سنڌ جي عوام جو شعور هاڻي ڀوتارڪي نظام کي هلڻ نه ڏيندو

اسان جي ملڪ اندر عام طور تي قاتلن جي گرفتاري گهٽ ئي ٿيندي آهي پر شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڪيس ۾ ٿوري وقت اندر ٽي جوابدار نشانبر ٿي چڪا آهن جن مان هڪ قاتل گرفتار به ٿي چڪو آهي جنهن جي شهيد نصر الله جي امڙ ۽ ڀاءُ تصديق به ڪئي آهي ته بلڪل اهو ئي شهيد جو قاتل آهي. اسان سمجهون ٿا ته اها حوصلا افزا اڳڀرائي آهي. هاڻي ان قاتل ذريعي ماسٽر مائينڊ تائين پهچي سگهجي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته اها اڳڀرائي شهيد جي ماءُ جي دعا، سچائي ۽ همت سان گڏ، سنڌ جي عوام جي مجموعي جدوجهد ۽ روزاني عوامي آواز جي اڳواڻي ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سگهاري ۽ وقتائتي مهم جو نتيجو آهي جنهن سنڌ حڪومت کي نتيجي جوڳين ڪاررواين تي مجبور ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياء النجار ۽ سنڌ ڪابينا جو سينئر  وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ هن ڪيس ۾ دلچسپي ڏيکاريندا رهيا آهن ۽ اميد ڏيکاري آهي ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو يوندو.

اها تمام سرهائي جي ڳالهه آهي ته عوامي آواز ميڊيا گروپ رڳو شهيد نصر الله گڏاڻي يا نظام جوکيي جي قتل کي تحريڪ جو مرڪز نه بڻايو پر ان انهن قتلن پٺيران لڪل ڀوتارڪي نظام کي ٽارگيٽ پئي ڪيو آهي يعني سنڌ جي براين جي اصل جڙ کي نشانو بڻايو آهي. جنهن ڪري عوامي آوا ميڊيا گروپ جي جدوجهد ٿوري وقت ۾ اها ڪاميابي ماڻڻ شروع ڪئي آهي جيڪا اسان گذريل ستر سالن کان حاصل ناهيون ڪري سگهيا.  ان جو ڪارڻ ممڪن آهي ته اهو هجي ته اسان انفرادي اشوز تائين محدود رهندا هياسين پر مسئلي جي اصل ۽ بنيادي جڙ کي اجتماعي طور نشانو نه بڻائيندا هياسين پر ناظم جوکيي ۽ نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس کان پوءِ جيئن ته سردار ۽ ڀوتارن کي نشانو بڻايو ويو ته درست رخ ۾ نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ٽارگيٽ کي فوڪس ڪيو وڃي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها سردارن ۽ ڪامورن جي دهشت کي ختم ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام جو شعور هاڻي ڀوتارڪي نظام کي هلڻ نه ڏيندو. ان کان اڳ جو اهو قانون کي هٿ ۾ کڻي بغاوت تي لهي اچي تنهن نوبت اچڻ کان اڳ ئي سنڌ حڪومت عوام جي منشا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. سنڌ حڪومت تي اها ذميواري ان ڪري به لاڳو ٿئي ٿي جو ان کي سنڌ جي عوام ئي اقتدار جي مسند تي ويهاريو آهي. ان لاءِ اخلاقي ۽ اصولي طور لازم آهي ته اها عوام جي خواهش پٽاندڙ پاليسي جوڙي.

ان حساب سان ڏسجي ته سنڌ جو عوام هر دور ۾ وڏيرا شاهي ۽ ڀوتارڪي نظام جي خلاف رهيو آهي. اهو ڀوتارڪو نظام ئي آهي جنهن هڪ حڪومت ۾ پنهنجي الڳ غير قانوني ۽ غير آئيني حڪومت قائم آهي جنهن کان ڪو پڇاڻو ناهي. وڏيرا شاهي نه آئين کي نه ئي قانون کي ته کنگهي. پوليس ۽ ٿاڻا ان جي سرپرستي ۾ هلندا رهيا آهن. وڏيرن، سردار، ڀوتارن جي ظلمن جي داستانن سان ادب ۽ ڊراما ڀريا  پيا آهن. پر جيڪڏهن پوءِ به حڪومت جو اوڏانهن ڌيان نٿو وڃي ۽ انجو پاليسي ۾ وڏيرا شاهي جي حامي آهي. ۽ ان جو ثبوت سندن پارٽي ۽ حڪومت ۾ شامل وڏيرا ۽ سردار آهن جن پنهنجي وڏيرا شاهي کي حڪومتي ۽ قانوني شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حقيقت ته اها آهي ته سنڌ جي حڪمران جماعت جيڪا عوامي جماعت جي دعويٰ ڪندي رهي آهي تنهن تي سڀ کان وڏي تنقيد به اها ئي ٿيندي رهي آهي ته هاڻي ان جي طاقت جو سرچشمو عوام نه پر وڏيرا ۽ سردار آهن ۽ ان سبب پ پ جي مقبوليت به گهٽ کان گهٽ ٿيندي رهي آهي.

سو شهيد نصر الله ڪيس ۾ خود پ پ لاءِ موقعو آهي ته اها قتل ۾ ملوث ڀوتارن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري پنهنجي عوامي سڃاڻپ بحال ڪري. اسان ته هتي صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار جو شديد لفظن ۾ مطالبو رکنداسين ته ايئن ڇو آهي ته ٽن سئو کان مٿي ڏينهن گذرڻ باوجود ان جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. سو جيڪڏهن  پ پ جي سنڌ حڪومت نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي وائکو ڪري، گرفتار ڪري  کين جوڳي سزا ڏياري سگهندي ته ان سان حڪومت جي ساک بهتر ٿيندي.

جيستائين سنڌي عوام جي شعور جو تعلق آهي ته هاڻي اهو مڪمل طور تي متحرڪ ٿي چڪو آهي. سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف متحد ۽ هڪ آواز ٿي چڪو آهي. اهو شعور هاڻي ڀوتارڪي نظام کي سنڌ ۾ هلڻ نه ڏيندو.  وقت گذرڻ سان ڀوتارڪي نظام خلاف جدوجهد تيز کان تيز تر ٿيندي ويندي ۽ اها جدوجهد سنڌ حڪومت کي مجبور ڪندي ته اها وڏيرن ۽ سردار جي ظلمن، ڏاڍ ۽ قتل غارت جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏئي.

اسان هتي  شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي خاتون جي همت ۽ جدوجهد کي واکاڻينداسين جنهن پنهنجي پٽ جي قاتلن کي هر قيمت تي نروار ڪرائي، گرفتار ڪرائي، سزا ڏيارڻ جو پختو وچن ڪيو آهي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائي پاڻ ڀوتارڪي نظام خلاف منهن مقابل ٿي آهي. هوءَ پٽ جي قتل واري صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪري جيڪا پنهنجي تاريخ ٺاهڻ ڏانهن وڃي رهي آهي تنهن جي آجيان ڪجي ٿي. کيس، سنڌي عوام جي شعور ۽ عوامي آواز ميڊيا جي جدوجهد کي پڻ سلام پيش ڪنداسين جن شهيد نصر الله جي هڪ قاتل کي گرفتار ڪرايو آهي ۽ ٻن جوابدارن کي نشانبر ڪرايو آهي. ضرورت ان جدوجهد کي جاري رکڻ جي آهي اها جدوجهد جاري رهندي ته اصل قاتلن جو گهيرو به سوڙهو ٿيندو.

هن وقت صورتحال سنڌ جي عوام جي شعور، شهيد جي امڙ جي جدوجهد ۽ عوامي آواز ميڊيا جي ثابت قدمي جي حق ۾ آهي. انهن سڀني جي جدوجهد ۾ باقي ميڊيا ۽ سنڌ جي سياسي جماعتن جي وقتائتي ڪردار کي پڻ همٿائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي گهر وزير ضياء لنجار ۽ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ مان به اميد آهي ته اهي پنهنجي قول کي پاڙيندا ۽ شهيد نصر الله گڏاڻي سان گڏ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي پڻ گرفتار ڪرائي کين عبرتناڪ انجام تائين رسائي سنڌ ۾ نئين تاريخ رقم ڪندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.