ٿرپارڪر مان اٿندڙ پاڻي لاءِ پڪارون

تحرير: اعجاز بجير

شديد گرمي جي ھنن ڏينھن دوران ٿر ۾ ھلندڙ پاڻي جي قلت وارين شڪايتن جي سلسلي ۾ ڪالھه 22 جون 2024 تي پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ ”ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪرڻ واري رٿا ۽ ٿر ۾ پاڻي جي وسيلن جي اڻاٺ“ جي عنوان سان ’ٿر ڪلائيميٽ جسٽس ٽربيونل‘ پاران ڪوٺايل ھڪ روزه ڪانفرنس ٿي گذري جنھن ۾ ٿر جي مقامي ماڻهن، سول سوسائٽي جي نمائندن، تعليمي ماهرن، سماجي ۽ ماحولياتي ڪارڪنن، صحافين، اديبن، فنڪارن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ماڻھن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ زيرِبحث نقطن ۾ مکيه ڳالھه اھا رھي ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل ۽ ان جي غيرمعياري اثرن علائقي ۾ جر سان جڙيل مڙني آبي ذخيرن جي قدرتي نظام کي نقصان پھچائڻ سان گڏوگڏ وطن ۽ ويڙھيچن جي وچواري صديون پراڻي چولي ۽ دامن واري تعلق کي ڇيھو رسائڻ ۾ پڻ ڪو ڪثر ڪونه ڇڏي آھي. ساڳي ريت ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل سبب ٿيندڙ جر جي پاڻي جي زيان توڙي نڪال ٿيندڙ گندي پاڻي جي تباھڪار اثرن جي نگراني لاءِ سنڌ سرڪار جي جوڙيل چڪاس نظام جي ڪوتاھين توڙي انھي مد ۾ ٿيل نقصان جي پورائي لاءِ سنڌ سرڪار ۽ ڪمپنين پاران گھربل حڪمت عمليون اپنائڻ ۾ پيش ايندڙ ناڪامين جو پڻ خوب تذڪرو ٿيو.

ڪانفرنس ۾ پاڻي ۽ ماحوليات جي ماھرن ۽ ٿر جي متاثر ڳوٺن مان آيل سماجي ڪارڪنن ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان لاڳاپيل مسئلن تي تفصيلي روشني وڌي. خاص طور تي انھي ڳالھه جو ذڪر ٿيو ته ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل سان ھڪڙي پاسي علائقي ۾ جر جي پاڻي جي سطح تيزي سان ھيٺ لھي رھي آھي ته ٻئي پاسي ساڳي پاڻي ڪجهھ وڌيڪ آلوده عنصرن جي ملاوت سان زميني سطح تي تلائن جي شڪل ۾ گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو کان ويندي تلوايو، وروائي، ٻٽڙا ۽ جامن سمون جھڙن ڳوٺن جي آس پاس وارن مختلف علائقن جي رھائش پذير پھرين کان اڃايل آبادي لاءِ زحمت بڻجي رھيو آھي جنھن سان نه رڳو انھن ڳوٺاڻن علائقن جي پسگردائي وارين سيمن ۾ جر جي پاڻي جي سطح ھيٺ لھڻ ڪري پاڻي جي قلت کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي پر انھن علائقن ۾ جر جي پاڻي جي ڪوائلٽي پڻ بري طرح سان متاثر ٿي رھي آھي. انھن علائقن ۾ جر جي پاڻي جي ڪوائلٽي خراب ٿيڻ واري تذڪري محل ھڪ امڪاني سبب ڳوٺ ميگھي جي تڙ ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران جر مان نڪرندڙ پاڻي کي ٻيھر جر ۾ واپس داخل ڪرڻ وارو عمل پڻ ذڪر ھيٺ آيو.

ڪانفرنس ۾ مختلف تحقيقي رپورٽن جا حوالا پڻ ذڪر ھيٺ آيا جن موجب جر جي پاڻي ۾ مختلف ڳرن توڙي زھريلن معدني عنصرن جي مقدار ۾ مقرر حد کان وڌيڪ اضافو ٿيو آھي جيڪو انساني، حيواني توڙي نباتاتي حياتيات لاءِ نقصانڪار آھي. گندي پاڻي جي تلائن جو تذڪرو ڪندي مقررن انھن تلائن جي آس پاس ٿيندڙ زميني بنجرپڻي، مختلف وڻ، ٽڻ، ٻوٽن ۽ فصلن جي ناس ٿيڻ توڙي نقصان سميت علائقي جي آبھوا ۽ ماحول تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو پڻ ذڪر ڪيو. جر، آبھوا ۽ ماحول جي ذڪر محل ڳالھائيندڙن ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل دوران پيدا ٿيندڙ رک يا ڦلهيار جي ڍيرن جي مناسب سارسنڀال وارو نظام نه ھئڻ ڏانھن پڻ اشارو ڪيو.

اھڙي ريت ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ دوران آبي ماحوليات جي ڀنڃ ڊاھ واري ٿيندڙ ھن سڄي عمل ۾ علائقي جي لڳ ڀڳ 30 کان مٿي ڳوٺن ۾ رھائش پذير انساني، حيواني توڙي نباتاتي حياتيات جي صحت ۽ زندگين لاءِ نمودار ٿيندڙ جوکم واري ماحول کان ويندي ڳوٺاڻن جي متاثر ٿيندڙ ذريعه معاش واري مسئلي تي پڻ ڪانفرنس ۾ خوب دانھيو ويو. انھي موقعي تي ڳالهھ ٿر ۾ لڳل سنڌ سرڪار جي آر او پلانٽس جي پڻ ٿي ته اھي اڪثر يا ته ناڪاره پيل آھن يا جي ڪٿي ڪجهھ ھلن ٿا ته تمام محدود مقدار ۾ پاڻي ڳوٺاڻن کي ڏين ٿا جيڪو ناڪافي ھئڻ برابر آھي. ڪانفرنس جي جاري ٿيل پڌرنامي ۾ خاص طور تي انھي ڳالهھ ڏانھن پڻ توجهه ڇڪائي وئي ته ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل دوران لاڳاپيل ڪمپنين جي ڪوتاھين سبب جنم وٺندڙ پاڻي سان منسلڪ تباھڪارين جا مقامي ماڻھن جي زندگين تي پوندڙاثرن جا وڏا ثبوت موجود ھئڻ باوجود اھي ڪمپنيون ٿر جي ماڻهن سان بي حسي جو مظاهرو ڪنديون رهيون آهن. ڪمپنين جي اها بي حسي ھر آواز اٿاريندڙ متحرڪ ماڻھون کي خاموش ڪرڻ توڙي ثبوتن ۽ شاهدين کي بدنام  ۽ بي اثر ڪرڻ جي ڪيترن ئي ڪوششن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ساڳي ريت ڪمپنين پاران ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل دوران پاڻي سان لاڳاپيل پوندڙ مختلف ناڪاري اثرن جي نقصان کي چڪاسڻ لاءِ گھربل مناسب نظام جوڙڻ ۾ بنيادي ناڪامي توڙي سندن پاران ڏنل زخمن تي مرھم رکڻ لاءِ ڪنھن مربوط حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ڪوتاھي ڪرڻ (سواءِ ڏيکاءُ وارن چند عارضي قدمن جي) اهو واضح ڪري ٿو ته ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن جي اثرن جي نگراني لاءِ موجود نظام جي خصوصيت بي ترتيب، مبهم ۽ صرف خارجي عملن تي ئي منحصر آهي.

انھي سڄي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ ھيٺيان اھم مطالبا پيش ڪيا ويا؛

  1. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي سرپرستي هيٺ هڪ ’واٽر ڪميشن‘ قائم ڪري جيڪو ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل سان ٿر ۾ مقامي پاڻي جي وسيلن تي ٿيندڙ ماحولياتي نقصانن جي نوعيت، شدت ۽ پيماني جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي/پاڻي سان لاڳاپيل اثرن جي نگراني لاءِ موجود نظام توڙي انھي سلسلي ۾ ٿيل مڙني نقصان جي ازالي لاءِ ڪمپنين ۽ سرڪار پاران گھربل حڪمت عملين ۾ موجود ڪمين ۽ ڪوتاھين کي درست ڪرڻ جو پڻ جائزو وٺي
  2. موجوده صوابديدي، مبهم ۽ خارجي نوعيت جي ماحولياتي نگراني واري نظام کي هڪ آزاد، مستقل، شفاف ۽ جامع طريقي سان تبديل ڪيو وڃي، جيڪو مقامي ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي شموليت توڙي شراڪتداري کي يقيني بڻائي.
  3. ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي، مقامي ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي سهڪار سان، ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ واري عمل سبب وڌندڙ پاڻي جي بحران کي گھٽائڻ لاءِ هڪ جامع ۽ مربوط منصوبو جوڙي لاڳو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.