ڳڙھي خيرو(ن ع آ)ڳڙھي خيرو ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان ڏاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا، جھيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب 30 سالا الله ڏنو ولد لياقت علي ڏاھاڻي ۽ 28 سالا رحمت الله ولد فضل محمد ڏاھاڻي موقعي تي مارجي ويا، صبح جو اھڙي واقعي جو اطلاع ڳڙھي خيرو ٿاڻي تي ڏنو ويو,اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻنھي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڳڙھي خيرو پھچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، رابطي ڪرڻ تي ڳڙھي خيرو پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، جنھن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا آھن,پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مقتول ڌر مان ڪير به ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونه پھتو آھي، وارثن مان ڪير به ڪيس داخل ڪرائڻ ايندو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي ويندي،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آھي.