ٽيون ڏينهن عوام سان تڏهن تماشو ڪيو ويو جڏهن پئٽرول ۽ ڊيزل جا اعلانيل نوان اگهه ڪجهه لمحن اندر واپس ورتا ۽ تبديل ڪيا ويا۔ پئٽرول پمپ مالڪن ڪجهه لمحن تائين اعلانيل نون اگهن تي تيل وڪرو ڪري پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ عوام کي سرپرائيز ڏني۔وزيراعظم جي منظور شده اگهن موجب پئٽرول پندرهن رپيا ۽ ڊيزل ڏهه رپيا گهٽايو ويو هو جيڪو ڪجهه لمحن بعد نوٽيفڪيشن وسيلي پئٽرول چار رپيا ۽ ڊيزل ٻه رپيا گهٽائي وزيراعظم ۽ عوام کي هڪ قسم جو سرپرائيز ۽ تاثر ڏنو ويو ته ن ليگ جي حڪومت ۽ انجو وزيراعظم ڪجهه وزيرن جي هٿ يرغمال ٿيل آهي جيڪي پاڻ فيصلا ڪن ٿا ۽ وزيراعظم جي مشورن تي عمل نٿو ڪيو وڃي.
جڏهن پئٽرول اگهن ۾ پندرهن رپين جي لاٿ جو اعلان ٿيو ته حڪومتي وزيرن جي هڪ مخصوص گروهه ان کي عوام لاءِ حڪومتي رليف قرار ڏنو هو ۽ ڌڙا ڌڙ بيان ڏنا هئا ته حڪومت عوام کي وڏو رليف ڏنو ويو آهي۔وزيراعظم ان ڏس ۾ پنهنجي ڪابينه آڏو بيوس ڏسڻ ۾ آيو جنهن ڪنهن به قسم جي ڪا وضاحت جاري ناهي ڪئي نه وري قوم کي اعتماد ۾ ورتو آهي۔هونئن به حڪومت کي قسم کڻندي ٽي مهينا گذري چڪا آهن پر وزيراعظم هن وقت تائين قوم کي نه خطاب ڪيو آهي نه وري اعتماد ۾ ورتو آهي جڏهن ته انهيءَ وچ ۾ ملڪ مختلف سياسي ۽ معاشي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي چڪو آهي جنهن کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جي اشد ضرورت آهي.
جڏهن کان سياسي بنيادن تحت پي ٽي آءِ خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ٿيون آهن ۽ عمران حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آئي تڏهن کان ن ليگ ۽ سندس اتحادين جي ڪمزور حڪومت وجود ۾ آئي جنهن کي اٺين فيبروري وارين عام چونڊن وسيلي ٻيهر سگهه ته ڏني وئي پر جمهوريت ۽ ادارن کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪا به مثبت ڪوشش ناهي ڪئي وئي سواءِ نيب ۽ عدالتن وسيلي ڪجهه مراعتون ورتيون ويون, نيب ڪيس ۽ سزائون ختم ڪرايون ويون جن تي عوام ۾ خدشا ۽ ڳڻتيون پئدا ٿيل آهن ته هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون هوندي انجي ابتڙ حڪمراني جو ڪهڙو جواز آهي ?۔روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ کاڌ خوراڪ واريون شيون بجلي تيل ۽ گئس جا اگهه چوٽ چڙهي چڪا آهن جن جو حڪومت کي ڪنهن به قسم جو ڪو فڪر ناهي سواءِ نائين مئي ۽ 28 مئي جي بيانئي جي جن کي قوم عام چونڊن ۾ رد ڪري چڪي آهي ۽ اهي ملڪ ۾ مضبوط سياسي جمهوري حڪومت جي قيام ۽ مهانگائي جو خاتمو چاهين ٿا جيڪا ن ليگ جي هن اتحادي حڪومت ختم ڪري ناهي سگهي اڃا به آءِ ايم ايف سان خفيه ٺاهه ٿي رهيو آهي جنهن سان ملڪ کي مهانگائي جي خوف ناڪ ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن کي عوام شايد ئي قبول ڪري۔هونئن به بجيٽ بعد ملڪ ۾ حڪومت مخالف تحريڪن ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ مخالف ڌر جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي پنهنجيون پنهنجيون حڪمت عمليون به جوڙي ورتيون آهن. خدا خير ڪندو.
موجوده صدر مملڪت ۽ پ پ پ سربراهه آصف علي زرداري علاج ۽ آرام واري پراڻي فلسفي هيٺ دبئي پهتل آهي. ايوان صدارت سينيٽ جو چيئرمن جناب سيد يوسف رضا گيلاني پيو هلائي ۽ آرڊيننس پيا نڪرن جڏهن ته اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي هن وقت پي ٽي آءِ پليٽ فارم تان سياسي طور سرگرم ٿي چڪو آهي جنهن ٽيون ڏينهن ڇرڪائيندڙ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو اٿس جنهن ۾ هن سڌي ۽ اڻسڌي طرح طاقتور ادارن ۽ حڪومت کي هڪ قسم جو پيغام ته پنهنجي جاءِ تي ڏنو آهي پر ن ليگ جي اصليت کي ظاهر ڪيو اٿس۔ڊاڪٽر عارف علوي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي محمود الرحمان ڪميشن واري بيان جي تائين ڪندي چيو آهي ته عمران خان جو اهو جيڪڏهن غداري تي ٻڌل بيان آهي ته ان کان اڳ ن ليگ جي سربراهه ميان محمد نوازشريف ۽ سندس ٻين اڳواڻن ماضي ۾ هن قسم جا سوين بيان ڏئي چڪا آهن ۽ محمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ جي آڌار تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪا آهن جيڪي خود به غداري جي زمري ۾ اچن ٿا تن جي بيانن جو ان وقت ڪهڙي سبب نوٽيس ڇو نه ورتو ويو جو هاڻ ورتو ويو آهي۔هن عمران خان کي محب وطن سڏيو ۽ چيو ته هو ملڪ جو واحد اڳواڻ آهي جنهن ملڪ ڇڏڻ بدران جيل ۾ رهي پنهنجي مٿان لڳل الزامن ۽ هٿرادو جڙتو ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪا ڪنهن ٻئي ۾ ناهي.ملڪ جا سياسي اڳواڻ وڪيل ۽ قومي اينڪرن به ميان محمد نواز شريف سميت مختلف ن ليگ اڳواڻن پاران محمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ تي جاري ڪيل بيانن جون آڊيو وڊيو منظر عام تي آنديون آهن جن ۾ انهن اهڙي رپورٽ ظاهر ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪندا ادارن تي تنقيد ڪندا رهيا آهن۔
هونئن به ڏٺو وڃي ته ن ليگ جا اقتدار جي حصول لاءِ سمورا سياسي بيانيا هن وقت جڏهن ناڪام ٿي چڪا آهن هاڻ ججن خلاف ۽ محمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ واري نئين بيانئي سان سامهون اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پراڻين قبرن کي کوٽڻ ۽ لاش ڪڍڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو پر ملڪ جو مضبوط دفاع وقت جي ضرورت آهي جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني يا ڪنهن ٻئي اهڙي قسم جي ڪا ڀڃڪڙي ڪري ملڪي دفاع کي نقصان پهچايو آهي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي۔ ملڪي ادارا پي ٽي آءِ جي سربراهه ۽ ڪجهه اڳواڻن کي ان ڏس ۾ جاچ ۾ شامل ڪيو آهي جڏهن ته اها جاچ هر ان ڌر لاءِ به ٿيڻ گهرجي جن جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي به نشاندهي ڪئي آهي۔بهرحال ڏسجي ته ن ليگ جو محمود الرحمان وارو اهو نئون بيانيو ڪيتريقدر ڪامياب ٿو ٿئي يا انجا ابتڙ نتيجا ٿا نڪرن۔
ڊاڪٽر عارف علوي جي سياسي ميدان تي ظاهر ٿيڻ ۽ محمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جي آئيني ۽ قومي تشريح ڪري ن ليگ کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جيڪا سياسي طور ٻڏتر جو شڪار نظر پئي اچي. لڳي ٿو ته اهڙو بيانيو سندس ڳچي ۾ نه پئجي وڃي۔ن ليگ عدالتن ۾ پنهنجي مرضي وارا جج آڻڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي جيڪا في الحال ناڪام وئي آهي جنهن سان به ن ليگ ٻڏتر جو شڪار آهي۔هونئن به ن ليگ سدائين ڪمزور عدليه ۽ ڪمزور ججن جي فيصلن مان سياسي فائدا ماڻيا آهن هن ڀيري اها مايوس آهي.
هن وقت عدالتي سطح تي به عمران خان کي آئيني ۽ قانوني طور ڪجهه ڪيسن ۾ رليف ملي چڪو ۽ ڪجهه ملڻ جا امڪان به آهن۔جڏهن ته ن ليگ ججن کي مختلف ذريعن وسيلي خوفزده ڪري مختلف نوعيت جا بيان ڏئي رهي آهي جن سان ن ليگ پاڻ کي عدالتي نظرن ۾ وائکو ڪيو آهي جن جو ججن نوٽيس به ورتو آهي۔سپريم ڪورٽ جي 13 ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ بئنچ پي ٽي آءِ سربراهه جو مخصوص سيٽن ۽ بيٽ جو نشان ختم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي جيڪڏهن فارم 45 بحال ٿين ٿا ۽ مخصوص سيٽون به پي ٽي آءِ کي واپس ملن ٿيون ته انجي ايوان ۾ اڪثريت ممڪن ٿيندي پر اهڙو ڪو امڪاني فيصلو سامهون اچي ن ليگ حڪومت عمران خان مٿان غداري سميت نيب جا نوان ڪيس مڙهائي سندس پارٽي تي بندش هڻائڻ جو سوچي ورتو آهي پر سندس اهڙي سوچ شايد ئي ڪامياب ٿئي جو ن ليگ مخالف ڌريون هن وقت ڪنهن امڪاني سياسي محاذآرائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن سان ملڪ سياسي ۽ معاشي انتشار جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ لولي لنگڙي جمهوريت به هٿن مان هلي وڃي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت سياسي ڌرين ۽ ادارن وچ ۾ هم آهنگي پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي قومي سطح تي ڊائلاگ ٿين ۽ عوام کي ايندڙ بجيٽ کان اڳ ۽ پوءِ ممڪن حد تائين رليف ڏئي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي۔سرڪاري ملازمن پينشنرن ۽ مزدورن جون اجرتون وڌايون وڃن جنهن لاءِ آءِ ايم ايف کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش پهرين فهرست هجي.