فلسطين اسرائيل جنگ، عالمي عدالت ۽ زميني حقيقتون

تحرير: زارا نواز شيخ

ٻڌندا ۽ پڙھندا هئاسين ته  دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جون ڪي عالمي تنظيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي دنيا ۾ ٿيندڙ جنگين کي روڪينديون، جنگ جي ٿيڻ واري سبب کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ دنيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻينديون ، دنيا ۾ امن امان کي يقيني بڻائينديون ۽  غير يقيني صورتحال تي ضابطو آڻينديون.

پر اهي سڀ ڳالهيون ڳالهين تائين محدود رهجي ويون آهن .  اسرائيل-فلسطين ۾ گذريل اٺن مهينن کان آمريڪا  جرمني ۽ برطانيه کان خريد ڪيل بارود کي غزه جي مظلومن تي آزمائي رهيو آهي. غزه جي مائرن ڀينرن جا ڀائر جوڌا جوان ماڻڪ موتي ننڍڙا وڏڙا گلن جهڙا ٻار عورتون جنهن جي رت سان راند کيڏي پئي وڃي. هر طرف خوفناڪ، منظر لاش ئي لاشن جا ٽڪرا وکريل آهن.

کاڌي پيتي جو ڏڪار آهي دوائون اڻ لڀ پاڻي به نٿو ملي. جنگ بندي عالمي طاقتن جي چٽڪي وڄائڻ تي آهي پر اهي ڪنهن رئيس ڀوتار وڏيرن وانگر جنگ بندي ڇو چاهيندا. انهن جون دليون  پٿر ٿي ويون آهن، شايد اهو ٺڳيءَ جي ٺاھ آهي    عالمي طاقتون جيڪي جنگين کي هٿي ڏين ٿيون، هٿيارن جي خريد و فروخت ڪن ٿيون ۽ مظلومن کي  جنگين ۾ مرندي ڏسي خوش ٿين ٿيون، اسرائيل، فلسطين ۾ بدترين نسل ڪشي ۾ مصروف آهي ملڪ کي اهو موقعو مليو ته هو فلسطينين جو ڪيس انصاف جي عدالت ۾ پيش ڪري، اهو جرئتمند ملڪ به گذريل هفتي فلسطينين جو ڪيس عالمي عدالت ۾ نه کڻي ويو ڊسمبر 2023 جو ڪيس ان حقيقت تي ٻڌل هو ته اسرائيل کي فلسطينين جي نسل ڪشي کان روڪيو وڃي جنگ کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ  گڏيل قومن کي ميدان ۾ اچڻ گهرجي ها، پر اهي قائم ڪيل بين الاقوامي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.  جيڪڏهن اقوام متحده ان ڪيس کي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي عالمي عدالت ۾ انصاف لاءِ  کڻي وڃي ها ته ان جي فوري ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ها، پر انهن جي بدنيتي جو اندازو ان تاخير مان لڳائي سگهجي ٿو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪو مسلمان ملڪ ان ڪيس کي عالمي عدالت ۾ انصاف لاءِ  کڻي وڃي پر ڏکڻ آفريڪا ڪيس کي عالمي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن جي ٻڌڻي هاڻي پنجن مهينن کان پوء،  انصاف جي عالمي عدالت پنهنجو فيصلو ڏنو ۽ اسرائيل کي فوري طور تي جنگ بند ڪرڻ لاءِ  حڪم ڏنو.

فلسطين  کي امدا ڏيڻ مان هاڻي ڇا فائدو جنهن جي سر تي ڇانو نه آهي پيرن هيٺان زمين نه هجي خير وري به مالڪي ٿيڻ شروع ٿي. اهي امداد ڪٿي وئي ڪٿي رکن ۽ کائن جنهن جو الله کان سواءِ ڪو به والي وارث ناهي رهيو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا جي آڏو اھا حقيقت واضح ٿي چڪي آهي ته اسرائيل فلسطين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، هن فلسطيني مسلمانن تي امداد جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا آهن، فلسطيني مسلمان جنهن مصيبت مان گذري رهيا آهن، هن جديد ٽيڪنالاجي جي مهرباني سان ھر ڪو باخبر آهي.   اھا  ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي ته انصاف جي عالمي عدالت هڪ اهڙي ناانصافي جي ٻڌڻي ڪندي جيڪا سڀني جي سامهون آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي گهرائي انھن جون ڳالھيون ٻڌي  ها ته هوند وڌيڪ بھتر ھو پر ڇا ان مان  اهو نه ٿو ظاهر ٿئي ته جيڪي ادارا امن لاءِ  قائم  ٿيا هئا انصاف جي عالمي عدالت سميت ڪنهن مذاق کان گهٽ نه آھن۔

انصاف جي عالمي عدالت جو اهو حال آهي ته ڪيترن ئي آمريڪي ريپبلڪن سينٽرن انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي پراسيڪيوٽر کي خط لکي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن توهان اسرائيل کي نشانو بڻايو ته اسان توهان کي نشانو بڻائينداسين. ۽ ان جي نتيجي ۾ توهان جي اداري تي پابنديون لڳايون وينديون ۽ توهان جي خاندان کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويندو، انصاف جي عالمي عدالت هڪ فيصلو ڪيو،  اھا ڳالهه الگ آهي ته عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو ڪو به ميکانيزم ناهي، 15 لک 20 هزار فلسطيني هتي پناهه ورتي آهي.  جنگ ۾ هن علائقي کي سيف زون چيو ويو آهي، پر رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن کي بارود سان نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، منافقت ۽ ظلم جو هڪ مثال آمريڪا مان تيار ٿيندڙ 900 ڪلو گرام کان وڌيڪ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. اسرائيل ڏانهن موڪليل اهي ڌماڪيدار مادو معصوم فلسطينين تي باهه وانگر وسائي رهيا آهن ۽ بادشاهه سلامت بائيڊن ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انهن بمن سان شهرين جون جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ پوءِ هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيل هاڻي رفح تي حملو ڪري ٿو ان کان پوءِ خبر آئي ته اسرائيل جي زميني حملي جي خدشي کي نظر ۾ رکندي آمريڪا اسرائيل کي هٿيارن جي امداد روڪي ڇڏي آهي.

ان اعلان سان آمريڪا پاران اسرائيل کي ملندڙ گولا بارود جي امداد ۾ ڪا خاص گهٽتائي نه آئي، حقيقت اها آهي ته 2016ع ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ 2028ع تائين هٿيارن ۽ هٿيارن جي فراهمي بابت 10 سالن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون ۽ بارود جي سپلاءِ جي باقي کيپ پائيپ لائين ۾ آهي. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا پاران اسرائيل کي اها ڌمڪي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن رفح ۾ شهرين تي حملو ڪيو ويو ته هو امداد بند ڪري ڇڏيندا، اهو سراسر ڪوڙ ۽ منافقت آهي،  پر جيڪڏهن واقعي آمريڪا اسرائيل کي هٿيارن جي امداد روڪي ته اسرائيل اھڙي ھمٿ نه ڪندو. يورپي ملڪن جي فلسطين جي حوالي سان شروع ڪيل حمايت جا مثبت نتيجا حاصل ٿيا آهن. فلسطين کي رياست جي حيثيت سان تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو فلسطينين جي سلامتي جي لاءِ  خوشي جو باعث بڻيو  آهي ڪجهه ملڪن ته کلي عام اعلان ڪري ڇڏيو جس لهن آئرلينڊ ۽ ناروي جنهن سب کان پهرين پوزيشن ماڻي آهي. يورپي يونين اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، رفح ۾ فلسطينين جي خيمن کي ساڙڻ جو سانحو دل ڏاريندڙ آهي، پر اسان جي ملڪ جو ڪردار شرمسار آهي انهن جي ستل ضمير کي جاڳائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.