ميھڙ (رپورٽ:فراز چنا) ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي ٽن وارڊن 5, 9 ۽ 14 تي بلدياتي چونڊن دوران پي ٽي آء جي ڪامياب اميدوارن ھوش محمد جانوري ، رفيق احمد مھيسر ،مسرور حيدر ٻرڙو جي وارڊن جا چونڊ نتيجا روڪڻ بعد ھاء ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کي بيھر نظر ثاني لا۽ موڪليل ڪيس اليڪشن ڪميشن پاران پنھنجو ئي ڪيل فيصلو برقرار رکندي ميونسپل جي ٽن وارڊن تي ٻيھر ڳڻپ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي. ميھڙ بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي ٽن وارڊن بابت پ پ پ کي ھارايل اميدوارن ڊي آر او کي بيھر گڻپ کي درخواست ڏني ھئي . 31 مارچ 2023 تي ڊي آر او پاران ٻيھر ڳڻپ واري فيصلي کي پي ٽي آء اميدوارن پاران ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ چئلينج ڪري بيھر گڻپ واري فيصلي تي اسٽي آرڊر وٺي آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ھئي جڏھن ته ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ 14 مھينا مسلسل حاضري ڏيڻ کان پوء 22 مئي 2024 تي ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو پاران مذڪورہ ڪيس اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ڏانھن منتقل ڪري کيس ڪيس جو نئين سر جائزو وٺي 15 ڏينھن اندر ڪيس بابت فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ھيو .