي حوالي سان اهو بحث ڪيل آهي، باب ٽيون شاهه جي دور جي ٻوليءَ ۾ شاهه جي دور جي ٻوليءَ جو لساني جائزو، ٻولي جي  لساني ۽ لغوي خاصيتن جي حوالي سان ورتل آهي.

چوٿين باب ۾ شاهه جي ٻوليءَ جو معيار ۽ خوبيون، شاهه کان اڳ شاعرن جي ٻوليءَ جو تقابلي جائزو، شاهه جي معياري ٻوليءَ جو  جائزو آهي، سندن استعمال ڪيل ٻوليءَ کي حسين، بليغ ۽ معياري ٻولي ڄاڻايو آهي، پنجون باب شاهه جي ڪلام تي ٻين ٻولين جي اثر تي ٻڌل آهي، شاهه جي دور تائين جيڪي ٻوليون لغات، صوفيات ۽ صرفيات توڙي نحوبات جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ کي اثرانداز ٿيون آهن، انهي اثرن کي ڄاڻايو ويو آهي، اهڙين ٻولين ۾ هندي، عربي، فارسي ۽ ڀرپاسي جون ٻوليون آهن، هيءَ ڪتاب شاهه لطيف جي ٻولي ۽ سندس دور کان اڳ پنجاهه، سئو سال اڳ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻولي ۽ ان جي لغت ۽ محاوري کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، هم اهم موضوع تي اهو تحقيقي ڪتاب هوندي به ڪجهه ڪمي ضرور آهي جو آخر ۾ مڪمل حوالا، نتيجا ۽ ببليو گرافي موجود ناهن، هن موضوع تي اڃان گهڻ رخي ڪم جي ضرورت هئي وري به شروعاتي ڪوشش مطابق ڪم جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

شاهه لطيف عظيم مفڪر   سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1993ع ۾ 296 صفحن تي شايع ڪيو جنهن کي ڊاڪٽر ابڙي ترتيب ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ آيل مقالا ”تصوف جو فلسفو ۽ شاهه لطيف“ ايڇ ٽي سورلي، ”ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو مسئلو“ عمر بن محمد دائودپوٽو ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف هڪ مفڪر“ شيخ اياز، ” شاهه لطيف سنڌي قوم جو رهبر“ محمد ابراهيم جويو، ” شاهه لطيف جي شعر ۾ سماجي اوسر جو تصور“ تنوير عباسي، ” شاهه لطيف جو مذهب ۽ فلاسافي“ ڊاڪٽر ايس ايم جهانگياڻي، ” شاهه لطيف جو سياسي فڪر“ سراج الحق، ”شاهه لطيف اسان جو رهبر“ علي احمد بروهي، ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سياسي ۽ سماجي وحدت الوجود“ انور پيرزادو، ”شاهه لطيف سماجي مفڪر“، ف م لاشاري، ” شاهه لطيف: هڪ سماجي شاعر“ فهميده حسين، ” شاهه لطيف ڀٽائي سماجي ۽ سياسي مفڪر“ شيخ محمد اسماعيل، ”شاهه عبدالطيف قومي وحدت ۽ فڪري جدت جو علمبردار“ آفتاب ابڙو ۽ ٻيا آهن،  ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو هن ڪتاب ۾ 45 صفحن جو طويل مقالو تحقيق جي رائج اصولن مطابق اثرائتو آهي، جنهن ۾ هو شاهه لطيف جي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي جائزي تي چوي ٿو ته، ” لطيف جو فڪر تاريخي حادثن ۽ واقعن جي پيداوار آهي، اهي تاريخي ۽ زميني حقيقتون هيون جن شاهه صاحب جو سڪون ختم ڪري ڇڏيو“ انهيءَ کان اڳتي هُن ڄاڻايو آهي ته، ” شاهه سائين قومي هيڪڙائيءَ کي ٽن عوامل سان گڏ ڪيو. 1.موسيقي، 2. سور، 3. ٻولي اهي ٽيئي نڪتا ڊاڪٽر صاحب تفصيلي ڄاڻايا آهن، مقالي جي آخر ۾ لکيو اٿس ته، ”شاهه صاحب اڍائي سئو سال اڳ، سنڌي ٻولي ۽ لغت جا اصول ۽ قائدا جامع نموني سان جوڙي ويو آهي، اسان کي گهرجي  ته جديد لسانيات ۽ علم الغت مطابق ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن کي نئين سر ترتيب ڏيون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ جامعيت، گنج ۾ گڏ ٿيل ٻوليءَ جي ذخيري مان لهون ۽ شاهه صاحب جي قومي وحدت ۽ فڪري جدت لاءِ ادا ڪيل ڪردار کي سلام پيش ڪريون(ص 286)

جامع لغات لطيف ڊاڪٽر آفتاب ابڙي پاران  تحقيق ۽ ترتيب ڪيل هن لطيفي لغت جو پهريون ڇاپو شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي 2018ع ۾ 307 صفحن تي شايع ڪيو، سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر بروو ۽ سر گهاتو جي لغت تي مشتمل آهي، هيءَ لغات پنجن جلدن تي آهي،  جن مان هڪ جُلد شايع ٿيو آهي، علم الغت: (شاهه لطيف جي حوالي سان ) جو پهريون ڇاپو 2021ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2016 صفحن تي شايع ٿيو آهي.

موجوده وقت پاڻ هڪ ڪتاب مٿين ڪتابن جي وچور ۽ نئين سر ترتيب، تنظيم ۽ واڌارن سان آڻي رهيو آهي، بعنوان ”جديد سنڌي قوم جي جوڙ جڪ ۾ شاهه لطيف جو ڪردار“ جيڪو ترت اچي ويندو. پيڪاڪ پاران ڪيترائي لطيفي ڪتاب ڇپرايا اٿن جن ۾ ”تمر فقير جو رسالو“، ”سسئيءَ جا پنڌ“، ”لطيفي ببليو گرافي“ ۽ ٻيا آهن. ڊاڪٽر آفتاب جو ڪم جاري ۽ ساري آهي، اميد ته پاڻ اڃا به سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندو ايندو، لطيف شناسي ۽ لغت نويسيءَ ۾ سندن ڪم مڃڻ جوڳو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.