سائفر ڪيس ڪالعدم، آخر ڇا ٿيڻ وارو آهي؟

تحرير: وفا گولو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيھي وزير شاهه محمود قريشيءَ کي سائفر ڪيس ۾ ٻڌايل سزا ڪالعدم قرار ڏني آھي.ميڊيا رپورٽن موجب چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻن ڄڻن واري بئنچ  اپيلن تي فيصلو ٻڌايو، ان کانسواءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد پڻ آزادي مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 خلاف 2 ڪيسن ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو.عمران جي سائفر مان بريت بعد سياسي حلقن ۾ هلچل مچي ويئي آهي ته آخر ڇا ٿيڻ وارو آهي.

اچو ڏسون ته اهو سائفر آهي ڇا جنهن جي ڪري ڪيترن ئي مهينن کان ممڻ متل آهي.سائفر ڪنهن به اهم ۽ حساس پيغام کي لکڻ جو هڪ ڳجهو طريقو آهي جنهن ۾ سادي ٻولي بدران ڪوڊ ٿيل ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي. هڪ عام سفارتي ڊاڪ يا خط جي ابتڙ، سائفر ڪوڊ ٿيل ٻولي ۾ لکيو ويندو آهي. ڪوڊ لينگويج ۾ سائفر لکڻ ۽ ان جي ڊيڪوڊنگ ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، ان کي رڳو لاڳاپيل شعبي جا ماهر ڊيڪوڊ ڪري سگهن ٿا. ان مقصد لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۾ 100 کان وڌيڪ گريڊ 16 جا آفيسر آهن، جن کي سائيفر اسسٽنٽ چيو وڃي ٿو. اهي سائفر اسسٽنٽ ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ به مقرر ٿيل آهن. سائفر ٻن ملڪن ۾ سفارتي عملي جي سرگرمين جو ڳجهو دستاويز هجي ٿو.

.ملڪ جي سياستدانن جي ڪيسن جي اھا تاريخ اٿلائي ڏسبي ته خبر پوندي ته جنھن تيزي سان سندن خلاف ڪيس داخل ٿيا، ان تيزي سان ئي وري ختم به ٿيا، اُھي به انھن عدالتن ۽ ادارن مان جن کين سزائون ٻڌايون ھيون، ان جو مثال ڏيڻ لاءِ پاڻ کي گھڻو پوئتي وڃڻ جي ضرورت ناھي، رڳو نواز شريف جو ئي مثال وٺو، جنھن بعد وڌيڪ ڳالھائڻ جي گنجائش نٿي رھي، ان سڄي عمل دوران قوم کي بيوقوف بڻايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اھو تاثر ڏيڻ جي ڪُوشش ٿئي ٿي ته اھي سياستدان ملڪ دشمن ۽ ڪرپٽ آھن، پر ڪجھه  ئي سالن بعد نااھل مان اھل، غدار مان محب وطن ۽ ڪرپٽ مان صاف سٿرا قرار ڏئي کين بھترين سياستدان جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو، باقي اھو نٿو ٻڌايو وڃي ته انھن  ڪيسن تي نالي وارن وڪيلن تي جيڪا قومي دولت خرچ ٿئي ٿي ان جو حساب ڪير ڏيندو؟

پاڪستان ۾ سياسي بنيادن تي داخل ٿيندڙ ڪيسن جي وڏي تاريخ ۽ ڪھاڻي آھي، محمد خان جوڻيجي ۽ ھڪ اڌ ٻئي کانسواءِ  شايد ئي پاڪستان جو ڪو وزيراعظم اھڙو ھجي، جنھن خلاف ڪيس داخل نه ٿيو ھجي، اٽڪل سڀنيءَ کي جيل جي ھوا ضرور کائڻي پئي آھي،1947 کان ھن وقت تائين ڪنھن ڪنھن جو نالو کڻجي؟ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڪيلن موجب سندس خلاف 180 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. جڏهن ته اسلام آباد ۾ داخل 10 ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن اڳوڻي وزيراعظم کي بري ڪري ڇڏيو آهي . اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌانڌلي ڪيس ۾ عمران خان کي 28 جون تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مطلب ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اپيل منظور ٿيڻ باوجود عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جيل مان آزاد نه ٿي سگهندا.

سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي بريت تي وفاقي حڪومت جو ردعمل اهو سامهون آيو آهي ته حڪومت جي قانوني معاملا بهتر هجن ها ته عدالت سائفر ڪيس کي قومي سلامتي جي نظر ۾ ڏسي ها، عدالتن مان هڪ مخصوص سياسي جماعت ۽ شخصيت لاءِ نرم فيصلا ايندا رهيا رهن.سائفر ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو حڪومت نه پراسيڪيوشن کي ڪرڻو آهي،

سائفر هڪ حقيقت آهي، نيشنل سيڪيورٽي تي ڪا سوديبازي نٿي ٿي سگهي، نيشنل سيڪيورٽي جي معاملي کي ان ڪئميرا به ڏسي سگهجي ٿو.سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ حڪومت قومي سلامتي جي حفاظت هر قيمت تي ڪندي، اڄوڪي فيصلي کانپوءِ هڪ پينڊورا باڪس کلي ويو آهي، اهي تمام  ڪيس هو، عدالتن کي قومي سلامتي جي خبر هجڻ گهرجي.

تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ کانپوءِ چيو آهي ته سڀئي ڪيس ڪوڙا آهن، سڀني ڪيسن کي منهن ڏيندس ۽ ڪامياب ٿيندس.عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ قانوني ٽيم جي ميمبرن خواجا حارث، انتظار پنجوٿا ۽ شاهه فيصل ايڊووڪيٽ ملاقات ڪري اهڙيون ڳالهيون پڻ ڪيون آهن

بحرحال اسلام آباد ۾ سياسي گرمي پد سائفر جي ڪيس ڪالعدم ٿيڻ کان پوءِ وڌي ويو آهي. سياسي حوالي سان اسلام آباد ۾ ڪافي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڪي چون ٿا ته عمران ۽ اسٽيبليشمينٽ ۾ ٺاھ ٿي ويو آهي جنهن سبب جيڪري هن کي ڪيسن ۾ نرمي ملي رهي آهي سياسي پنڊت ته اهو به چئي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيئي شهباز سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏنو ويندو يا وري سندس حڪومت ڪيرائي ويندي سياسي آسمان مٿان جيڪري ڪڪر برسڻ لاءِ ترسي رهيا آهن اهي ڪهڙي وقت وسندا اهو چوڻ قبل از وقت هوندو پر ٿوري غور ويچار سان ڏسجي پردي پٺيان ڪجھه  نه ڪجھه  ٿيڻ وارو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.