ڪوئيٽا ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ريلي، فورسز جي ڪئمپن آڏو ڌرڻن جي ڌمڪي

ڪوئيٽا (م ڊ)  بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ عيدالفطر جي موقعي تي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن احتجاجي ريلي ڪڍي پنهنجي پيارن جي بازيابيءَ لاءِ جلسو ڪوٺايو.  گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن پڻ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. سندن هٿن ۾ کنڀيل ماڻهن جون تصويرن ۽ پمفليٽ هئا، جن تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت نعرا لکيل هئا. ريلي کي خطاب ڪندي وائيس فار بلوچ مسنگ جي وائيس چيئرمين ماما قدير بلوچ چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان گم ٿيل ماڻهن جا وارث عيد تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته رياستي ادارا مسئلو حل ڪرڻ بدران جبري گمشدگين جو سلسلو جاري رکندي ان معاملي کي وڌيڪ منجھائي رهيا آهن. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث پنهنجي جدوجهد تان هٿ نه کڻندا ۽ آخري گم ٿيل شخص جي بازيابي تائين جدوجهد جاري رکندا. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ صبغت الله شاهه چيو ته جيڪڏهن جبري گمشدگين جو سلسلو جاري رهيو ته مستقبل ۾ گم ٿيلن جا وارث سڪيورٽي فورسز جي ڪئمپن ٻاهران احتجاجي ڪئمپون قائم ڪندا. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندڙن ۾ شاگرد اڳواڻ ذاڪر بلوچ سميت ٻين گم ٿيل ماڻهن جون عورتون پڻ شامل هيون. ذاڪر مجيد بلوچ جي ماءُ چيو ته هوءَ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي پٽ جو انتظار ڪري رهي آهي. هن چيو ته ذاڪر مجيد کي ڪجهه ساٿين سميت غائب ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس ٻين ساٿين کي آزاد ڪيو ويو پر ذاڪر مجيد بلوچ اڃا تائين گم آهي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عبدالواحد ڪرد جي ڀيڻ چيو ته سندس ٻه ڀائر عبدالواحد ڪرد ۽ داد محمد ڪرد 15 سال اڳ گم ٿي ويا هئا. هن چيو ته ڏيڍ ڏهاڪي کان ٻن ڀائرن جو انتظار ڪندڙ ڀيڻ جي ڪهڙي حالت هوندي؟ هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڏکوئيندڙ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن کي عيدن ۽ ٻين خوشين جي خبر ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي جو گم ٿيل ماڻهن جون مائرون ۽ ڀينرون گهرن ۾ عيد ملهائڻ بدران روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. حيدرآباد مان گم ٿيل غلام فاروق بلوچ جي خالا ٻڌايو ته سندس ڀاڻيجو مزدوري لاءِ حيدرآباد ويو هو. هن چيو ته غلام فاروق کي 9 سال اڳ ٻين ماڻهن سميت گم ڪيو ويو. باقي ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو پر غلام فاروق اڃا تائين بازياب نه ٿيو آهي. غلام فاروق جو پيءُ ۽ ماءُ سندس انتظار ڪندي گذاري ويا پر سندن پٽ بازياب نه ٿيو. مقررن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي به ڪو الزام آهي ته کين ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.