انسانيت سوز واقعا ملڪ مان ڪڏهن ختم ٿيندا؟

تحرير:نثار لغاري

سوات جي ڀرواري علائقي ۾   هڪ ماڻهو کي مقدس ڪتاب جا ورق ڦاڙڻ  جي الزام ۾ ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي پوليس جي موجودگي ۾ ساڙيو ويو،  هن واقعي جون وڊيوز  سڄي دنيا ۾ ڦهلجي  ويون  سموري دنيا ۾ هن واقعي بابت سوال اٿي رهيا آهن ته هي پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟

سوات هن وقت پاڪستان جو هڪ اهم سياحتي مرڪز آهي، جڏهن  سموري ملڪ ۾ تمام گهڻي  گرمي هوندي آهي ملڪي ۽ غير ملڪي سياح سوات جو رخ ڪندا آهن پر هڪ سياح  کي بيدردي سان  ماري اهو پيغام ڏنو  ويو آهي ته هي خطو سياحن لاءِ بلڪل ئي غيرمحفوظ  آهي.

چين جو سي پيڪ منصوبو به هن علائقي سان جڙيل آهي، جتي اڳ ۾  به حملا ڪري  ان کي ناڪام ڪرڻ  جي ڪوشش  ٿيندي رهي آهي هن وقت وري هڪ انتهائي ڀيانڪ طريقو اختيار ڪيو ويو هن خطي ۾ عدم استحڪام  چاهيندڙ  قوتن جو مقصد به اهو آهي.

اسان وٽ  حڪمران طبقا پنجهتر سالن ۾ مذهبي عقيدن کي سياست لاءِ  جنهن بيدردي  سان استعمال  ڪيو آهي ان جو نتيجو به اهو ئي نڪرڻو  هيو جيڪو نڪتو آهي هاڻ  ته خيبرپختونخواه سميت سموري ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ  آسان ٿي ويون آهن ڪنهن  ته ڪنهن تي به توهين مذهب  جو الزام هڻو  هزارين ماڻهو  بنا ڪنهن سوچ ويچار جي  گڏ  ٿي ويندا هن وقت به سوات سميت ان جي ڀرپاسي جي حالت  خراب آهي جنهن سبب سياحت کي شديد  ڌڪ  رسندو. حڪمران هن حوالي سان ڪافي حساس واقعن کان پوءِ به ضروري بندوبست ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪنهن ٻئي  واقعي  تائين خاموش هوندا آهن

رپورٽ موجب هجوم هٿان شهريءَ جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جاچ شروع ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.خميس جي رات مڇريل ماڻهن جو هجوم مدين ٿاڻي تي حملو ڪري پوليس جي تحويل ۾ موجود هڪ شخص کي گوليون هڻي لاش کي باه ڏئي ڇڏي هئي. مڇريل ماڻهن ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ املاڪ کي به باهه ڏئي ڇڏي هئي.

هجوم جي هٿان قتل ٿيڻ واري شخص جو تعلق پنجاب جي شهر سيالڪوٽ سان ٻڌايو ٿو وڃي. مقتول تي مقدس ڪتاب جي بي حرمتيءَ جو الزام لڳايو ويو هو. مدين جي سينئر پوليس عهديدار عطاالله شمس ’وائس آف آمريڪا’ کي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿيو آهي،

جڏهن ته ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) سوات ڊاڪٽر زاهد الله جمعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي باقاعده جاچ شروع ڪري ڏني وئي آهي.خيبرپخونخوا جي سُڌ سماءَ واري کاتي جي صلاح ڪار، بيرسٽر محمد علي سيف به سرڪاري طور تي جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي جاچ شروع ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

’ڊي پي او’ مطابق، مدين ۾ حالتون اڃان تائين ڇڪتاڻ واريون آهن جن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، جڏهن ته پوليس جو وڏو اٽالو مختلف هنڌن تي لڳايو ويو آهي. مدين سان تعلق رکندڙ هڪ شهري معطر عليءَ ٻڌايو آهي ته پوئين ڏينهن واقعي کان پوءِ مڪاني ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس جو ماحول جاري آهي، جڏهن ته پوليس اڃان سوڌو ڪنهن شخص کي حراست ۾ نه ورتو آهي.

معطر عليءَ وڌيڪ چيو ته مدين ۾ عام رواجي معاشي ۽ تجارتي سرگرميون جزوي طور تي بحال ٿيون آهن، جڏهن ته شهر جي ٻين علائقن منگوره، سيدو شريف، بحرين ۽ ڪالام سان ڳنڍڻ وارن روڊن تي ٽريفڪ جي اچ وڃ جاري آهي.

مدين ٿاڻي ۾ ڇا ٿيو هو؟

مقتول تي قرآن جي توهين جو الزام لڳڻ کان پوءِ خميس ڏينهن ئي پوليس ان کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي ۾ بند ڪيو هو. پر انهيءَ دوران ڪيترا درجن ماڻهو ان جو پيڇو ڪندي ٿاڻي تي حملو ڪيو. ’ڊي پي او’ سوات ڊاڪٽر زاهد الله ٻڌايو ته مقامي پوليس اهلڪارن اطلاع ملڻ تي ملزم کي ٿاڻي منتقل ڪيو هو پر مڇريل ميڙ پوليس اسٽيشن تي هلان ڪري ڏني ۽ ملزم کي پاڻ سان وٺي ويا.ميڙ ۾ شامل ڪي فرد هٿيارن سان ليس هيا ۽ هنن ملزم کي پهريان فائرنگ ڪري ماريو، جنهن کان پوءِ سندس مڙهه کي باهه ڏئي ڇڏي. مڇريل ماڻهن جو هجوم پوليس ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مختلف حصن کي به باهه ڏئي ڇڏي.

’ڊي پي او‘ مطابق، مڇريل ماڻهن پوليس وين کي به باهه ڏني، جڏهن ته واقعي ۾ گڏيل طور تي اٺ ڄڻا زخمي ٿيا. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سوات واقعي  جو نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر جنرل پوليس، اختر حيات گنڊاپور کي تڪڙي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسان وٽ  حڪمران طبقا پنجهتر سالن ۾ مذهبي عقيدن کي سياست لاءِ  جنهن بيدردي  سان استعمال  ڪيو آهي ان جو نتيجو به اهو ئي نڪرڻو  هيو جيڪو نڪتو آهي هاڻ  ته خيبرپختونخواه سميت سموري ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ  آسان ٿي ويون آهن ڪنهن تي به توهين مذهب  جو الزام هڻو  هزارين ماڻهو  بنا ڪنهن سوچ ويچار جي  گڏ  ٿي ويندا هن وقت به سوات سميت ان جي ڀرپاسي جي حالت  خراب آهي جنهن سبب سياحت کي شديد  ڌڪ  رسندو. حڪمران هن حوالي سان ڪافي حساس واقعن کان پوءِ به ضروري بندوبست ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪنهن ٻئي  واقعي  تائين خاموش هوندا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.