اسرائيل ۽ حزب الله ڇڪتاڻ خطي ۾ امن ڏکيو بڻائي ڇڏيو

دنيا جي لاءِ وچ اوڀر جي صورتحال ڳڻتي واري آھي،ڪجھه وقت اڳ اميد پئدا ٿي ھئي تھ خطي ۾ امن ٿي رھيو آھي،پر ھڪ ڀيرو ٻيھر جاري جنگ ۾ شدت سامھون آئي آھي،جنھن ۾ حزب اللھ ۽ اسرائيل جي ڪارروايون  سان  مسئلا پئدا ٿي رھيا آھن.

فلسطين ۾ جنگ سبب ڪئين مسئلا آھن،صحت،خوراڪ.امداد،پاڻي جون سھولتون نالي ماتر آھن.لکين پناھگير ڪئمپن ۾ موجود آھن،جتي بھ اھي جنگ کان محفوظ نھ آھن.هن هفتي اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ دشمني ۽ تڪرار ۾ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي طرفان  وڏي پيماني تي هڪ ٻئي تي ميزائل فائر ڪيا ويا.تنهن هوندي به، عيد الاضحي جي موڪلن دوران ھلندڙ ڇڪتاڻ ڌرين پاران سخت جملن جي ڏي وٺ سبب وڌي وئي آهي.

حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن مڪمل جنگ شروع ٿي ته اتر اسرائيل تي حملو ڪيو ويندو.هن چيو ته حزب الله وٽ ”نوان هٿيار“ آهن ڪتب آڻبا.ساڳئي وقت حزب الله جو چوڻ ھو تھ سندس گروپ اسرائيل سان مڪمل جنگ نه ٿو چاهي ۽ غزه ۾ پنھنجي حامي حماس جي مدد لاءِ مداخلت ڪري رهيو آهي.حزب الله تازو  اتر اسرائيلي شهر حيفھ جا ڊرون فوٽيج جاري ڪيا آھن.جنهن ۾ اهم فوجي ۽ سول جاين جي نشاندھي ڪيل ھئي.

حزب الله جي ان عمل کي اسرائيل لاءِ ھڪ ڌمڪي طور ڏٺو پيو وڃي.حزب الله جو چوڻ ھو تھ اسرائيل تڪرار نھ وڌائي. ان پس منظر ۾ سمجھيو پيو وڃي تھ ائين ڪرڻ سان هڪ نئون جنگي محاذ کلي سگھي ٿو.

نصرالله جي اھڙي بيان کانپوءِ تڪڙو ردعمل ڏيندي اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته سندس حڪومت ”حزب الله ۽ لبنان خلاف قانون تبديل ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ واري آھي.اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن نئين مهم جوئي جي ڪوشش ڪئي وئي ته حزب الله تباهه ٿي ويندي ۽ لبنان کي سخت نقصان پهچندو.

اسرائيلي فوج پاران جاري ڪيل هڪ ٻئي بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ حملي جي آپريشنل منصوبن جي "منظوري”  ملي وئي آهي.

سمجھيو وڃي ٿو تھ اسرائيل ۽  حزب الله ٻئي هن وقت جنگ شروع ڪرڻ نٿاچاهين، پر امڪاني جنگ سان حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سرحد  جي ٻنهي پاسن تي لکين ماڻهن کي تباهي ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي. اهڙي صورت ۾ ايران ۽ آمريڪا  پڻ  ان مسئلي ۾ پوندا.

اسرائيل جي ڪجهھ حلقن جو خيال آھي تھ ھن جنگ بعد سيڪيورٽي معاملا بدلجي ويا آھن.حزب اللھ کي مڪمل شڪست تائين اترين علائقن مان لڏپلاڻ ڪندڙ واپس نٿا اچي سگھن،حزب اللھ  اسرائيل ۾ ميزائل فائر ڪيا،جنھن سان اسرائيل جي اتي جي سٺ ھزار آبادي کي پناھگير بڻجڻو پيو آھي. ساڳي ريت اسرائيل جي جوابي ڪارروائي سبب اٽڪل 90 ھزار فلسطيني بھ پناھگير ٿي ويا.

گذريل اٺن مهينن دوران نه رڳو سرحد پار ٻنهي طرفن کان حملن ۾ شدت آئي آهي پر ٽارگيٽ پڻ وسيع ٿيا آهن.عيد کان اڳ لبنان مان  حملي ڪندڙ ڊرون ۽ راڪيٽ حملن ۾ اضافو ٿيو آهي. اها شدت هڪ حملي ۾ حزب الله جي سينيئر ڪمانڊر طالب عبدالله جي مارجڻ کانپوءِ آئي آهي.

حزب الله پنهنجي حملن ۾ اينٽي ٽينڪ ميزائل ۽ ڊرون جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي.ٻنهي طرفن کان وڌندڙ جوابي قدمن سبب جنگ جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي.

گڏيل قومن موجب لبنان ۾ تازين چڪرين ۾ ڪيترن ئي شهرين سميت 400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 25 اسرائيلي فوجي ۽ شهري پڻ مارجي ويا آهن.

آمريڪا سرحد جي ٻنهي پاسن ڏانهن سفير موڪليا ته جيئن تڪرار کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. پر حزب الله اهو واضح ڪيو آهي ته اهو پنهنجي اتحادي حماس سان يڪجهتي ۾ڪري رهيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ غزه ۾ جنگبندي جو معاهدو ئي اترين علائقن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو واحد عمل جوڳو سفارتي حل نظر اچي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي امن قائم ڪرڻ لاءِ  دٻاءُ وڌي ويو آهي،پر حماس جي قيادت کي مارڻ،قيد ڪرڻ بنا اسرائيل پاران غزه  فتح  ڪرڻ جي دعويٰ ممڪن ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.