ناموس عزت جو قانون: اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟

تحرير: حامد مير

تحريڪ انصاف جا ڪجهه دوست اڄڪلھھ سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ مون ناچيز بابت سوال اٿاري رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي سينيٽر ڊاڪٽر همايون مهمند،تھ مون کي سڌو سنئون چيو آهي ته اوڀر پاڪستان سانحي بابت حمود الرحمان ڪميشن جو ذڪر ڪرڻ تي عمران خان خلاف انڪوائري شروع ٿي چڪي آهي پر توهان جي خلاف انڪوائري ڇو نھ ٿي ٿئي،ڇاڪاڻ جو توھان تھ هڪ ڀيرو نھ بلڪھ ڪئين ڀيرا پنھنجن ڪالمن ۽ ٽي وي گفتگو ۾ ان ئي ڪميشن جي رپورٽ مان سبق سکڻ تي زور ڏئي چڪا آهيو ؟.

تحريڪ انصاف جا دوست وساري ويٺا آهن ته 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ڪيل فوجي آپريشن جي مخالفت ڪرڻ ۽ بنگلاديش جي عوام کان معافي گهرڻ جي تجويز ڏيڻ تي تحريڪ انصاف جي پنھنجي حڪومت  نه رڳو مون کان ناراض ٿي هئي پر منهنجي خلاف ڪيترن ئي عدالتن ۾ غداري جي مقدمي ٺاھڻ جون درخواستون پڻ داخل ڪيون ھيون

تحريڪ انصاف وارن وٽ ھڪ ريڊي ميڊ عذر اھو  به آهي ته جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته اصل اختيار جنرل قمر جاويد باجوا وٽ هئا، ان ڪري صحافين تي ٺاھيل مقدمن سان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو ڪ به واسطو نه هو.

مان ان بحث ۾ نه ٿو  وڃان  ته  جيڪڏھن عمران خان وٽ اختيار نه هئا ته پوءِ اقتدار سان ڇو چھٽيو پيو ھو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ سمورا وزير اعظم پاور پاليٽس جي ذريعي  اقتدار ۾ ايندا آهن. جيستائين  اقتدار ۾ رھندا آهن، آرمي چيف جي ساراهه ۾ زمين آسمان ھڪ ڪي ڇڏيندا آهن، پر جيئن ئي اقتدار تان هٽايو ويندا آهن، تھ پوءِ پنھنجي  بي اختياري جو پٽڻو روئيندا آهن. اسان جهڙا ماڻهو هر حڪومت جي نظر ۾ گستاخ  ۽ هر اپوزيشن جا محبوب بڻجي  ويندا آهيون، پر اسان جا هوش تڏهن ٺڪاڻي ايندا آهن، جڏهن مخالف ڌرڪو نھ ڪو چڪر ھلائي ڪري حڪومت ۾ اچن ٿا ۽ اسان کي ملڪ دشمن عنصرن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ٿا ڇڏين.

ياد رکو! 2018ع ۾ جڏهن عمران خان وزيراعظم ٿيو ته وڏي واڪي جنرل باجوه جا گيت ڳائيندو هو.اسان  جيڪڏهن ڪٿي راءِ ڏني تھ باجوه صاحب جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گھرجي، ته تحريڪ انصاف وارا سوشل ميڊيا تي اسان جي خلاف اهڙو طوفان اٿاريندا ھئا، جو صحافين جي عالمي تنظيمن کي به اسان جي جان جو فڪر ٿي پوندو ھو.  2019ع ۾ تھ معاملو ايترو ته سنگين ٿي ويو  ھو جو پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار منھنجي والد مرحوم پروفيسر وارث مير جي نالي تي ڪيل نيو  ڪيمپس انڊر پاس جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي منهنجي والد ۽ مون کي ملڪ جا غدار قرار ڏئي ڇڏيو ھو.

پي ٽي آءِ جي ھڪ وزير پاران لڳايل ڪوڙن الزامن خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز ونگ کي درخواست ڏني پر ڪابه ڪارروائي نه ٿي. اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نه پر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي. اڄ تحريڪ انصاف جي قيادت اوڀر پاڪستان جي سانحي تي اھا ئي  ڳالهه ڪري رهي آهي،جيڪا اڳ اسين ڪندا ھئاسين،۽ جيڪي گاريون ۽ ڌمڪيون تحريڪ انصاف جا سوشل ميڊيا ڪمانڊوز اسان کي ڏيندا ھئا، اهي ئي گاريون ۽ ڌمڪيون مسلم ليگ ن جي حمايتين جو هٿيار بڻجي ويون آهن. منھنجي درخواست تي اڄ پڻ  ايف آءِ اي ڪجهه به نٿي ڪري.  اسان اتي بيٺا آهيون جتي اڳ هئاسين پر سياسي پارٽين جي پوزيشن  تبديل ٿي چڪي آهي.

2018ع جي  چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف آواز اٿارڻ تي مسلم ليگ ن  مون مان خوش ۽ تحريڪ انصاف ناراض ٿيندي هئي. 2024  جي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ڳالهائڻ تي مسلم ليگ ن مون کان ناراض ۽ تحريڪ انصاف خوش ٿئي ٿي.تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي نالي ھڪ قانون ذريعي ميڊيا خلاف اسپيشل عدالتون قائم ڪرڻ جو منصوبو سامهون آيو،تھ مون ان  ان رٿ کي پريس جي آزادي خلاف سازش قرار ڏنو. ان وقت شهباز شريف ۽ مريم نواز ميڊيا آڏو عدالتون قائم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي. هاڻي شهباز شريف وزيراعظم ۽ مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير بڻجي چڪا آهن. پنجاب اسيمبلي ۾گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ھتڪ عزت خلاف ھڪ قانون پاس ڪرايو ويو جنهن تحت فوري ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون. انهن عدالتن جي ججن جي مقرري به حڪومت ڪندي.

گورنر پنجاب سردار سليم حيدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪجهه ٻين اڳواڻن ان نئين قانون تي نظرثاني جو مطالبو ڪري رهيا هئا پر گورنر پنجاب جي غيرموجودگي ۾ وقتي گورنر ملڪ محمد احمد خان ان قانون تي صحيح ڪري ڇڏي. هاڻي ان نئين قانون کي عدالتن ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. اسان ڪالهه به پريس جي آزادي خلاف قانون سازي جي مزاحمت ڪري رھيا هئاسين ۽ اڄ به مزاحمت ڪري رهيا آهيون پر قانون ٺاهيندڙن جا نالا ۽ ڪردار تبديل ٿي ويا آهن.

بدنامي وارو قانون پاڪستان جي عام ماڻهوءَ جو مسئلو ناهي، اهڙن قسم جي قانونن جو مقصد رڳو صحافين جي ٻانھن مروٽڻ  آھي ۽ انھن جي هٿن ۾ زنجير پارائڻ آهي. پيڪا قانون تحت عمران خان خلاف انڪوائري بھ ٿي سگهي ٿي ۽ مٿس غداري جو ڪيس به قائم ٿي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن مون جهڙو صحافي ان ئي پيڪا قانون تحت ايف آءِ اي ۾ درخواست ڏئي ته معاملو اڳتي نٿو وڌندي. شڪر آهي ته اسان عوام ۾ شامل آهيون  خواص ۾ شامل نه آھيون،ڇو ته پيڪا جو قانون به عوام جي لاءِ نھ پر خواص لاءِ ٺاهيو ويو آھي. هاڻي تائين  اھو قانون به خاص ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

ناموس عزت جو قانون جنھن  جلدبازيءَ سان منظور ٿيو۽ جنهن پراسرار انداز ۾ وقتي گورنر ان تي دستخط ڪئي ان مان صاف ظاهر آهي ته اهو قانون ايندڙ ڏينهن ۾ صحافين ۽ مسلم ليگ ن جي مخالفن خلاف استعمال ٿيندو. سڀاڻي جيڪڏهن تحريڪ انصاف ٻيھر حڪومت ۾ واپس اچي وئي  ته شايد هو پريس جي آزادي خلاف نوان قانون ٺاهيندي ۽ پوءِ مسلم ليگ ن پريس جي آزادي جي علمبردار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي. اسان تھ اتي ئي بيٺا ھونداسين  جتي اڳ کان بيٺا آھيون.پر هاڻي اسان کي پاور پاليٽڪس ڪندڙ سياستدانن جي باري ۾ پنھنجو رويو بدلائڻ گهرجي ۽ انهن جي منافقت جو پردو لاھي ڇڏڻ  گهرجي.

 

ناموس عزت جو قانون جنھن  جلدبازيءَ سان منظور ٿيو۽ جنهن پراسرار انداز ۾ وقتي گورنر ان تي دستخط ڪئي ان مان صاف ظاهر آهي ته اهو قانون ايندڙ ڏينهن ۾ صحافين ۽ مسلم ليگ ن جي مخالفن خلاف استعمال ٿيندو. سڀاڻي جيڪڏهن تحريڪ انصاف ٻيھر حڪومت ۾ واپس اچي وئي  ته شايد هو پريس جي آزادي خلاف نوان قانون ٺاهيندي ۽ پوءِ مسلم ليگ ن پريس جي آزادي جي علمبردار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي. اسان تھ اتي ئي بيٺا ھونداسين  جتي اڳ کان بيٺا آھيون.پر هاڻي اسان کي پاور پاليٽڪس ڪندڙ سياستدانن جي باري ۾ پنھنجو رويو بدلائڻ گهرجي ۽ انهن جي منافقت جو پردو لاھي ڇڏڻ  گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.