نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيو يارڪ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ٽيم 77 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪوشل مينڊس 19، انجيلو ميٿيوز 16، ڪامندو مينڊس 11 رنسون ٺاهيون، ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
ڏکڻ آفريقا جي نورجي 4، مهاراج ۽ ربادا 2-2، بارٽمين هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 16.2 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.
ڊي ڪوڪ 20، مارڪرم 12، سٽبس 13، ڪلاسين 19، ڊيوڊ ملر 6 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا جي هاسارنگا 2، شناڪا ۽ نوان ٿشارا 1-1 وڪيٽ ورتي.
southafrica srilanka icc t20worldcup2024