وفاق ۽ ڪي پي ۾ ڇڪتاڻ، گنڊاپور پاران سڄي ملڪ جي بجلي بند ڪرڻ جي ڌمڪي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواه صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پاڻ گرڊ اسٽيشن پهچي وزيراعظم شهباز شريف ۽ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي اهو بٽڻ آهي، ۽ ڏسو اها منهنجي هٿ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن نيشنل گرڊ جي بجلي گهٽجي وئي ته نيشنل گرڊ جو بٽڻ به منهنجي هٿ ۾  آهي ۽ مان اهو بٽڻ به بند ڪري ڇڏيندس ته پوءِ سڄي پاڪستان ڄاڻي ۽ توهان ڄاڻو. علي امين گنڊاپور چيو ته هاڻي ڪنهن به علائقي ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. هن چيو ته مون ڪينٽ جي لوڊشيڊنگ به 8 کان 12 ڪلاڪ ڪئي آهي ته جيئن سڀني تي هڪ جيترو بار پوي. گرڊ اسٽيشن جي دوري کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته صوبي جي سمورن پارلياماني ميمبرن پنهنجي علائقن ۾ گرڊ اسٽيشنز جو دورو ڪري  لوڊشيڊنگ جي شيڊول تي عمل کي يقيني بڻائن. علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي صوبي جا سي سي آءِ پاران منظور ڪيل 1600 ارب رپيا ادا نه ڪيا پيا وڃن، جيڪا وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي ان کان وڌيڪ رقم اسانجي جي خالص هائڊرو منافعو رهيل آهي. صوبي جي عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته واپڊا جي اثاثن کي ڪير به نقصان نه پهچائي. هن چيو ته مون آءِ جي خيبرپختونخواهه کي چيو آهي ته پوليس واپڊا جي حڪم تي ڪنهن به آفيسر خلاف ايف آءِ آر داخل نه ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي انصاف نه ملي رهيو آهي ۽ اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي پر توهان کي انصاف ڏيڻو پوندو ۽ منهنجي چوڻ تي عمل ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بئرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته جعلي فارم 47 جي پئداوار حڪومت عيد جي ٽن ڏينهن تي به لوڊشيڊنگ جو خاتمو يقيني نه بڻائي سگهي. پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته صوبي جون 1500 ارب رپين کان وڌيڪ بجلي جون بقايا ادا نه پيون ڪيون وڃن، خيبرپختونخواه جي عوام بابت وفاقي حڪومت جون ظالماڻيون پاليسيون ختم ٿيڻ گهرجن. هوڏانهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاران ڊيره اسماعيل خان گرڊ اسٽيشن جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي علي امين گنڊاپور سان رابطو ڪري صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جي بحران تي ڳالهيون ڪيون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گهرو وزير محسن نقوي کي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي لوڊشيڊنگ جي مسئلي تي 2 ڏينهن ۾ صلاح مشورا ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته ڳالهين ۽ مفاهمت ذريعي گڏيل غلط فهميون ختم ڪيون وينديون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير گهرو وزير کي گرڊ اسٽيشنن جي حفاظت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته ڪوشش آهي ته خيبرپختونخواه ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو جلد کان جلد حل ٿي وڃي، وفاق جي سمورن اثاثن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.