باب الاسلام جو لقب رکندڙ سنڌ امڙ، ولين پيرن فقيرن، درويشن سان رشتن ناتن ۾ جڙيل سنڌ جا ٻارڙا نياڻيون جڏهن ڪالهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان منصوب ورسٽي ۾ روڊ تي ويهي نٽهڻ اس ۾ پيپر ڏئي رهيا هئا ته يقينن سنڌ امڙ جي جهولي اڀ ڏاريندڙ پار ڪري روئي رهي هوندي. هيءَ ڪهڙي سياست آهي ڪهڙيون تنظيمون آهن ؟ ڪهڙيون يونيورسٽي جون يونينز آهن جيڪي 50 سينٽي گريڊ جهڙي گرمي ۾ٻارڙن جا امتحان اڌ ۾ روڪي آچر جي ڏينهن موڪلن جا نوٽيفڪيشن نڪري رهيا آهن اوچتو يونيورسٽي جا ميڊيا پي آر اوز بدلي ٿي بغير جرنسلزم ڊگري جي ماڻهو يونيورسٽي جا پي آر او ٿي رهيا آهن صرف اهي ڏوهه ۾ پي آر آو اها پريس پڌرائي ڇو ڏني ته امتحان پنهنجي مقرره وقت تي ٿيندا.
هي ڪٿان جو دستور آهي ته يونينس رجسٽرار ۽ وائيس چانسلر وچ ۾ اختلافن سبب سنڌ جا هزارين ٻارڙا نياڻيون امتحانن کان محروم ٿي رهيا آهن. رات جي اونداهي ۾ هاسٽلن تي يونيورسٽي انتظاميا شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هاسٽلن تي ڏوهارين جيان ريڊ ڪرائي انهن کي اڌ رات جي پيٽ ۾ هاسٽلن مان جبري ڪڍي ڇڏيو. اڌ رات جو منهنجي سنڌ جون نياڻيون ۽ نوجوان خيرپور جي روڊن رستن رڪشائن، مٽ مائٽن، پارڪن جي ٻاهران چونڪن چوراهن تي ڏورانهن علائقن جا ٻارڙا بيهي ۽ ويهي رات گذاريندا رهيا ۽ رستن تي ڪپڙن جا ٿيلها کڻي رات جي پيٽ ۾ روئيندا رهيا ڪٿان جو قانون آهي ته يونيورسٽي انتظاميه ايتري حد تائين شاگردن سان ظلم ڪري ته هنن کي رات جي اونداهي ۾ ڪڍي پيپر نه ٿيڻ ڏئي.
يونيورسٽي جي 80 سيڪڙو استادن جو موقف آهي ته سخت گرميون آهن جڏهن ٻارڙن جا 70 سيڪڙو امتحان ٿي چڪا آهن ته بقايا ٻه يا ٽي پيپر ڪهڙي قانون موجب روڪيا پيا وڃن اسان جا شاگرد وئڪيشن کان پوءِ وري امتحانن جي ٻيهر تياري ڪيئن ڪندا شاگردن ۽ شاگردياڻين جو موقف هو ته ڪيترائي اهڙا شاگرد آهن جن کي امتحان ۾ سپلي لڳل آهي ۽ فيل به آهن جيڪڏهن وقت تي امتحان نه ٿيو ته اگسٽ ۾ وقت تي رزلٽ نه اچڻ ڪري هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي سگهي ٿو.
حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته وائيس چانسلر ڪراچي ۾ هڪڙي ميٽنگ تي ويل آهي جنهن مٿان به ڪورٽ ڪيس هلندڙ آهن ته ٻئي طرف پويان ويٺل رجسٽرار ۽ يونين جي نمائندن امتحانن جو بائيڪاٽ ڪري وائيس چانسلر جي غير موجودگي ۾ انهيءَ جي خلاف پاڻ فيصلو ڪري انهيءَ جا سمورا رکيل نمائندا هٽائي امتحانن کي روڪي ڪري شاگردن کي هاسٽلن مان جبري ڪڍي ڇڏيو. يونيورسٽي انتظاميا صبح سوير يونيورسٽي جي سمورن سيڪيورٽي گارڊن کي گهرائي انهيءَ کي سختي سان تاڪيد ڪيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽي اندر ڪنهن به صورت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي ڪجهه به ٿي وڃي پر استادن کي پيپر وٺڻ نه ڏيندا سين صبح کان وٺي ويندي منجهند تائين سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون يونيورسٽي جي گيٽ تي بيٺا رهيا. انتظاميا کي منٿون ڪندا رهيا پر رجسٽرار ۽ يونين جا اڳواڻ شاگردن جي هڪ به ٻڌڻ لا تيار نه هئا سري عام پراڻي نيشنل هاءِ وي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڌڪا ڏئي گارڊن نياڻين کي ٻاهر ڪڍي ڌڪا دهمان ڏئي کين کي تذليل جو نشانو بڻايو. ڪجهه شاگرد فزڪس شعبي ۾ داخل ٿي ويا ۽ پيپر ڏئي رهيا هئا ته يونين جا اڳواڻ ۽ رجسٽرار پنهنجا ماڻهو موڪلي انهن کان هلندڙ پيپر کسيا ۽ نياڻين کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر ڪڍيائون. اڄ سرڪار لطيف جو روح به رنو هوندو اهو لڪاءُ ڏسي هي ورسٽي آهي يا ڪو ٿاڻو ائين پئي لڳو ته هي ادارو خيرپور ۾ نه پر ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، گهوٽڪي جي ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ ايندڙ ڪچو آهي جنهن ڪچي ۾ گهمندي ڪجهه بااثر اڳواڻ نياڻين ۽ شاگردن جي وٿي وٿي تي تذليل ڪري رهيا آهن. جس لهڻن اهي استاد جن شاگردن جي مستقبل ۽ امتحانن تي سودو ڪنهن به صورت ۾ نه ڪيو ۽ يونيورسٽي جي مين گيٽ ٻاهران گرم اٻرندڙ روڊ تي نياڻين ۽ شاگردن کان پيپر ورتا آهن پر انتظاميا کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ترس نه آيو. اڄ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صحت سخت گرمي سبب خراب ٿي چڪي آهي.
پاڪستان جي تاريخ بلڪي يقينن دنيا جي سمورين يونيورسٽين جي تاريخ ۾ ايئن ڪڏهن به امتحان نه ورتو ويو آهي. هي کليل نياڻين شاگردن جي تذليل آهي سياسي ۽ انتظامي جهيڙي سبب نياڻين کي ايئن گيٽن تي ويهاري 50 سينٽي گريڊ جهڙي سخت گرمي ۾ پيپر ورتو ويو ڪٿان جو آئين قانون آهي ته انتظاميه ملازم پنهنجا جهيڙا پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن جي مستقبل سان کيڏن.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جا شاگرد امتحان ڏئي رهيا هئا ته نيشنل هاءِ وي تي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون، ٽرڪ ڊرائيور، چنگچي، رڪشا وارا کين کي ڏسي حيرت جو اظهار ۽ يونيورسٽي انتظاميا مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن ڪير پيءُ برداشت ڪندو ته هن جي نياڻي کي سيڪيورٽي اهلڪار ڌڪا ڏئي پيپر نه ڏيئڻ ڏين ۽ يونيورسٽي ٻاهران گيٽ تي ويهاري نٽهڻ اس ۾ پيپر ڏين . اهو سڀ ڪجهه ڪامورا سياسي حڪمران بيوروڪريٽ برداشت ڪري ويندا جن جي اولاد يورپ ۽ ملڪ جي مهنگين پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ پڙهي رهي آهي هي يونيورسٽي ته منهنجي سهڻي درويش ڀٽائي جي نالي سان منسوب يونيورسٽي آهي هن يونيورسٽي ۾ اڪثر ٻارڙا هارين، ڪڙمين، مزدورن جي اولاد منجهان آهن هن جو والي وارث ڪير به نه ٿيندو.
رجسٽرار يونيورسٽي جي ملازمن انتظاميا کي جهيڙو جهٽو ڪرڻو آهي ته پاڻ ۾ ڪن خدارا نياڻين ۽ شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪن هتي هر طرح جو ظلم ٿي رهيو آهي جنهنجي جي ذميوار انتظاميا پاڻ آهي. اڄ جو ڏينهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي تاريخ ۽ علم پرائيندڙ لاءِ ڪارو ڏينهن آهي. هي ڏينهن صدين تائين ڪاري ڏينهن طور سڃاتو ويندو. هن ڏينهن کي شعوري تعليمدان سنڌ جا ارڏا ڪنهن به صورت ۾ نه وساريندا سنڌ واسين جو اعلي اختيارين کان مطالبو آهي ته اڄ جي ڏهاڙي نياڻين کي ڌڪا ڏيندڙن ۽ شاگردن کي پيپر کان روڪيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين کي جيل اماڻي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر ڪير به سنڌ جي نياڻين ۽ ٻارڙن سان اهڙي غير مهذباڻي رويي سان پيش نه اچي سگهي.