سي پيڪ ۽ روسي واپار تي ھڪ نظر  

تحرير: خدا بخش بروھي

جڏھن چائنا محسوس ڪيو ته ڀارت، امريڪا تائيوان ڳٺجوڙ جي ڪري سندس سامونڊي واپار تي منفي  اثر پئچي سگھي ٿو ان بدلجندڙ حالتن کي مدنظر رکي ھن کي واپاري طور طريقن ۽   پاليسين کي مستقبل جي بدلجندڙ حالتن جي  بنيادن تي  بدلائڻ جي ضرورت محسوس ٿي   ڇاڪاڻ ھڪ ته  کيس سمنڊ ذريعي مال جي برآمد،  درآمد ۽ سڪيورٽي جي مسئلن سميت  مال جي رسد ۾  زياده وقت  لڳو ٿي  ان ڪري چائنا  گوادر  بندر گاه کان رود رستي مال پھچائن کي نه رڳو وقت ۽ پئسي جي بچت جو سونھري موقعو ۽ غنيمت  سمجھي ڪم شروع ڪرايو پر ساڳي وقت پاڪستان کي محصول ملڻ جو موقعو فراھم ڪرڻ سان گڏ سي پيڪ ذريعي پاڪستاني پراڊڪٽ کي  دنيا تائين  پھچائڻ جو موقعو ھموار ڪيو آھي  تنھنڪري سي پيڪ ٻنھي  ملڪن جي ترقي جي ضمانت آھي  اتي ڪجھه  ٻاھرين ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ  دھشت گرد ٽولا نٿا چاھين ته ھي اقتصادي  ڪاريڊور ڪامياب ٿئي ۽ ٻنھي ملڪن کي فائدو ڏي نه وري گذريل پي ٽي آئي حڪومت کي  ھن پراجيڪٽ جو ڪو الڪو ٿيو ڇوته موجوده نواز ليگ حڪومتي ڌريون پي ٽي آئي تي اھو الزام ھڻن ٿا ھن سي پيڪ جي مسئلي تي ڌيان نه ڌريو تازو ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آئي وارا سي پيڪ جي خلاف پروپيگنڊا مھم ھلائي رھيا آھن ھنن کي ملڪ کان وڌيڪ عمران خان آھي.

بھرحال   چائنا پاڪستان جي وچ ۾ ھي  ترقياتي منصوبو اڃا تائين مڪمل ٿي سگهيو، ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي ٻنھي ملڪن ۾ ھلڪي ڦلڪي غير يقيني جي فضا پروان چڙھڻ لڳو آھي جنھن تي اعتماد بحال ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي ڏٺو وڃي ته  جيڪو ڪم ترقي جي اميدن جي پورائي لاءِ  شروع ڪيو ويو ھو ان مان بدقسمتي سان ايستائين صحيح مڪمل لاڀ نه ملي سگھيو آھي سوچجي ته اھو ڪنھن وڏي المئي کان گھٽ ناھي ان جو وڏو سبب ھتان  جي سياسي پارٽين جي اندر ان منصوبي تي مڪمل ھم آھنگي نه ھجڻ ۽ سڪيورٽي مسئلا آھن ان ڪري ھيڏو وڏو پراجيڪت جنھن لاءِ  اھو چيو ٿي ويو ته ھن جي شروع ٿيڻ  سان  ايترو ته  پئسو ملندو جنھن سان ملڪ جي تقدير بدلجي ويندي

ماضي کي ڏسنداسين ته ھي منصوبو پ پ دور ۾ صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن سان شروع ٿيو پر وقت ۽ حالتن ۽ حڪومتن جي بدلجڻ ڪري ھي لاڀائتو منصوبو سرد مھري جو شڪار رھيو ھاڻ تقريبن سڀني پارٽين کي احساس ٿيڻ لڳو آھي ته آئي ايم ايف کان نجات لاءِ  چائنا سان ڪيل ھن اقتصادي ترقي جي علامت سي پيڪ کي لاڀائتو بنائجي چائنا حڪومت جي خدشن کي ڏسجي ان سڄي مسئلي جي حل خاطر وزير اعظم شھباز شريف تازو چائنا ويو ھو جتي ھو چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي ھئي  ميڊيا رپورٽن مطابق چيني حڪومت سڪيورٽي تي ڪجهھ خدشا ڏيکاريا ھئا  ان سڄي مسئلي کي مد نظر رکي  گذريل ڏينھن ملڪ جي  تقريبن سڀن پارٽين گڏجي فيصلو ڪيو آھي ته ھر حال ھن پراجيڪت کي ڪامياب ڪرائڻو آھي

ان مسئلي تي  پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاطر پاڪستاني سياستدانن جو اجلاس به  ٿيو ان ۾  سي پيڪ جي اڳيان ايندڙ هر قسم جي ان  ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ  سياستدانن پنھنجي، پنھنجي عزم جو اظھار ڪيو  ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيئرمين سينيٽر يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيد علي ظفر، مولانا فضل الرحمان سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي انھن سي پيڪ متعلق ٻين وفدن سان ملاقات ڪري انھن کي قائل ڪيو . ان مسئلي تي  ڳالهائيندي چيني وزير ليو جيان چاؤ چيو ته ملڪي ترقي لاءِ  اندروني استحڪام ضروري آهي، سيڙپڪاري لاءِ  سڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ گهرجي، ادارن ۽ سياسي پارٽين کي متحد ٿيڻ گهرجي، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جو نئون ويزن آهي.

سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، فضل الرحمان چيو ته سي پيڪ تي پاڪستان ۾ قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪ چين دوستي اسان جي گڏيل اختلافن کان بالاتر آهي، سينيٽر علي ظفر چيو ته ان کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ڊپٽي وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي لوڊشيڊنگ جي پراڻي مسئلي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ کان علاوه سي پيڪ تحت ترقياتي منصوبن پاڪستان جي عوام لاءِ  روزگار جا لکين نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي جنهن کي پاڪستاني عوام ڪڏهن به وساري نه سگهندو.

.ساڳي وقت چائنا  سي پيڪ کانپوءِ پاڪستان روس جي گيم چينجر منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جو وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي، پاڪستان روس جي نارٿ سائوٿ انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ڪاريڊور منصوبي ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ لاڳاپيل طريقيڪار تي غور ۽ عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ان متعلق ذريعن جو چوڻ آھي  پاڪستان ھيستائين ڪاميابي سان 1 ملين ٽن روسي خام تيل درآمد ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن وچ ۾ زراعت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. پاڪستان پاران ايران ۽ آذربائيجان ذريعي روس تائين ڪينو جي ھڪ وڏي کيپ پهچائي وئي آھي جيڪوسلسلو جاري آهي،جڏھن ته پاڪستان سي پيڪ ۾ سائوٿ سلڪ روڊ کي استعمال ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي،

روسي فيڊريشن کان پاڪستان کي ڪاٺ جي درآمد تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي روس جي يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ماحوليات جي استحڪام تي به ڳالهيون جاري آهن، سي پيڪ وانگر روس جو انٽرنيشنل نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪاريڊور به گيم چينجر ثابت ٿيندو ايران ۽ آذربائيجان جي رستي روس سان واپار جا سٺا موقعا موجود آھن ان سلسلي ۾ روسي صدر ولادي مير پيوٽن گذريل سال پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ پاڪستان کي اتر-ڏکڻ انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ڪاريڊور ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ ان ۾ مثالي اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو هو آھي

ھاڻ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي جيترو به جلد ممڪن ٿي سگھي مٿين مذڪوره اقتصادي راھداري منصوبن کي ڪامياب ڪـجي ته جيئن پاڪستان جا دنيا سان واپاري لاڳاپا مضبوط ٿين ۽ ملڪ جلد کان جلد ترقي ڪري سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.