سنڌ پوليس جو ورتاءُ به ”ڏاڍي تي ڪاوڙ اچي نه ۽ هيڻي تان لهي نه“ وارو آهي

هونئن ته سنڌ ۾ پوليس گردي ڪا نئين ڳالهه ناهي پر هن جديد دؤر ۾ به اها گهٽجڻ جي بدران وڌي رهي آهي، ڪوڙا پوليس مقابلا ، جنهن کي پوليس نئون نالو ” فل فراءِ“ ڏنو  آهي، سنڌ ۾ ڪٿي نه ڪٿي نوجوانن کي فل يا هاف فراءِ ڪيو وڃي ٿو. ويجهڙ ۾ پڻ اهڙا افسوس جوڳا ڪجهه واقعا ٿيا آهن، جنهن ۾ پوليس قانوني، آئيني ۽ انساني حدون اورانگهيندي مختلف شهرن ۾ ٽن نوجوانن کي فل فرائي ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن موجب ملير پوليس دولت پور واسي ياسين  مري، جيڪو  ڪراچي شهر ۾ هڪ شادي هال ۾ مزدوري ڪندو هو، تنهن کي گرفتار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو، سندس وارثن احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته  ملير پوليس اسان جي نوجوان ياسين مري کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي سندس ڳاٽو ڀڃي ڇڏيو، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو، ۽ پوليس سندس لاش جي بي حرمتي ڪندي لاش کي گولين سان پروڙ بڻائي پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪئي، جنهن ۾ ڪابه صداقت ناهي.ڪراچي پوليس باڊهه واسي نوجوان عامر علي ڀاڳت کي پڻ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ عمران ڪٽو کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو هو، سندس ڀاءُ جو چوڻ آهي ته رات جو آئون کيس لاڪپ ۾ ماني به پهچائي آيو هئس پر رات جو پوليس مٿس بدترين ۽ غير انساني تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لاش کي سول اسپتال جيڪب آباد ۾ ڦٽو ڪري ويا.

سال کن اڳ جيڪب آباد ضلعي جي شهر ٺل ۾ نوجوان سماجي ڪارڪن صدام حسين لاشاري کي پڻ  ٺل پوليس بااثر ماڻهن جي چرچ تي گرفتار ڪري ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. شفاف جاچ ٿيڻ کان پوءِ اهو ثابت ٿي ويو ته مقتول نوجوان صدام حسين لاشاري بي گناهه هو، جنهن جو ڪنهن به ڏوهي گروهه سان لاڳاپو نه هو ۽ نه ئي ڪنهن تخريب ڪاري ۾ ملوث هو، صدام حسين لاشاري جي قتل جو راڄوڻو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ملوث اهلڪارن تي ڏنڊ وڌو ويو، جنهن کان پوءِ مٿن ڪيس ختم ڪري  کين نوڪرين تي بحال ڪيو ويو.

ساڳي طرح  ڪجهه وقت اڳ ڪشمور پوليس پڻ مزاري برادري جي هڪ نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو هو، توڙي جو ان معاملي ۾ ملوث ڪو به پوليس اهلڪار گرفتار ناهي ٿيو، پر پلاند جي ڊپ  کان پوليس اهلڪارن راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

جيتوڻيڪ عمران ڪٽو جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي عوامي دٻاءُ سبب گرفتار ڪيو ويو آهي، پر امڪان آهي پوليس پنهنجي پٽي ڀائرن کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي ۽ مقتول جي وارثن کي هراسان  ڪري ڪيس داخل ڪرڻ يا ان کان هٿ کڻڻ  لاءِ چيو ويندو. ڇاڪاڻ ته آخري اطلاعن تائين پوليس مقتول نوجوان عمران ڪٽو جي قتل جو ڪيس ملوث اهلڪارن تي داخل ناهي ڪيو.

پوليس جي ان ظلم، داداگيري ۽ دهشتگردي  جي خلاف شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو ۽ قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن جو ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او سميت چار اهلڪارن کي گرفتار  ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ پوليس جو ورتاءُ  به ” ڏاڍي تي ڪاوڙ اچي نه ۽ هيڻي تان لهي نه“ وارو آهي، جيڪا غريب پورهيتن کي  مارڻ لاءِ ته شينهن بڻيل آهي،  اهڙي مثال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ٽنڊو الهيار پوليس ٻارن کي چوري ۾ ترت پڪڙي ٿاڻي تي قيد ڪري ڏيکاريو آهي. جيڪا ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي بدران پاڻ ئي پنهنجي عدالت لڳائي ڪنهن کي فل فراءِ ڪري کانئن جيئڻ جو حق کسي وٺندي آهي ته ڪنهن کي وري هاف فرائي ڪري حياتي ڀر لاءِ کين اپاهج بڻائي ڇڏيندي آهي، پر اها ڏاڍ جي علامت ۽ ڏيهه لاءِ عذاب بڻيل ڏوهارين جي آڏو وڃڻ کان لنوائيندي رهندي آهي.جيڪي سوشل ميڊيا تي جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن جي نمائش ڪندي پوليس کي للڪاريندا رهندا آهن، پر پوليس انهن جي خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪو به ايڪشن ناهي کنيو. تازو ڪشمور ضلعي جي ڪچي واري علائقي گهيل پور ۾ ڌاڙيلن حملو ڪري هڪ اهلڪار کي شهيد جڏهن ته ٻن کي سخت زخمي ڪرڻ کان پوءِ سندن هٿيار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

جيڪڏهن ڪير ڏوهي به آهي ته انهن لاءِ عدالتون موجود آهن، پوليس کي اهو ڪو به حق حاصل ناهي ته ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏي. پوليس جو اهو عمل نه رڳو غير انساني ۽ غير قانوني آهي پر اها عدالتن جي پڻ توهين  آهي، ان لاءِ عدالتن کي گهرجي ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ٿيندڙ جعلي پوليس مقابلن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي.

ان معاملي ۾ پارليامينٽ کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ مؤثر قانون سازي ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ جعلي پوليس مقابلن جي لاڙي کي هميشه لاءِ  ٻنجو ڏنو وڃي ته جيئن پوليس هٿان بيگناهه ماڻهن جو قتلام رڪجي سگهجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.