بلاول پاران وزيراعظم کي بجيٽ بابت خدشن کان آگاهه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو اڄ  وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ مالي سال 25- 2024 جي وفاقي بجيٽ تي سندس تحفظات کان آگاهه ڪيو ويندو.ڊان نيوز جي رپورٽ موجب ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملاقات دوران بلاول ڀٽو شهباز شريف کي پنجاب ۾ پارٽي قيادت جي خدشن کان به آگاهه ڪندو.ذريعن موجب اهم اجلاس دوران پيپلز پارٽي سنڌ جو چيئرمين پنهنجي حصي جي گهربل رقم جاري نه ڪرڻ جو معاملو به وزيراعظم آڏو اٿاريندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪندا.واضح رهي ته 12 جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ به پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر بعد ۾ وفاقي حڪومت ان تي راضي ٿي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.