ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب اڳيان آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن ۽ ڪرونا دوران ڀرتي ٿيل ملازمن پاران پنھنجن مطالبنڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ، پگھار ن، ڪنوينس الائونس، ميڊيڪل الائونس، ھائوس رينٽ الائونس، يوٽيلٽي الائونس وڌائڻ سميت ملازمن جون پگھارون گورنر ھائوس جي ملازمن جي پگهارن جيتريون ڪيون وڃن ۽ ٽائيم اسڪيل، آپ گريڊيشن جي حوالي سان احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي ۽ مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج جي اڳواڻي آپڪا سنڌ جي صوبائي صدر مقبول احمد مھر، اشرف علي بوزئي، جنرل سيڪريٽري آپڪا سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو چيئرمين ضمير حسين چانڊيو ۽ ڪرونا دوران ڀرتي ٿيل ملازمن جي اڳواڻن انيلا، فائزھ، انس زاهده ڪئي.احتجاج ڪندڙ مظاھرين مطالبو ڪيو ته ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ، پگھار ن، ڪنوينس الائونس، ميڊيڪل الائونس، ھائوس رينٽ الائونس، يوٽيلٽي الائونس وڌائڻ سميت ملازمن جون پگھارون گورنر ھائوس جي ملازمن جي پگهارن جيتريون ڪيون وڃن ۽ ٽائيم اسڪيل، آپ گريڊيشن جھڙي سھولت سان لاڳاپيل مطالبا مڃيا وڃن. اڳواڻن مطالبو ڪيو تھ مهانگائي جي حساب سان پگهارون ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن جيان ريٽائرڊ منٽ وقت گروپ انشورنس ۽ بينيئول فنڊ ڏنو وڃي،
سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، ڪيترن ئي سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي آپڪا سنڌ پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد پنھنجن مطالبن جي حق ۾ وزير اعليٰ ھائوس وڃڻ لاءِ ريلي جڏھن ريڊ زون ۾ داخل ٿي ته پوليس پاران کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران پوليس ۽ مظاھرين وچ ۾ پرتشدد چڪريون پڻ ٿيون، جنھن جي نتيجي ۾ 2 مظاھرين زخمي ٿي پيا، جڏھن ته پوليس جي ڪاررواين دوران ڪيترن ئي مظاھرين کي گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهنن ايپڪا ۽ ڪرونا ۾ ڀرتي ملازمن جو احتجاج ۽ مارچ انتظاميا سان ڳالھين کانپوءِ احتجاج کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ايپڪا اڳواڻ مقبول احمد مھر پاران آگاھھ ڪيو ويو تھ ايپڪا ۽ ڪرونا م ڀرتي ڪيل ملازمن جو انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آھن، جنھن ڪري اسان پنھنجي احتجاج کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.