رياست جو مثال انڌي جي هٿ ۾ لٺ برابر آهي، جيڪو پيو ٿو ٿاڦوڙا هڻي، سمجهھ ۾ نه ٿو اچين ته ڪن ڇا؟ يا ڪير ان کي صحيح دڳ تي لائيندو؟ مثال جيڪي به سياستدان آهن، اهي سڀ پاڻ صنعتڪار به آهن، ان وٽ اوورسيز انڊسٽريون به آهن، اهي سڀ سمجهن ٿا ڪمپنيون ڊفالٽ ڪڏهن، ڇو ۽ ڪيئن ڪنديون آهن. انهن کي خبر آهي ته ڪارخانن جي زورال پزير معيشت کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو؟ اهي اها ڳالھه ڀلي ڀَتِ سمجهن ٿا ته ڪمپنيءَ ۾ خرابي ڪٿي ڪٿي ٿي سگهي ٿي يا ڪٿي ڪٿي ممڪن آهي، مسئلو مشينري سان آهي يا ماڻهن سان آهي، شيون جي ٺهن ٿيون ته کپن ڇو نه ٿيون ۽ جي کپن ٿيون ته ڪچو مٽيريل دير ڇو ٿو ڪري يا خرابي جا ڪارڻ ڇا آهن يا ڇا ٿي سگهن ٿا ۽ اهي سڀ خرابيون ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿيون؟ اهي پنهنجي ڪمپنين جي سالياني آڊٽ رپورٽ ڪرائي، انهن ڪمپنين جي لاءِ تحقيقي رپورٽون ٺهرائي، انهن کي نفع بخش ڪري ويندا آهن، انهن کي خبر پوندي آهي ته گڙٻڙ ڪٿي آهي ۽ ڪٿي ٿي سگهي ٿي يا ڪٿي هئي ۽ اهي ماڻهن ۽ مشينريءَ کي فورن تبديل ڪري ويندا آهن. انهن جي پروڊڪٽ يا سروس ۾ جي ڪٿي خرابي هوندي آهي يا وقتي طور ٿي پوندي آهي ته اهي سڀ خرابيون دور ڪري ويندا آهن. ملازمن جي ڪنهن ڪرپشن ۽ ”امبيزلمينٽ“ ۾ ملوث هوندا آهن ته انهن جا فرشتا انهن کي راتو رات ٻڌائيند آهن ته ٿئي ڇا ٿو، ڪٿي گڙٻر آهي، ڪنهن ڪئي ۽ ڪٿي خرابي آهي؟
مثال ڪمپنيءَ جي منافعي جي شرح ۾ جي گهٽتائي ايندي آهي ته اهي ”ايڪسپرٽ اوپينين“ به وٺندا آهن ۽ مسئلا فورن حل ٿي ويندا آهن. انهن کي خبر آهي ته ڪمپنين ۾ سختي ڪيئن ڪجي ۽ سست ملازم چست ڪيئن ٿي سگهن ٿا. پر انهن اڪابرن کي جڏهن پاڪستان جهڙي ملڪ جي مٿان غلطي سان حڪمران بڻائي ويهارجي ٿو ته انهن کي ڪا خبر نه ٿي پئي ته ٿئي ڇا ٿو؟ ڪير ٿو ڪري؟ ڪير ڪرپٽ آهي؟ ناڻي جا پيسا ڪير ٿو اڏئي؟ ڪنهن ۾ گڙٻڙ آهي، ڪير ترقياتي ڪمن جي عيوض سرڪاري کاتن کي چونو هڻي ٿو وڃي؟ ڪير آهي جيڪو ٺڳ آهي؟ ڪير ڪرپشن جي پيسن مان حج عمرا ڪري ٿو وڃي ۽ گناھ ڌوپرائي اڇو اجرو کير جهڙو ٿي ٿو وڃي. ڪير پيسن ۾ بي ايماني ۽ گڙٻڙ ٿو ڪري؟ ڪير ماڻهن کي سندن بنيادي سهولتن کان وانجهيل ٿو رکي؟ ڪير آهي جنهن جي هٿ ۾ جي ناڻو ٿو اچي ته اهو اُڏي ڀڄي ٻاهرين ملڪ هليو ٿو وڃي؟ ڪير آهي جنهن کي اها خبر نه ٿي پئي ته روڊن، پلين ۽ نالن جي مرمتي ڪمن ۾ لاپرواهي ٿي ٿئي؟ پر جڏهن انهن جي پنهنجي گهر جو ڪم ٿو ٿئي اهو اهڙو لاجواب ٿو ٿئي، جو انهن کي اُس به نه ٿي ساڙي، انهن کي بارشون به نه ٿيون ٻوڙن، انهن کي طوفانن جو خوف نه ٿو ورائي، ڪڏهن انهن وزيرن جي گهرن ۽ بنگلن جا گٽر نه ٿا اٿلن، ڪڏهن انهن اميرن جي گهرن آڏو روڊ نه ٿو اکڙي، رستو نه ٿو ڊهي، نه ڪا گڙٻڙ ٿي ٿئي، اتي سڀ ڪجھه صحيح آ، پر جي ڪجھه ٿئي ٿو ته انهن غريب علائقن ۾ ممڪن ٿئي ٿو، جتان اهي ووٽ وٺي ٿا وڃن، جتان اهي کٽي ٿا وڃن، پر مُڙي نه ٿا ڏسن ته غريب ڪهڙي حال ۾ آهن.
ملڪ جي زوال پذير معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪير نه ٿو ڪري؟ ڪير اها ڪوشش نه ٿو ڪري ته ملڪ آخر ڪيئن هلندو جو قرض کڻي کڻي نيٺ هڪ ڏينهن هن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندا ۽ هن ملڪ کي هن نور کان به نيئندا. هر ڪو پنجن سالن جو ترقياتي ڪم ڏئي هليو ٿو وڃي، پوءِ اهي ترقياتي ڪم ٻه سال به نه ٿا هلن، روڊ رستا ڊهي پٽِ پئجي ٿا وڃن، غريبن جا گهر ڪِري ٿا پون، پر ڪنهن به وزير ۽ ڪبير جو گهر نه ٿو ڪري. انهن پنج سالا پروگرامن جي جڙڻ کانپوءِ به ڪير واهر نه ٿو ڪري ۽ هر دفعي اهي پاڻ مڃن ٿا ته انهن کي ڪجھه سمجهھ ۾ نه آيو. اهي ڪوڙيون بجيٽيون ڏئي سڀ ڪوڙ ڪري ٿا وڃن، پر جيڪو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن اهو ئي سچ آهي. حقيقت ۾ رياست جو ڪم ۽ ڪاروهنوار سولو آهي جيڪڏهن اهي وزير ڪرڻ چاهن ته: مثال اهي شيون جيڪي عياشي ۾ اچن ٿيون اهي ”بَين“ (بند) ٿيڻ کپن، اهي شيون جيڪي لگجري آهن، انهن جي امپورٽ بند ٿئي، انهن شين جو ملڪ ۾ اچڻ ۽ انهن جي استعمال ڪرڻ تي پابندي هجڻ کپي. ان ڪري جو ”ڌڪ جهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير“ واري ڳالھه ٿي بيهي، ڇو جو عوام انهن سڀني لگجري شين جي ڪري عذاب ۾ آهي، اهي سڀ شيون جي بند ٿي وڃن ته روپئي جي قدر ۾ ممڪن اضافو ٿي سگهي ٿو. ان ڪري غريب ماڻهو جيڪو اٽي، لٽي ۽ اجهي جي لاءِ واجهائيندو رهي ٿو، اهو پوءِ عذاب ۾ ٿو رهي. انهن عياشي وارين شين جي ڪري روپئي جي قدر ۾ گهٽٽائي ٿئي ٿي ۽ جيڪي به ملڪ جا مالڪ هجن ٿا، اهي پوءِ قرض وٺڻ ۾ پورا هجن ٿا. ان ڪري اسان جي نيوڪليئر انرجي ۽ سيڪيورٽيءَ واري ڳالھه ”آپ نه پالي ڪتا ڌاري“ واري ڳالھه ٿي بيهي.
مڃون ٿا ته حڪومت هر ڀيري هڪ اسٽريٽجڪ نقشو تيار ٿي ڪري جنهن ۾ هنن وٽ وڏا وڏا پلان هجن ٿا جنهن ۾ اهي افراط زر کي روڪڻ جي لاءِ اپاءَ وٺن ٿا، اهي سڀ غربت جي خاتمي جون ڳالهيون به ڪن ٿا، پر انهن جي سڀني اپائن مان ائين ٿو لڳي ته هڪ ڏينهن غريب هن ملڪ مان ختم ٿي ويندو پر غربت ختم نه ٿيندي ۽ باقي رهندا وڃي امير. ان ڪري ته اهي غريب غربت جي لڪير کان گهڻا ٿي ويا آهن ۽ غربت جي لڪير ۾ رڳو اهي ماڻهو ٿا اچن، جيڪي آڻين ۽ چاڙهين واري زندگي ٿا گذارين. هن ڀيري به هن سرڪار وڏو جامع پروگرام رٿيو آهي ته اهي نوڪريون پيدا ڪندا ۽ ماڻهن کي روزگار سان لائيندا، ان ڪري ته جيڪي 300 ادارا خانگائين ٿا ته انهن ادارن مان جيڪي ماڻهو بي روزگار ٿيندا، انهن جو ڪاٿو به ٻڌائين ته اهي 3 لک ماڻهو جيڪي پينشن کان محروم ٿيندا، جيڪي 17 هزار واڌارو سرڪاري ملازمن جون جايون ختم ڪيون ويون آهن، جيڪي ماڻهو ”وي ايس ايس“ والينٽري سيپريٽ پروگرام“ تحت ادارن مان ڪڍيا ويندا يا جيڪي “ايف ايس ايس“ (فورسفل سيپريٽ اسڪيم) تحت ادارن مان الڳ ٿيندا، انهن جي معاشي پوزيشن ڇا ٿيندي؟ يا جيڪي ماڻهو 2000 عيسوي سن کانپوءِ ڀرٿي ٿيا آهن، اهي ڇا ڪندا؟ جو جڏهن رٽاير ٿيندا ته ڪنهن ڪم جا نه هوندا، نه پينشن ملندن ۽ نه ئي ڪمائڻ جهڙا هوندا. ان ڪري سموري عمر اداري کي ڏيڻ کانپوءِ انهن ماڻهن کي ڪو ٽِڪي ڦوٽو به ان اداري طرفان نه ملندو ۽ پڇاڙي ۾ پريشان ئي ٿيندا ٻيو ڪجھه به نه.
سرڪاري ٽيڪس جي وٺ وٺان جي ڪري اهي ڪارخانيدار ٽڪس گهرئون ڀري ٿا ڏين. ان ڪري اهڙن ڪارخانن کان ڀلو آهي ته اهي ماڻهو امپورٽ جو ڪاروبار ڪن ۽ ڪمائين، پر بدلي ۾ ته اهي سڀ ڪارخانا ۽ صنعتون بند ٿينديون ٿيون وڃن، ۽ الائي ڪيتريون صنعتون بند ٿي ويون آهن، جن جو سبب گيس ۽ بجلي جي ترسيل ۽ انهن جو مهانگو هجڻ به آهي. ٻيو ته شيون جڏهن مهانگيون ٺهنديون ته مهانگيون کپنديون، پر پاڪستاني ڪنزيومر ۾ هاڻي سڪت ناهي ته اهي مهانگيون شيون وٺي سگهن. ٻيو سبب اهو به آهي ته چائينا جون شيون سستيون ٿيون ملن، ان ڪري اهي ئي وٺڻ پسند ڪندا (۽ وٺندا رهندا) ان ڪري چائينا دوست ملڪ ناهي. وري ٻي صورت اها به ممڪن آهي ته چائينا جيڪڏهن اهي سڀ ڪارخانا پاڪستان ۾ هڻي، هتي سستي بجلي جا پروجيڪٽ ڏئي، هتي ماڻهن کي روزگار ڏئي ته ڀلو، نه ته چائينا جهڙي دوست کان بس ڀلي آ ۽ اهڙي پاڙيسري ڀاءُ کان کٽ خالي ڀلي آ.
سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي حڪمرانن کي رواداريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ صنعتون هڻڻيون پونديون ۽ سيڙپڪاريون ڪرڻيون پونديون، ان کان علاوه ٻيو ڪو حل ممڪن ئي ناهي. حقيقت اها به آهي صنعتون ۽ زراعت ٻه اهڙا بنيادي جز آهن، جن ۾ ڪُل ترقي لڪيل آهي، ان ڪري بنيادي انفرا اسٽرڪچرن سان گڏ حڪومت انهن ننڍڙن ننڍڙن صنعتي يونٽن تي به ڌيان ڏئي، ننڍڙا انٽرپرينوئير به هن ملڪ ۾ تيار ڪري، جيڪي لوھ، ٽامي، پلاسٽڪ، آءِ ٽي، گاڏين ۽ اسپيئرپارٽس جي صنعتن ۾ ڪم ڪري سگهن ۽ انهن جي اڳواٽ ٺهيل صنعتي يونٽن کي سولي طريقي سان قرض مهيا ڪري ته جيئن اهي پنهنجا يونٽ وڌائي سگهن، ائين ڪرڻ سان روزگار جا موقعا گهڻا ٿي سگهن ٿا، ماڻهن ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي ان ڪري سرڪار ترجيحن انهن صنعتن جي واڌاري تي ڪم ڪري، جيڪي پهرين موجود آهن، جن وٽ اسڪلز ۽ مين پاور به آهي، اهي پوءِ وڌيڪ اسلڪڊ ماڻهو پيدا ڪري سگهن ٿا، اهي ماڻهن ۾ صلاحيتون وڌائي سگهن ٿا، اهي ماڻهن ۾ روزگار جي اڻهوند کي ختم ڪري سگهن ٿا ۽ ائين خوشحالي ممڪن ٿي سگهي ٿي.