ام رباب کان ”اذان انقلاب“ تائين- هڪ جائزو

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

اُم رُباب چانڊيو جي نالي کان سنڌ سميت پوري ملڪ جو ھر ماڻھو ڇا معصوم ٻارڙا به واقف ٿي ويا آھن ته اُھا بھادر نياڻي نماڻي ڪير آھي ؟ پر حقيقت آهي ته سندس ڪردار ۽ عملي جدوجھد کي پڻ جھر جھنگ واھڻ وستي ڳوٺ شھر بحر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي مطلب ته سندس ڪردار ۽ عملي جدوجھد کي ھر پاسي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

سندس بهادري ۽ عملي جدوجھد تي گھڻو ڪجهھ لکيو پڙھيو ۽ ڳالھايو ويو آهي منھنجي سمجهھ ۾ ھر ليکڪ توڙي شاعر جي شاعري جو موضوع ام رباب ضرور رھي آھي موجوده حالتن ۾ اُهي به ليکڪ يا شاعر ھوندا جنھن سنڌ پاڪستان جي مظلوم نياڻي ٽن شھيدن جي اڪيلي وارثياڻي نياڻي نماڻي جي ڏک درد ۽ عملي جدوجھد تي نه لکي ڪري شايد قلم جو حق ادا نه ڪيو ھوندو پر حقيقت ۾ ھر ليکڪ شاعر پنھنجي پنھنجي طرفان ضرور ھِن مظلوم نياڻي نماڻي جي لاءِ حق جو آواز بلند ڪري سردارن ڀوتارن کي ضرور للڪاريو آهي ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي لکين پڙھيل لکيل شعور يافته غريبن مسڪينن جي ڀرپور حمايت ھجڻ ڪري ڏينھون ڏينھن ام رباب جي ھمت حوصلي کي مضبوط ڪري کيس طاقتور بڻائي رکيو آهي جنھن سبب پاڻ گذريل ست سالن کان پنھنجي برادريءَ سميت سنڌ جي سڀني سردارن  ڀوتارن کي للڪاريندي غريبن مسڪينن جي لاءِ حق سچ جو آواز بلند ڪندي رھندي آھي سندس عملي جدوجھد دوران وِک وِک تي کيس تمام گھڻيون اذيتون تڪليفون مليون کيس جان کان مارڻ جا منصوبا ٺاهيا ويا روڊ حادثي ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مختلف طريقن سان ڊيڄاريو ڌمڪايو ويو خاموش ٿي چپ ڪري ويھي رھڻ لاءِ وڏا وڏا انعام ڏيڻ جون لالچون ڏئي کين خاموش ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي ته بس خاموش ٿي چپ ڪري ويهي رھي اُم رُباب حق سچ جي رستي تي ھلي وقت جي ظالمن سردارن ڀوتارن سان جيڪا جنگ جوٽي آهي جنھن سان کين ضرور ڪاميابي ملندي سندس لازوال جدوجهد جي وڏي مان وڏي ڪاميابي ھي آھي ته پاڻ وڏي محنت جدوجھد ڪري پنھنجي حسين زندگيءَ جي تاريخي جدوجھد کي گڏ ڪري ھڪ ڪتاب جي شڪل ڏئي پنھنجي لازوال جدوجهد کي صدين تائين محفوظ ڪري ايندڙ نوجوان شعور يافته نسل تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو آھي ڇو ته ڪتاب انسان جي مرڻ کانپوءِ به صدين تائين تاريخ ۾ زنده رهڻ جو وڏي مان وڏو مثال آھي سندس تاريخي اردو ڪتاب”اذان انقلاب“ مطلب ته سنڌ اندر سردارن ڀوتارن لاءِ انقلاب جي لاءِ ھڪ جنگ جو اعلان ٿي چُڪو آهي انقلاب جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪردار توهان جو پنھنجو ھجڻ گھرجي انقلاب پليٽ ۾ ناھي ملندو ان جي لاءِ جان مال جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي جيڪا ڪڏھن به ضايع ناھي ٿيندي جيڪا اڄ ڪلھ قرباني صرف ۽ صرف ام رباب ڏئي رھي آھي پنھنجي حسين جوانيءَ سان گڏ مال جان ڏئي غريبن مسڪينن کي بيدار ڪري رھي آھي ۽ ظالم ڀوتارن کي للڪاري رهي آهي ام رباب جي طرفان انقلاب جي لاءِ آذان اچي وئي آهي. ھاڻي سردارن ڀوتارن جي عوام دشمن پاليسين توڙي انھن جي غريب عوام دشمن ڪمن ڪارن يا وري عوام سان ويساھ گهاتين نجي جيلن زبردستي فيصلن کي سرعام روڊن رستن تي بيھاري نماز ادا ڪري انھن ڪوڙن وڏيرن ڀوتارن جي ناپاڪ ارادن جي تدفين ڪري کين ھميشھ جي لاءِ خاتمو آندو وڃي سرداري نظام ڀوتارڪي ڪلچر جي خاتمي لاءِ لکيل انقلابي ڪتاب کي مڪمل پڙهڻ کانپوءِ دل ۾ خيال آيو ته اِن ڪتاب متعلق عوام الناس کي ٻڌائجي ته ھي ڪتاب سرداري نظام ڀوتارڪي ڪلچر جي خلاف ھڪ وڏو انقلابي ڪتاب آھي جنھن کي پڙھڻ ۽ ٻين تائين پھچائڻ وقت جي ضرورت آھي سندس لکيل ڪتاب کي مڪمل پڙهڻ کانپوءِ پھريون دفعو خبر پئي ته ام رباب چانڊيو ھڪ وڪيل سان گڏ ليکڪ ۽ اردو جي بھترين شاعره آھي. سڄي ڪتاب ۾ اڪثر جڳھن تي پنھنجي طرفان اردو شاعري پيش ڪري مختلف واقعن جي بھترين عڪاسي ڪئي آهي کيس تمام گھڻيون مبارڪون ھجن جيڪڏھن سنڌي قوم واقعي سڄاڳ ٿي چڪي آهي شھيد نصرالله گڏاڻي جي عظيم شھادت کان پوءِ My Foot سردار ڀوتار جي نعري تي اٽل بيٺي آهي ته ھي ڪتاب سندن وڏي رھنمائي ڪرڻ جو ذريعو آهي جنھن کي پڙھڻ سان سردارن ڀوتارن جا ڪارا ڪرتوت عوام دشمن پاليسيون ۽ نجي جيلن بابت ھوش خطا انڪشاف پڙھڻ جي لاءِ ملندا جيڪي ام رباب وڏي بهادري سان لکي سڀني سردارن ڀوتارن جي لاءِ ھڪ چارج شيٽ پيش ڪري سنڌ سميت پوري ملڪ جي باشعور عوام تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو آھي.

وڏي ڳالهھ ته ھي ڪتاب اردو ۾ ھجڻ ڪري ھر پاڪستاني توڙي ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ عوام آساني سان پڙھي سگھي ٿي اميد ته سنڌ جو عوام ام رباب کي پھرين کان وڌيڪ کيس اھميت موٽ ڏئي کيس مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو جيئن ھو وڌيڪ طاقت بڻجي سردارن ڀوتارن سان مھاڏو اٽڪائيندي رھي اُم رُباب پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته ھُو پنھنجي پيارن جي انصاف خاطر چيف جسٽس آف پاڪستان جي ھلندڙ گاڏي اڳيان اچي وئي جيئن قافلو بيھي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان منھنجي فرياد ٻڌي داد رسي ڪري پر افسوس ته وقت جي معزز ججن انصاف جي پيڪرن وٽ ايترو وقت ئي نه ھو جو ڪنھن مظلوم نياڻي نماڻي جي دانھن ڪوڪ ٻڌي ڪو حڪم نامو جاري ڪري سگھي وڏي ڳالهھ ته پاڻ 6 سالن کان پيرن اگهاڙي ھڪ عدالت کان ٻئي عدالت جا دروازا کڙڪائيندي رھي پر افسوس کيس ڪٿي به انصاف نه ملي سگھيو جيڪڏهن عدالتن اندر ملي ته صرف تاريخ…! ۽ تاريخ تي تاريخ ملندي رھي پوءِ اڄ ڏينھن تائين صرف ملي ته تاريخ…!! اُم رُباب جو ڏاڏو والد پورو خاندان قائد اعوام ذوالفقار علي ڀٽو جي جمھوريت جا پوئلڳ ھئا جنھن ۾ غريبن مسڪينن کي درن تي روٽي ڪپڙا اور مڪان سان گڏ انصاف ملي سگھي ھِي ڳالھ واضح آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو سرداري نظام ڀوتارڪي ڪلچر جي خلاف ھو پاڻ اھڙي نظام خلاف بغاوت ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ھو جنھن سبب سندس خاندان ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ مرڻ گھڙي تائين پيپلز پارٽي سان ساٿ نڀائيندا رهيا پر افسوس ته انھن کي ڪھڙي خبر ته اسان جا قاتل اسان جي پنھنجي پارٽي پيپلز پارٽي جو سھارو وٺي اسان کي مارڻ کان پوءِ سرعام گھمندا ڦرندا رھندا سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڀٽو صاحب جي زبان ڪري ڇڏيو ھو ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته اڄ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي تي سندس جماعت پارٽي سردارن ڀوتارن وڏيرن جي پارٽي بڻجي ويندي آخر ۾ سنڌ جي سورمن ۽ سورمين کي عرض گذار آھيان ته جيڪڏهن سنجيدگي سان سرداري نظام ڀوتارڪي ڪلچر جي خلاف اٿي بيھڻ چاھيو ٿا زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو ھِن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪيو جيئن توهان ۾ ھمت حوصلو پيدا ٿي سگھي ۽ توھان سڀ بھادر بڻجي My Foot سردارن ڀوتارن خلاف حق سچ جو عَلم بلند ڪري سگھو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.