بلوچ نياڻين کي ٻاهرين ملڪن ۾ ملندڙ مڃتا ۽ بلوچستان  جو آواز

تحرير:

وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي سيڪريٽري جنرل سميع دين بلوچ ۽ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچ گم ٿيل ماڻهن جو قافلو خالي هٿين اسلام آباد کان بلوچستان پهچڻ باوجود بھ حڪومت کان جنگ کٽي ويو. پاڪستان انھن جي ڳالھه نه ٻڌي پر اڄ سڄي دنيا کين نه رڳو ٻڌي رهي آهي پر کين انساني حقن جي ايوارڊ سان نوازي رھي آھي. بلوچستان جون ٻئي ”بانڪون“ (شهزاديون) پنهنجي سياسي ڏاهپ، همت ۽ بھادري سان هارايل جنگ کي فتح ۾ بدلائي ڇڏيو آھي. ان عمل کي ”سياسي حڪمت عملي“ چئبو آھي. هن غير سياسي حڪومت جي سامهون ”سياسي بصيرت“ جي ڳالهه ڪرڻ ”انڌن جي شهر ۾ آئيني وڪڻڻ برابر آھي“.

ڊسمبر 2023 جي ٽئين هفتي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي لاءِ، لانگ مارچ اسلام آباد ۾ داخل ٿيو. جتي اسلام آباد پوليس مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو. جنهن  ۾ ڪئين عورتون ۽ ٻارڙا  زخمي ٿيا ۽ مارچ جي قيادت  ڪندڙ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. غيرمھذب پوليس، بلوچ روايتن کي طاقت جي زور تي لتاڙي ڇڏيو، بلوچي ”پوتيون“ بندوق جي زور تي عورتن جي مٿن تان لاٿيون ويون.کين وارن مان پڪڙي گھليو ويو۽ زوري پوليس موبائيلن ۾وڌو ويو. کين مختلف ٿاڻن ۾ باندي رکيو ويو.

مئي 2024ع جي آخري هفتي ۾، مهذب حڪمرانن ۽ غير مھذب حڪمرانن ۾ ھڪ چٽو فرق سامهون آيو. بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي سيڪريٽري جنرل سميع دين بلوچ يورپ پهتيون ته سندن شاندار استقبال ڪيو ويو.کين عزت ڏني وئي ۽ هنن کي ٻڌو بھ ويو.

اڄ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچ تحريڪ کي دنيا ۾ مڃتا ملي رهي آهي ۽ دنيا پڻ مجبور آھي تھ بلوچ سماج ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ خاموشي اختيار نھ  ڪري. ڇاڪاڻ ته يورپ جي وڌيڪ خاموشي انهن  جي جمھوريت تي هڪ داغ بڻجي سگهي ٿي. انهن کي پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پئي،يورپ اها خاموشي تڏهن ٽوڙي ڇڏي جڏهن اسلام آباد ۾ پنجابي پوليس بلوچ عورتن تي تشدد ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير رينا ڪوئنڪ پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊل ”ايڪس“ تي نه رڳو اسلام آباد پوليس جي رويي جي مذمت ڪئي پر بلوچن تي تشدد کي غير انساني عمل قرار ڏنو. يورپي سفير چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ سياسي عمل کي عالمي شهري حقن جي قانون جي به ضمانت مليل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ شهرين کي پنهنجو سياسي عمل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. ان وقت يورپي يونين جي سفير رينا ڪوئنڪ جو اهو بيان اسلام آباد حڪومت لاءِ هڪ معمولي ڳالهه هئي،پر اڄ اها ڳالھ غير معمولي بيان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

اڄ دنيا بلوچستان جي شهزادين (نياڻين) کي ٻڌڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. بلوچ عورتن اها ڪاميابي پنهنجي ڊگهي سياسي جدوجهد ذريعي حاصل ڪئي آهي. آئرلينڊ جي گادي واري شهر ڊبلن ۾ منعقد تقريب ۾ وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي سيڪريٽري جنرل سميع دين بلوچ کي فرنٽ لائن ڊيفيڊرز ايوارڊ 2024 سان نوازيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سميع دين چيو ته آخري گم ٿيل شخص جي بازيابي ۽ آزادي تائين آرام نه ڪنديس. اهڙي طرح ناروي ۾ انساني حقن جي حوالي سان منعقد ٿيل ڪانفرنس کي بلوچ  يڪجھتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ به خطاب ڪيو ۽ بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ اجتماعي قبرن جي دريافت تي تفصيل سان ڳالھايو.هن ڪانفرنس ۾ دنيا جي 44 ملڪن مان انساني حقن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ناروي پنهنجي ڊگهي جمهوري روايتن ۽ نوبل امن انعام جي نسبت سان شهرت رکندڙ ملڪ آهي.

سميع دين ۽ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ يورپي ملڪن پاران مليل اعزاز جون حقدار آهن. ٻئي ”موروثي“ سياستدان نه آهن پر رياستي جبر ھنن کي ان  مقام تي پھچايو آهي. ڪنھن جو والد گم ڪيو ويو آھي تھ ڪنھن جي والد جو چٿيل لاش مليو آھي. سميع دين بلوچ جي والد ڊاڪٽر دين محمد بلوچ کي 28 جون 2009 تي خضدار ضلعي جي علائقي اورناچ جي اسپتال مان اغوا ڪيو ويو ھو. سندس خاندان جي انتھائي ڪوششن، پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ بلوچستان ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ باوجود سندس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آھي. جيڪو اڃا تائين گم آهن.سندس والد جي اغوا بعد مشڪي ۾ سندس گهر کي باهه ڏئي ساڙي ويو. سمي جي ماءُ پنهنجي جان بچائي ڪراچي ۾ پناهه ورتي. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو والد مير عبدالغفار لانگو ،واپڊا ۾ ملازم ھو ،ڊگهي عرصي کان ٽريڊ يونين اڳواڻ  رھيو۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ يقين رکندڙ سياسي اڳواڻ هو.سندن اباڻو ڳوٺ ضلعي قلات ۾ آھي. ڊاڪٽر ماه  رنگ سميت کيس پنج نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهن. مير عبدالغفار لانگو کي سندس سياسي سرگرمين سبب 2006ع ۾ پهريون ڀيرو جبري گم ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو ڪجهه عرصي بعد واپس آيو. 2009ع ۾ کيس زبردستي ٻيو ڀيروگم ڪيو ويو ۽ 2011ع ۾ سندس چٿيل لاش مليو.

بلوچ تحريڪ جي سڀ کان وڏي خوش قسمتي اها آهي ته بلوچ عورتون بک هڙتالن، احتجاجن ۽ لانگ مارچن ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اها ھن وقت جاري بلوچ تحريڪ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. تحريڪ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. اها هڪ نظرياتي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. هن تنظيمي ترقي هڪ سائنسي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. جيڪا هڪ صنف تي ٻڌل نه آهي، بلڪھ مرد و عورت يڪمشت ٿي چڪا آهن، ۽ اها تحريڪ ڪنهن هڪ فرد جي چوڌاري پڻ نٿي ڦري. پر هڪ مڪمل تنظيمي ڍانچي وانگر هلي رهي آهي. هن جنگ هڪ ٻيو نسل پيدا ڪيو آهي. هاڻي هي نسل به عورت جي روپ ۾ موجود آهي.

ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ، ڊاڪٽر صبيحه بلوچ، سميع دين بلوچ، ڊاڪٽر شلي بلوچ، آمنه بلوچ، سيما بلوچ، سعديه بلوچ سميت هزارين بلوچ  نياڻيون ۽ بلوچ شاگردياڻيون سرگرم آهن، جڏهن ته ٻئي طرف انھن نياڻين سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائي ھلندڙ سندن بزرگ پڻ آهن.جن ۾ پھرين صف ۾واجھ صبغت الله عرف شاهه جي ۽ ٻيا شامل آهن.

بلوچ قوم کي پنهنجي نياڻين تي فخر آهي. بلوچ سماج هڪ ارتقائي عمل مان گذري رهيو آهي. ھاڻي ان ارتقائي عمل کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، بلڪھ هاڻي لفظ ”مرد يا مڙس  جي پٽ“ واري محاوري جي جاءِ تي  ”ماءُ جي ڌيءَ “ ڪتب آندو وڃي. هاڻي هر ڪنهن کي عورت جي وجود ۽ حيثيت کي مڃڻو پوندو ڇو ته عورت ئي مرد کي جنم ڏنو آهي. اها هڪ حقيقت آهي.ان حقيقت کي نھ مڃيندڙ کي پنھنجي وجود کان انڪاري تصور ڪيو ويندو.

اڄ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچ تحريڪ کي دنيا ۾ مڃتا ملي رهي آهي ۽ دنيا پڻ مجبور آھي تھ بلوچ سماج ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ خاموشي اختيار نھ  ڪري. ڇاڪاڻ ته يورپ جي وڌيڪ خاموشي انهن  جي جمھوريت تي هڪ داغ بڻجي سگهي ٿي. انهن کي پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پئي،يورپ اها خاموشي تڏهن ٽوڙي ڇڏي جڏهن اسلام آباد ۾ پنجابي پوليس بلوچ عورتن تي تشدد ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير رينا ڪوئنڪ پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊل ”ايڪس“ تي نه رڳو اسلام آباد پوليس جي رويي جي مذمت ڪئي پر بلوچن تي تشدد کي غير انساني عمل قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.