سوشل ميڊيا جو استعمال ۽ ان تي ڪنٽرول جي ڪوشش!

تحرير: وفا گولو

سوشل ميڊيا تي تڪراري مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين مان ٽيڪنالاجي درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو تازو عمران خان هڪ ٽوئيٽ ڪري حڪومت ۽ طاقتور ڌرين کي پريشان ڪيو آهي ان بابت وري موجوده حڪومت اهو چئي رهي آهي ته عمران خان سياستدانن بدران فوج سان ڳالهائڻ چاهي ٿو، هن حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ بابت تڪراري ٽوئيٽ ڪري ان جي ذميواري به قبول ڪئي آهي،جنهن بابت جاچ پڻ هلي رهي آهي عمران ايف آءِ اي جي جاچ کي محسن نقوي جي سازش سمجهي ٿو، جڏهن ته کانئس پڇيو ويو ته ماضي ۾ شيخ مجيب جي حمايت ڪرڻ تي توهان نوازشريف کي غدار قرار ڏنو هو هاڻي حمود الرحمان ڪميشن جا وڏا حامي ٿي ويا آهيو جنهن تي پي ٽي آءِ جي باني جو اهو جواب هو ته مون ماضي ۾ حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ نه پڙهي هئي،ان ئي ٽوئيٽ بات اهي به اطلاع آهن ته سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ هاڻي ٽيڪنالاجي چين مان  درآمد ڪئي ويندي،فائر وال جو استعمال ڪري حڪومت ۽ ”چوڌري رياست“ پاران يوٽيوبرن جي وي لاگ کي به فلٽر ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو،تڪراري وي لاگ جي پهچ مشڪل بڻائي ويندي،تڪراري ٽوئيٽ جي به جاچ ڪئي ويندي.يعني پاڪستان اندر اظهار جي آزادي کي دٻايو ويندو.

اهڙي قسم جي ڪوشش گذريل حڪومت ۾ به ٿي هئي ته ڪهڙي طريقي سان سوشل ميڊيا جي مواد کي ضابطي ۾ آڻجي ان وقت سرڪار سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ ايف آءِ اي کي ڪارروائي جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو سرڪار سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ نيون ترميمون ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ شامل ڪيون هيون،سرڪار ايڪٽ ۾ نئين ترميم ڪئي هئي،۽ ان وقت جيڪا ترميم جي تجويز ڏني ويئي هئي

ان جي موجب تعذيرات پاڪستان جي شق 505 ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن تحت نفرت انگيز مواد، چڙ ڏياريندڙ مواد، ادارن ۾ بغاوت تي ڀڙڪائڻ جهڙن مامرن سميت ڪنهن گروهه ۽ ڪميونٽي کي هڪٻئي خلاف ڀڙڪائڻ تي ايف آءِ اي سوشل ميڊيا صارف خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جو قانوني حق ڏنو ويو هو.  ۾ ملوث صارف کي 7 سال قيد جي سزا ڏيڻ جي تجويز ڏني ويئي هئي.اسان جي ملڪ اندر ڪافي عرصي کان سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختلف ڪم جاري آهن جنهن لاءِ پرڏيهي ملڪن جي سافٽ ويئر انجنيئرن کان ويندي مختلف ٽيڪنالاجيز سان تجربا ڪيا پيا وڃن.

سوشل ميڊيا جي استعمال بابت اڪثر ڪري هي سوال ڪيو ويندو آهي ته ڇا واقعي سوشل ميڊيا جو استعمال ذهني صحت کي نقصان رسائي ٿو؟اسان وٽ ائين سمجهيو ويندو آهي ته انٽرنيٽ، سمارٽ فونز ۽ سوشل ميڊيا اپيس جو گھڻو استعمال ذهني صحت کي نقصان رسائيندو آهي.پر آڪسفورڊ انٽرنيٽ انسٽيٽيوٽ جي نئين تحقيق ۾ ان خيال کي رد ڪيو ويو آهي.ان تحقيق ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ انٽرنيٽ جي استعمال ۽ ذهني صحت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو هو.ان تحقيق لاءِ 168 ملڪن جي 15 مان 89 سالن جي عمر جي 24 لک ماڻهن جي 2005ع کان 2023ع تائين ذهني صحت جي طبي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته اهڙيون شاهديون نه هجڻ جي برابر آهن جنهن مان ثابت ٿئي ته انٽرنيٽ جو گھڻو استعمال ذهني صحت تي ناڪاري اثر وجهي ٿو.محققن اهو پڻ ٻڌايو هو ته اسان ٽيڪنالوجي ۽ ذهني صحت جي مسئلن وچ ۾ واسطو ڳولڻ لاءِ سخت محنت ڪئي پر دريافت نه ڪري سگھياسين.

تحقيق دوران 2000ع کان 2019ع وچ ۾ 200 ملڪن ۾ ذهني صحت جي مسئلن جهڙوڪ ڊپريشن ۽ انزائٽي جي شرح جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي وئي هئي.ان ڊيٽا جي ڀيٽ ان عرصي ۾ انٽرنيٽ جي استعمال جي شرح سان ڪيو ويو هو.

محققن موجب تحقيق ۾ اهڙيون شاهديون ناهن ملي سگھيون جيڪو ان خيال کي درست ثابت ڪنديون هجن ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالوجيز جهڙوڪ سمارٽ فون سان سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي شخصيت يا ذهني صحت کي نقصان پهچندو آهي.

گذريل سال 2023ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ فيسبڪ جي اندروني دستاويزن جي حوالي سان ٻڌايو ويو هو ته انسٽاگرام استعمال ڪندڙ 32 سيڪڙو ڇوڪريون پنهنجي شخصيت جي ڀيٽ ٻين سان ڪرڻ کان پوءِ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي وينديون آهن.آڪٽوبر 2023 ۾ مختلف آمريڪي رياستن ميٽا جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو هو ته انهن جو سوشل ميڊيا ايپس نوجوانن جي ذهني صحت کي نقصان پهچائي رهيون آهن.

ڪيس جي دستاويزن موجب ڪمپني پاران ڄاڻي واڻي اهڙا فيچرز ڊزائين ڪيا ويندا آهن جيڪي نوجوانن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو عادي بڻائي ڇڏينديون آهن.

جنهن سان نوجوان ڊپريش جو شڪار پڻ ٿي ويندا آهن.

اها هڪ حقيقت آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گهڻو وقت گذارڻ سان نوجوانن ۾ ڊپريشن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

گذريل ڏهاڪن دوران نوجوانن ۾ ڊپريشن جي شرح ۾ نمايان واڌ جو سبب سوشل ميڊيا جو گهڻو استمال ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي، پر ائين نٿو لڳي ته مستقبل ۾ حالتون بهتر ٿينديون.ايئن مڃيون پيو وڃي ته سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان نوجوانن ۾ ڊپريشن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

جونز هوپڪنز چلڊرنز سينٽر جي تحقيق ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال، ڊپريشن ۽ نوجوانن جي ٻين روين وچ ۾ لاڳاپن جي جانچ پڙتال ڪئي وئي هئي.ان تحقيق ۾ 376 نوجوانن کي شامل ڪيو ويو هو، جن مان مئي 2021 کان جنوري 2022ع دوران 3 آنلائن سوالناما ڀرايا ويا.

هر ڀيري ڊپريشن جي نشانيون به رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي گذاري ويندڙ وقت، جسماني سرگرمين ۽ ٻين عنصرن جي باري ۾ به تفصيل جمع ڪيا ويا هئا.ان تحقيق موجب جيڪي نوجوان سوشل ميڊيا تي گهڻو وقت گذاريندا آهن انهن ۾ ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.اهڙي ريت جيڪي نوجوان وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿيندا آهن اهي سوشل ميڊيا جو به وڌيڪ استعمال ڪندا آهن.

دنيا جا وڏا وڏا ادارا ۽ حڪومتون پريشان آهن ته سوشل ميڊيا کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي پاڪستان سميت دنيا جا گهڻا ئي ملڪ اهڙا قانون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهن جنهن ۾ ڪنهن حد تائين سوشل ميڊيا کي ڪنهن دائري ۾ رکيو وڃي. ڇو ته ان جا اربين استعمال ڪندڙ انسانن مان ڪجھه  اهڙا انسان به آهن جيڪي اظهار راءِ جي آزادي جي قانون جو غلط فائدو وٺندي پروپيگنڊا ڪن ٿا ۽ ڪنهن به مسئلي تي عام ماڻهو کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.پاڪستان اندر تقريبن سوشل ميڊيا جو استعمال حسد ساڙ ڪنهن جي هروڀرو مخالفت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري فردن توڙي ملڪي ادارن کي ڪافي نقصان پڻ ٿيا آهن ان بابت ئي سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي پر ان ڏس ۾ ساڃاھ وند اهو چئي رهيا آهن ته ڪنهن جي اظهار جي آزادي مٿان پابندي مڙهڻ انساني حقن مٿان ڌاڙو هڻڻ برابر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.